پاڪستان ۾ بجلي تي هلندڙ اسڪوٽر تيار
پاڪستان جي هڪ شاگرد عبدالباسط بجلي تي هلندڙ اسڪوٽر تيار ڪري ورتو آهي. جنهن ۾ پيٽرول جو استعمال بلڪل نه ٿيندو. هي اسڪوٽر 2 کان 3 ڪلاڪن اندر چارج ٿي ويندو ۽ 60 ڪلو ميٽر تائين هلندو. هن جي بيٽري چارج ڪرڻ لاءِ صرف 10 رپين جي بجلي خرچ ٿيندي. هي اسڪوٽر 200 ڪلو گرام تائين وزن کڻي سگهي ٿو. هن اسڪوٽر ۾ هڪ موٽر لڳل آهي ان ڪري ان ۾ ڪوبه انجڻ نه لڳايو ويو آهي، جنهن جي مرمت جو کڦو به نه ٿيندو. هن اسڪوٽر ۾ انڊيڪيٽر، اسپيڊ ڪنٽرول، اي بي اي ايس بريڪس سميت منفرد خصوصيتون موجود آهن. هن اسڪوٽر جي قيميت 40 هزار رکي وئي آهي.