انٽرويوخاص

PCS امتحان جي تياري بابت انٽرويو شوڪت اڄڻ زاهده ابڙو | # جنوري 2022

همسري

تعارف:

سڀ کان پهرين ته آئون همسري جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي موقعو ڏنو ته آئون PCS ايسپائرنٽ کي امتحان جي تياري جي حوالي سان رهنمائي ڪري سگهان، جيڪا منهنجي ذميداري پڻ آهي. منهنجو نالو شوڪت علي اڄڻ، منهنجو تعلق ضلعي مٽياري سان آهي، منهنجي شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ کان ٿيل آهي ۽ منهنجي زندگيءَ جي حاصلات ۾ اها ڳالهه سر فهرست آهي ته جڏهن مون انٽر ميڊئيٽ ڪئي ته ان کانپوءِ آئون آرمي جو ڪميشنڊ آفيسر چونڊيو ويو هئس، ڪاڪول ۾ مون ڇهه مهينا تربيت به ورتي، پر پوءِ ميڊيڪل بنيادن تي ان کي ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ مون انگريزي ادب ۾ ماسٽرز ڪئي. جنهن کانپوءِ مون ڪاليج سائيڊ تي ليڪچرر شپ ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ جو وزيٽنگ فيڪلٽي ميمبر به رهيس. ان کانپوءِ مون CSS به اٽيمپٽ ڪيو ۽ PCS 2008 ۾ ڪواليفاءِ ڪيو. 2011ع ۾ ايگزيڪيوٽو پراونشل سول سروسز گروپ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور جوائن ڪيو. بطور پهريون اسسٽنٽ ڪمشنر منهنجي پوسٽنگ ننگر پارڪر کان شروع ٿي ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر-1 تائين رهيس. ان کانپوءِ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر اپائنٽ ٿيس ۽ هن وقت مون وٽ ڊپٽي ڪنٽرولر سان گڏوگڏ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪنٽرولر آف ايگزامنيشن چارج به آهي ۽ ڪجهه وقت آئون سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن به رهيو آهيان.

زاهده ابڙو: شوڪت صاحب توهان اسان کي ڪميشن جي تاريخ جي باري ۾ ڪجهه آگاهي ڏيو ته ڪڏهن ٺهي ان ۾ ڪم ڪيئن ٿو ٿئي، ان ۾ ڪيتريون آساميون اچن ٿيون.

شوڪت اڄڻ: 1926ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان پهرين ڪميشن لاءِ پهرين ڪميٽي ٺهي هئي. ان وقت اڃان وفاق يا صوبائي ليول تي ڪميشن نه ٺهي سگهيون هيون ۽ ان ڪميٽي انهن آفيسرن جي ورڪنگ لاءِ جيڪي صلاحون ڏنيون اهي 1926ع ۾ ڏنيون. ان کانپوءِ 1935ع جو ايڪٽ آيو جنهن جي تحت مرڪزي ڪميشن آءِ. سي. ايس به ٺهي ۽ ان سان گڏ صوبائي ڪميشنون به ٺهيون. جيستائين تعلق آهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ته اها 1937ع ۾ انڊر 1935 واري ايڪٽ جي سنڌ ممبئي پبلڪ سروس ڪميشن ٺهي. 1936ع ۾ سنڌ ممبئي کان ڌار به ٿي وئي هئي، پر سنڌ ممبئي پبلڪ سروس ڪميشن 1947ع تائين جاري رهي. ان کانپوءِ اها سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بڻجي وئي. جيئن ته ان وقت بلوچستان ۾ انفرا اسٽرڪچر ٺهيل نه هو جنهن جي ڪري انهيءَ ڪميشن جو نالو سنڌ بلوچستان ڪميشن ڏنو ويو. پوءِ جڏهن ون يونٽ آيو ته اها ايسٽ انڊيا پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن ٿي وئي. وري ون يونٽ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ بلوچستان کي ڌار پبلڪ سروس ڪميشن ملي ۽ 1971ع کان اسان جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نالي سان هلندي اچي، جنهن جو ڪم اهو آهي ته سنڌ جو سڀ کان وڏو امتحان ته انتظامي ڪم ڪارين لاءِ ڪمبائينڊ ڪامپيٽيٽو ايگزام (CCE) وٺڻ آهي جيئن وفاقي سطح تي سينٽرل سپيريئر سروسز جنهن کي CSS چيو وڃي ٿو. اها وفاقي سطح تي ٻيا امتحان به وٺندي آهي، ون پيپر امتحان به وٺندي آهي، پر ان جو وڏو امتحان CSS آهي. پبلڪ سروس ڪميشن جو وڏو امتحان CCE آهي، ان کان علاوه اسان جا ٻيا امتحان به ٿين ٿا 16 ۽ 16 گريڊ کان مٿي جيتري به ڀرتي حڪومت ڪري ٿي ان جي ريڪمنڊيشن امتحان جي ذريعي اها سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪندي آهي. اها آهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مختصر تاريخ. ان کان علاوه اهو به ٻڌائيندو هلان ته هن وقت 1973ع جي آئين مطابق وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن يا جيڪي به صوبائي پبلڪ سروس ڪميشنون آهن اهي آئين جي آرٽيڪل 242 تحت هلن ٿيون.

زاهده ابڙو: اهو ٻڌائيندا ته ڇا CSS جي امتحان وانگر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان هر سال باقائدگي سان ٿين ٿا يا انهن جي وچ ۾ ڪو وقفو اچي ٿو؟

شوڪت اڄڻ: جيئن مون توهان کي هڪ ڳالهه عرض ڪئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان ٻن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙو مين ايگزام چئون ٿا اهو CCE آهي جنهن تحت مختلف انتظامي گروپ آهن جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، جنهن کي اسين ايگزيڪيوٽو پراونشل گورنمينٽ به چئون ٿا. هاڻي ان ۾ پوليس به شامل ٿي آهي، ان ۾ سيڪشن آفيسر، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، سيڪريٽريٽ گروپ شامل آهن، انهن سڀني کي اسين CCE امتحان چوندا آهيون. اهو امتحان 2015ع کان اڳ ۾ ڏاڍو غير مستقل بنيادن تي ٿيندو هو. ان جي وقت جي ڪا خبر ڪونه هوندي هئي. پنجن سالن کانپوءِ جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ سيٽن جو اعلان ڪيو ته انهن سيٽن جي بنياد تي اهو امتحان ٿيندو هو ڪڏهن ٽي سال، ڪڏهن پنج ته ڪڏهن ڇهه سال به ٿي ويندا هئا. 2017ع ۾ سپريم ڪورٽ جڏهن سوئو موٽو ورتو ته ان ۾ هڪڙي هدايت اها به هئي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هاڻي سالياني بنياد تي اهو امتحان وٺندي، جيڪو منهنجي خيال ۾ ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، سنڌ صوبي ۽ سنڌ جي اميدوارن جي حق ۾ آهي. سپريم ڪورٽ طرفان بهترين فيصلو آهي. 2017ع کانپوءِ هاڻي اهو امتحان ساليانو مستقل بنيادن تي ٿئي پيو. هينئر اهو امتحان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي جي ڪري متاثر ٿيو جنهن جي ڪري پنج ڇهه مهينا ڪميشن جو ڪم متاثر ٿيو ۽ بند رهيو. ان کان علاوه اسان کي سنڌ حڪومت جيئن ٻين امتحانن لاءِ پنهنجي گهرج موڪليندي آهي ته ون پيپر جي بنياد تي اسڪريننگ ڪندا آهيون ۽ ان کانپوءِ انهن اميدوارن کي انٽرويو viva voce (واءِوا ووچي) لاءِ گهرائيندا آهيون ۽ ڪواليفائيڊ اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪندا آهيون جن ۾ ڊاڪٽرز، انجنيئرز يا ٻيون 16 گريڊ جون پوسٽون جن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جون آساميون به هونديون آهن. مطلب ته حڪومت جي گهرج مطابق اهي امتحان ورتا ويندا آهن. باقي CCE هر سال ورتو ويندو آهي.

زاهده ابڙو: CCE جي امتحان ۾ ڇا مخصوص سيٽون هونديون آهن يا هر سال سيٽن جو تعداد تبديل ٿيندو رهندو آهي يا سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن جي ڪا مخصوص ڪوٽا هوندي آهي؟

شوڪت اڄڻ: جيڪي سروس گروپ هوندا آهن اهي مخصوص هوندا آهن باقي سيٽن جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي مطلب ته حڪومت کي سروسز جي سيٽن جي جيتري ضرورت هوندي آهي ان حساب سان اها اسان کي پنهنجي طلب موڪليندي آهي ان حساب سان اسان امتحان وٺندا آهيون باقي جيئن اسان جا گروپ آهن جنهن ۾ پهريون گروپ آهي Ex.PCS جنهن کي ايگزيڪيوٽو پراونشل سول سروسز چئجي ٿو. ٻيو گروپ آهي سيڪريٽريٽ سروسز PSS، ٽيون آهي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، ڇوٿون فوڊ اينڊ راشننگ، ايئن اسان جا تقريبن ڏهه کان ٻارهن گروپ ٿين ٿا جيڪي مخصوص آهن جنهن ۾ اسان ڪمبائينڊ ڪامپيٽيٽو ايگزام (CCE) وٺندا آهيون جنهن ۾ هينئر لوڪل گورنمينٽ جا اسسٽنٽ ڊائريڪٽر به سنڌ گورنمينٽ جي سٺي قدم سبب شامل ٿيا آهن اهي گروپ مخصوص آهن، پر سيٽن جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي جيئن جيئن حڪومت جي طلب هوندي آهي.

زاهده ابڙو: هن امتحان ۾ ڪنهن به اميدوار کي شامل ٿيڻ لاءِ ڪهڙا شرط آهن ۽ بيچلر ۾ ڪهڙو گريڊ هجڻ گهرجي؟

شوڪت اڄڻ: CCE جو امتحان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪنڊيڪٽ ڪرائي ٿي جنهن ۾ ڪنهن به اميدوار جي جنرل گريجوئيشن ٿيل آهي اهو چاهي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر هجي، انجنيئرنگ جي ڪنهن به شعبي مان هجي يا يونيورسٽي کان جنرل B.A ٿيندي آهي اها چاهي آرٽس ۾ هجي يا بيچلر جي ڪنهن به پروگرام مان هجي جيڪي به ڪواليفائيڊ بيچلر آهن اهي هن امتحان ۾ ويهي سگهن ٿا جيڪڏهن اهي محنت سان ويهندا ته يقينن ڪاميابي ماڻيندا. گريجوئيشن گهٽ ۾ گهٽ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيل هجڻ ضروري آهي مطلب ته ڪنهن به اميدوار جون مارڪون پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ هجن باقي جيتري وڌيڪ رزلٽ بهتر هوندي اها سٺي ڳالهه آهي.

زاهده ابڙو: اسان کي CCE امتحان جي پيپر اٽيمپٽ ڪرڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا ڇو ته چيو ويندو آهي ته CSS جي امتحان ۾ پيپر کي اٽيمپٽ ڪرڻ لاءِ ٽائيم جي ورهاست تمام گهڻي اهم آهي ڇا هتي به اهڙو ڪو فارمولو آهي؟

شوڪت اڄڻ: بلڪل مان ايئن چوندس ته پلاننگ ۽ ڪلڪيوليشن زندگيءَ جي ڪنهن به پروجيڪٽ ڪاميابيءَ لاءِ انتهائي ضروري آهي. جڏهن هڪڙو پيپر اٽيمپٽ ڪجي ٿو ان جي تياري اڳواٽ ٿيل آهي ۽ ان سان گڏ ان پيپر کي گهر ۾ به اٽيمپٽ ڪري ڏٺو ويو آهي جيئن پراڻا پيپر ڏسي شاگرد پنج سوال يا ڇهه سوال جيڪي اچن ٿا انهن جي گهر ۾ پريڪٽس ڪن ٿا ۽ ٽائيم کي ڪلڪيوليٽ ڪن ٿا ته انهن کي خبر پئجي وڃي ٿي ته ٽن ڪلاڪن ۾ اهي پنج سوال ڪيئن اٽيمپٽ ڪجن. انهن کي خبر پئجي وڃي ٿي ته هڪ سوال کي ڪيترو ٽائيم ڏيڻ کپي ۽ هنن کي پنهنجي لکڻ جي رفتار جي به خبر پئجي وڃي ٿي، جنهن سان ڪنهن به اميدوار کي پنهنجي ذهن ۽ هٿن کي ڪيئن گڏي هلائڻو آهي ان جي صلاحيت وڌي ٿي. انهن سڀني شين کي جيڪڏهن پريڪٽس ڪري ڪلڪيوليٽ ڪبو ته بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

زاهده ابڙو: PCS ۽ CSS جي تياري ۾ ڪهڙو فرق آهي انهن ۾ ڪهڙا سبجيڪٽ لازمي آهن ڪهڙا آپشنل آهن ۽ اميدوارن کي ڪهڙا مضمون چونڊڻ گهرجن جن سان انهن کي تياري ۾ وڌيڪ فائدو ٿئي؟

شوڪت اڄڻ: هينئر اسان جو CCE پبلڪ سروس ڪميشن جو سليبس revise ٿيو آهي اڳ ۾ ڪافي فرق هوندو هو، پر هاڻي تمام گهٽ فرق آهي. جيڪو اميدوار CSS جي تياري ڪندو ان جي PCS جي تياري به ٿي ويندي اهائي شيءَ ذهن ۾ رکي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن CCE جو سليبس روائيز ڪيو آهي. 600 مارڪن جا ڇهه سبجيڪٽ لازمي آهن جيڪي CSS ۾ به آهن فرق اهو آهي ته پنج سبجيڪٽ ساڳيا آهن هڪڙو سبجيڪٽ فرق آهي. جيڪو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مختلف آهي جنهن کي اسان سنڌي جنرل چوندا آهيون. اڳ ۾ سنڌي جنرل سان گڏ سنڌي Essay به هوندو هو جيڪو 150 مارڪن جو پيپر هوندو هو، هاڻي اهو سنڌي Essay ڪڍي ڇڏيو آهي، بس سنڌي جنرل آهي. ان ۾ ئي Essay به شامل هوندو آهي ۽ سنڌيءَ جون ٻيون جيڪي صفنون نصاب مطابق ٻيا مضمون شامل هوندا آهن. لازمي سبجيڪٽ CSS ۽ CCE جي حوالي سان تقريبن ساڳيا آهن، پر سنڌي سبجيڪٽ لازمي آهي. ڇو ته ٻوليءَ کي وڌائڻو آهي ان لاءِ سنڌيءَ کي لازمي ان ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ٻوليءَ جي باري ۾ ڄاڻ هجڻ گهرجي يا جن جي ٻولي سٺي آهي اهي ان امتحان مان فائدو وٺي سگهن. ايئن به ٿي سگهي ٿو باقي آپشنل جو جيتري قدر تعلق آهي ته ان ۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جيڪو امتحان وٺي ٿي ان جا ست گروپ آهن ستن گروپن مان هڪ هڪ سبجيڪٽ کنيو آهي ۽ انهن جون 600 مارڪون ٿين ٿيون. اسان وٽ وري ايئن آهي ته ست گروپ ساڳيا ئي آهن، پر اتي اسان وٽ مارڪون 400 آهن. يعني هرهڪ گروپ مان هڪڙو ٻه سبجيڪٽ کڻڻو آهي. 600 لازمي ۽ 400 آپشنل تي آهن. اسان وٽ ڪل 1000 مارڪن جا پيپر ٿيندا آهن ۽ وفاق جي امتحان ۾ 1200 مارڪن جا پيپر ٿيندا آهن. باقي سبجيڪٽ ۾ هڪ جو فرق آهي. آپشنل ۾ اهي ئي ساڳيا سبجيڪٽ آهن جيڪي CSS ۾ آهن سي ئي PCS ۾ آهن. سنڌي لازمي آهي، پر جيڪي اردو پڙهندڙ آهن اهي اردو کڻي سگهن ٿا.

زاهده ابڙو: هڪ اميدوار کي تياري ڪيئن ڪرڻ گهرجي، ڪيئن پنهنجو ٽائيم ٽيبل ٺاهي ۽ تياري لاءِ ڪيترو وقت وٺڻ گهرجي؟

شوڪت اڄڻ: هي ڏاڍو حساس سوال آهي. اهو سوال اسان جي تعليمي نظام سان جڙيل آهي. اسان جو تعليمي نظام مختلف طبقن ۾ هلي ٿو. هڪڙو اهو آهي جيڪو خانگي تعليمي ادارن جي ذريعي هلي ٿو. جنهن ۾ ڏاڍا سٺا اسڪول اچي وڃن ٿا جن ۾ ٻارن يا نوجوانن جي ڏاڍي سٺي تياري ٿئي ٿي. ٻيا وري اهي آهن جيڪي شهري سرڪاري اسڪول اچن ٿا اهي به بهتر اسڪول آهن. ٽيان وري اهي اسڪول آهن جن ۾ ٻهراڙين جا سرڪاري اسڪول اچن ٿا. انهن ۾ نصاب جو به فرق شامل ٿي وڃي ٿو. خانگي اسڪولن ۾ ڪئمبرج يا آڪسفورڊ جو نصاب پڙهايو وڃي ٿو. جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا تن کي سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو نصاب پڙهايو وڃي ٿو. هتي سماج ۾ شاگرد جو جنهن طبقي سان تعلق آهي ان حساب سان انهن جا اسڪول ۽ نصاب به مختلف ٿين ٿا. ان ڪري اهو سوال تمام حساس آهي ۽ اسان کي هر طبقي جي اميدوار کي ذهن ۾ رکي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي. جيڪي شاگرد تمام وڏن خانگي اسڪولن مان پڙهي نڪرن ٿا انهن اميدوارن جو تعليمي پسمنظر تمام بهترين آهي اهڙي اميدوار کي CSS يا PCS جو نصاب تمام سولو لڳندو ۽ ان کي تياري به ان انداز سان ڪرڻي پوندي. جيڪو انٽرميڊئيٽ يا گريجوئيشن تائين جيڪو ڪورس پڙهي آيو آهي ته اهو نصاب ڪافي آهي. ڇو ته اهو نصاب Reflect ٿئي ٿو CSS يا PCS ۾. هو پنجن ڇهن مهينن اندر CSS يا PCS لاءِ سٺي تياري ڪري سگهندو. ان جي ابتڙ جنهن اميدوار جو تعلق غريب گهراڻي سان آهي ۽ ان جو تعلق شهري يا ٻهراڙيءَ جي سرڪاري اسڪول سان آهي ته ان کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. انهن کي گهرجي ته ٽئين درجي کانپوءِ جيترا به انهن جا سبجيڪٽ ٿين ٿا خاص ڪري اسلاميات، پاڪستان اسٽڊي يا جنرل سائنس جا سبجيڪٽ ۽ انٽرميڊئيٽ تائين فزڪس ۽ ڪيميسٽريءَ تي جيتري سٺي گرپ هوندي ان جو ان کي فائدو پهچندو. اسان وٽ جنرل سائنس جو سبجيڪٽ آهي ۽ اهو سبجيڪٽ CSS ۾ به آهي. هاڻي پرائمريءَ کان وٺي جيترو سٺو استادن پنهنجن شاگردن کي پڙهايو هوندو ۽ شاگردن به جيترو شوق ۽ چاهه رکيو هوندو ته ان جو پسمنظر به اوترو ئي سٺو هوندو. ٻهراڙيءَ جي اميدوار کي اڃان وڌيڪ محنت جي گهرج هوندي. ان ۾ اميدوار پنهنجو پاڻ کي پاڻ ڏسندو ته هن کي ڪيترو وقت درڪار آهي. سڀني کان پهرين جيڪو ڪميونيڪيشن جو ذريعو آهي اهو ذريعو آهي ڪنهن سوال کي حل ڪرڻ. هاڻ اميدوار کي پاڻ کي پاڻ Assess ڪرڻو پوندو ته هو انگريزي ٻوليءَ کي ڪيترو لکي، پڙهي، ڳالهائي ۽ سمجهي سگهي ٿو. جڏهن ان قسم جو اميدوار تياري ڪري ته پهريان پنهنجي انگريزيءَ کي بهتر ڪري. جن اميدوارن جو تعليمي پسمنظر سٺو آهي انهن جي انگريزي تمام سٺي هوندي ان کي گهڻو وقت تياري لاءِ نه ڏيڻو پوندو، پر هڪ ٻهراڙيءَ جي غريب اميدوار کي وڌيڪ محنت ۽ وقت جي ضرورت پوندي. انگريزي ٻولي سکڻ لاءِ سينٽر، ڪتاب ۽ ڪورس جا ڪتاب موجود آهن جيڪڏهن انهن مان تياري ڪندو ته سٺي تياري ٿي ويندي. مضمون يا پيراگراف لکي ڪنهن استاد کان چيڪ ڪرائيندو رهندو ته ان انداز سان ٻوليءَ کي بهتر ڪري سگهي ٿو. آن لائين به يوٽيوب تي انگريزي ٻولي سکي سگهجي ٿي. انگريزيءَ سان گڏ ٻه ٻيا سبجيڪٽ به اچي ٿا وڃن هڪ آهي پاڪستان افيئرز ٻيو آهي اسلامڪ اسٽڊي. اسان وٽ اهي ٻئي سبجيڪٽ پهرين يا ٻئين درجي کان شروع ٿي وڃن ٿا ۽ گريجوئيشن سطح تائين رهن ٿا. جيڪڏهن اسان انهن ٽن مضمونن تي شروع کان توجهه ڏيون ته اسان جا ٽي سبجيڪٽ ته تيار ٿي ويا. ان کان علاوه ڪرنٽ افيئر جو سبجيڪٽ CSS ۽ PCS ۾ به آهي. ڪرنٽ افيئر لاءِ سٺا چئنل موجود آهن CNN يا BBC تي موبائل جي ذريعي انهن چئنلز تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. جيڪي سٺي ساک رکڻ واريون اخبارون آهن انهن مان هڪ انگريزي هڪ سنڌي ۽ هڪ اردو ۾ روز پڙهڻ گهرجن ۽ خاص ڪري انگريزي اخبار جيئن ڊان يا دي نيوز آهي ان جون خبرون به پڙهن ۽ ان سان گڏ ان جا جيڪي تجزيا ۽ ڪالم اچن ٿا انهن کي جيڪڏهن پڙهندا ته ان مان سندن ڪرنٽ افيئر جي تياري ٿي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن اميدوار پاڪستان اسٽڊي، اسلامڪ اسٽڊي، انگريزي ۽ ڪرنٽ افيئر کي سٺي طريقي سان پڙهي ۽ تياري ڪري ورتي جنهن مان ان جو پنجون پيپر ٿيندو. Essay جي اميدوار کي Essay رائٽنگ جي لاءِ کپي مواد، هڪ ته چوڏهن سالن جي تعليم اها جيڪڏهن توهان جي ڀرپور آهي ته گهڻو مواد توهان جي ذهن ۾ اڳ ۾ ئي هوندو ٻيو توهان انگريزي ٻوليءَ جي تياري لاءِ جيڪي اخبارون پڙهيون، آرٽيڪل پڙهيا انهن مان اميدوار جي ذهن ۾ چڱو خاصو مواد گڏ ٿي وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ پاڪستان اسٽڊي ۽ اسلامڪ اسٽڊي مان جيڪا هن تياري ڪئي آهي ان جو مواد يا وري پنهنجي ڊگري جنهن سبجيڪٽ ۾ هن حاصل ڪئي آهي جيئن بزنس يا فنانس ۾ آهي يا ميڊيڪل ۾ آهي، لٽريچر ۾ آهي. اهو سڄو مواد چوڏهن سالن جي تعليم ۾ توهان جي ذهن ۾ گڏ ٿئي ٿو. Essays ۾ ڏسجي ته ڪهڙا ڪهڙا ٽاپڪ آيا آهن جيڪو توهان کي پنهنجي حساب سان پنهنجي تعليم جي نوعيت سان بهتر لڳي جيئن بزنس اينڊ اڪائونٽ مان هر سال هڪڙو Essay سي ايس ايس جي امتحان يا سي سي اِي جي امتحان ۾ ضرور ايندو آهي. لٽريچر مان هڪڙو Essay سي ايس ايس ۾ ايندو آهي ۽ سي سي اِي ۾ به ايندو آهي. ان طريقي سان ڪوبه اميدوار سٺي پلاننگ ڪري توجهه ڏيئي پنهنجي تعليم جي پسمنظر مطابق سبجيڪٽن جي چونڊ ڪري سٺي تياري ڪري ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو.

زاهده ابڙو: CCE جي امتحان لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هتي سفارش به هلي ٿي ته رشوت به ان ۾ ڪيتري سچائي آهي؟

شوڪت اڄڻ: مان اهو چوندس ته اها هڪ perception آهي. ڪجهه ماڻهو ان قسم جي perception ان ڪري ڏيندا آهن ته جيئن اهي غلط ماڻهو پنهنجا مفاد حاصل ڪري سگهن ۽ هڪ سٺي اداري کي Defame ڪري سگهن ۽ ان سان گڏ جيڪڏهن ڪو نوجوان اميدوار تياري ڪري پنهنجي مستقبل ٺاهڻ جي طرف وڃي ته ان کي نا اميد ڪرڻ جي هڪ سازش آهي. جيڪڏهن 1937ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خاص ڪري CCE جي امتحان جا اميدوار ڏسندا جيڪي چونڊجي آيا آهن انهن نه رڳو بيورو ڪريسي ۾ ڊليور ڪيو آهي، پر بيورو ڪريسي کان ٻاهر به انهن سنڌ جي تعليم ۽ سماج جي بهتري لاءِ پنهنجون خدمتون ڏنيون آهن. جيئن مرزا قليچ بيگ جو مثال کڻي وٺو، ورهاڱي کان اڳ حيدر بخش جتوئي جهڙا ماڻهو ڏسو اهي به صوبائي سروس جا ماڻهو هئا هاڻوڪن ماڻهن ۾ جيڪڏهن ڏسو ته نثار صديقي جهڙا ماڻهو به توهان کي نظر ايندا جنهن جو نالو تعليمي ميدان ۾ توهان کي نظر ايندو اهو به پراونشل سروس جو هو. جيڪڏهن توهان امتحان جي حوالي سان ڏسندا ته هينئر اسان وٽ 36 ڊي ايس پي نڪتا آهن جنهن مان 50 سيڪڙو CSS به ڪواليفائيڊ آهن ته PCS به آهن. مان پاڻ هڪ غريب هاريءَ جو پٽ آهيان، مون کي به پبلڪ سروس ڪميشن مان ئي موقعو ڏنو ويو، جو اڄ ان ميدان تي پهتو آهيان. منهنجي پٺيان ڪير هو، منهنجو ڪير تعليمي پسمنظر به پڇي سگهي ٿو ۽ خانداني پسمنظر به ڏسي سگهي ٿو. جڏهن اسان 43 اسسٽنٽ ڪمشنر چونڊجا هئاسين ان مان 23 اسسٽنٽ ڪمشنر CSS ڪواليفائيڊ هئا ۽ گروپ هولڊر هئا، ڪي انڪم ٽيڪس ۾ هئا، ڪي ڪسٽمز ۾ هئا. هڪ فيميل آفيسر هئي جيڪا اسان سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر به ٿي ته ايس پي به ٿي. مطلب ته 50 کان وڌيڪ CSS آفيسر هتي آيا جن کي بهتر لڳو ته صوبائي سروس وڌيڪ بهتر آهي. هو وفاقي سروس ڇڏي هتي صوبائي سروس ۾ آيا. جيڪڏهن سفارش هلندي هجي ها ته پوءِ CSS پاس ڪرڻ وارا اميدوار اسان وٽ فيل ٿي وڃن ها. منهنجي خيال ۾ ته اها هڪ سازش آهي ان مائينڊ سيٽ جي جيڪي نوجوانن کي بهترين مقصد کان هٽائڻ جي سازش ڪن ٿا. انهن کي دل شڪسته ڪرڻ جي ته جيئن اهي اڳتي نه وڌي سگهن. ڪجهه ماڻهن کي شايد ان قسم جي ٽاسڪ مليل هوندي آهي ته اهي ذهين ۽ باصلاحيت اميدوارن کي نااميد ڪن ته جيئن هو پنهنجي ميدان ۾ ڪم نه ڪري سگهن. مون کي تمام گهڻي اميد آهي ۽ آئون بذات خود ان اداري ۾ موجود آهيان ۽ نوجوانن کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته هتي بهترين قسم جو ميرٽ چونڊيو وڃي ٿو اهڙين سازشي ڳالهين يا جملن جي چڪر ۾ ڪڏهن به نه اچو، محنت ڪريو. ڇو ته مان هينئر ڪنٽرولر آف سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آهيان اهو چئي سگهان ٿو ته توهان جا پيپر چيڪ ڪرڻ وارا پروفيسر آهن. توهان کي آئون فيل هرگز نٿو ڪري سگهان ۽ هر نوجوان جو هٿ اسان جي ڳچيءَ ۾ آهي جيڪو نوجوان سٺو پرفارم ڪري ٿو ان کي فيل ڪرڻ جو هتي ڪو تصور ئي ڪونهي ۽ توهان ميرٽ جي بنياد تي ڪامياب ٿي سگهو ٿا ۽ پنهنجي اداري تي يقين رکو.

زاهده ابڙو: هن امتحان ڏيڻ وقت شاگرد ڪجهه غلطيون به ڪندا هوندا اهي ڪهڙيون هونديون آهن جن کي اميدوار کي avoid ڪرڻ گهرجي؟

شوڪت اڄڻ: سڀ کان وڏي غلطي اها آهي ته ماڻهو پنهنجي صلاحيت جو پاڻ ڪاٿو ناهي ڪري سگهندو. ڪجهه اميدوار تمام گهڻو پر اعتماد ٿي ويندا آهن ۽ ڪجهه وري پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو گهٽ سمجهندا آهن، جيڪي پوءِ احساس ڪمتري ۾ هليا ويندا آهن اهي نه محنت ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي امتحان يا انٽرويو ۾ ان طريقي سان پاڻ مڃرائي سگهندا آهن ۽ وري جيڪي حد کان وڌيڪ پر اعتماد هوندا آهن اهي وري ان ڪري فيل ٿيندا آهن جيئن توهان ڪڇون ۽ سهي واري آکاڻي ٻڌي هوندي ته اهي حد کان وڌيڪ اعتماد جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ان جو نقصان ڀوڳيندا آهن. حقيقت ۾ فائدو انهن کي ٿيندو آهي جيڪو سچ جي نظر سان پنهنجو پاڻ کي ڏسندو آهي ۽ ان وقت ۾ جيڪا ان کي وک کڻڻي هوندي آهي ان وک کڻڻ جي هو پوري تياري ڪندو آهي ۽ منزل تي پهچندو آهي. هتي توهان کي متوازن سوچ کپي جيڪو نصاب آهي جيڪو اسان جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پورٽل تي پيل آهي ۽ recommended ڪتاب به پيل آهن مختلف اڪيڊميون آهن هاڻي توهان رڳو سنجيده ٿي 6 کان 12 مهينا تياري ڪريو ٿا يا سال کان ٻن سالن تائين به تياري ڪريو ٿا ته ڪاميابي حاصل ڪري سگهو ٿا.

ٻي غلطي اميدوار اها ڪندا آهن جو اهي سوال کي سمجهي نه سگهندا آهن. ڪنهن ڏاهي ماڻهو چيو آهي ته سوال کي سمجهي وڃڻ 50 سيڪڙو مسئلي جو حل آهي. سوال کي صحيح طرح سمجهڻ ته اهو ڇا ٿو پڇي ۽ ان جو جواب ڪهڙو ۽ ڪيترو هجڻ گهرجي جيڪا ٻئي نمبر تي وڏي غلطي آهي جنهن کي اميدوارن کي نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن جواب پنهنجي مقصد تان هٽي ويندو آهي ته اهو توهان کي ناڪامي ڏانهن وٺي ويندو آهي. پوءِ اميدوار چوندا آهن ته اسان جواب اٺن يا ڏهن صفحن تي لکيو هو، پوءِ به مون کي فيل ڪري ڇڏيائون. اصل ۾ اميدوار سوال کي سمجهيو نه هوندو آهي ۽ ان مقصد مطابق نه لکيو هوندو آهي. جيڪڏهن توهان کي ڪراچي وڃڻو آهي ۽ توهان لاڙڪاڻي واري بس ۾ ويهي رهندا ته ڪڏهن به ڪراچي ڪونه پڄندا.

زاهده ابڙو: جيئن لکت وارو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ شاگردن کي محنت ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ڇا انٽرويو جي تياريءَ لاءِ به ڪو خاص فارمولو آهي؟

شوڪت اڄڻ: انٽرويو جو مقصد ئي شخصيت جي assessment آهي. جڏهن هڪڙو اميدوار لکت ۾ امتحان پاس ڪري اچي ٿو ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو شخص ڄاڻ رکي ٿو، هاڻي بيورو ڪريسي ۾ پوءِ چاهي اهو CSS هجي يا CCE هجي ان جي لاءِ شخصيت جي evaluation تمام اهم آهي. اهو ڄاڻڻ ضروري هوندو آهي ته ڇا ان اميدوار جي شخصيت ۾ اهي خاصيتون آهن جو هو هڪ سٺو آفيسر ٿي سگهي. ان سان گڏوگڏ ان بورڊ جا جيڪي ميمبر هوندا آهن اهي ناليج جا به ڪجهه سوال ڪندا آهن جيئن ڪجهه سوال لازمي سبجيڪٽن مان ته ڪجهه آپشنل مان پڇيا ويندا آهن يا جنرل ناليج يا ڪرنٽ افيئر مان پڇيا ويندا آهن. تنهنڪري انهن سبجيڪٽن جو دهرائڻ به ضروري هوندو آهي، پر ڪجهه سوال اهڙا هوندا آهن جن مان توهان جو موقف ورتو ويندو آهي ۽ اهي ميمبر صاحبان توهان جي جواب جو تجزيو ڪندا آهن ته ان اميدوار جيڪو موقف ڏنو آهي اهو ڪهڙي دليل مطابق ڏنو آهي ۽ ان ۾ ٻئي کي مڃرائڻ جي ڪيتري صلاحيت آهي جنهن ۾ توهان کي متوازن ايپروچ ۽ پنهنجو اعتماد ڏيکارڻ تمام اهم هوندا آهن ۽ شخصيت کي اهڙي طرح groom ڪري جو پينل جي ميمبرن کي متاثر ڪري سگهي ۽ جيڪو موقف رکي ٿو ان تي ثابت قدم رهي ۽ موقف لاءِ وٽس سٺا علمي ۽ عقلي دليل هجن ۽ ٻين کي قائل ڪرڻ جي سگهه رکندو هجي، اهي سڀ شيون جيڪڏهن ڪنهن اميدوار پنهنجي انٽرويو ۾ سامهون رکيون ته اهو يقينن آرام سان انٽرويو پاس ڪري سگهي ٿو. ڇو ته هڪ آفيسر کي عام ماڻهن سان ڪم ڪرڻو هوندو آهي ۽ هو پبلڪ کي ڪيئن ڊيل ڪندو، پنهنجي راءِ ڪيئن رکندو جيڪي چئلينجز کيس سامهون ايندا انهن کي ڪيئن منهن ڏيندو اهي سڀ صلاحيتون توهان جي انٽرويو ۾ ڏٺيون وينديون آهن جن جي بنياد تي اميدوار کي پاس ڪيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن انهن ۾ اهي ناهن ته انهن جي کوٽ جي بنياد تي ان کي فيل ڪيو ويندو آهي.

زاهده ابڙو: توهان فوج ۾ ڪميشنڊ آفيسر چونڊيا ويا ۽ ڪاڪول اڪيڊمي تائين پهتا اسان جا نوجوان جيڪي فوج ۾ وڃڻ چاهين ٿا انهن کي ٻڌايو ته اهي اتي ڪيئن وڃن ان جي لاءِ ڪهڙو پروسيجر آهي.

شوڪت اڄڻ: فوج ۾ ڪاڪول اڪيڊمي تائين ڪڊيٽ ٿيڻ لاءِ ٻه وڏا امتحان ٿين ٿا. هڪڙو ٿيندو آهي Preliminary امتحان، اهو تقريبن ڪراچي، حيدرآباد منهنجي خيال ۾ ته هاڻي سکر به ٿئي ٿو. جيڪو ٽن حصن ۾ ٿيندو آهي. هڪڙي ٿيندي آهي فزيڪل ٽيسٽ جنهن ۾ اميدوار کي ڊوڙايو ويندو آهي chin-ups ڪرايا ويندا آهن، push-ups ڪرايا ويندا آهن، انهن جا نمبر هوندا آهن ته توهان 10 پش اپس ڪري سگهو ٿا يا نه، 4 چن اپس ڪري سگهو ٿا يا نه، توهان ستن منٽن ۾ هڪ ميل ڊوڙي سگهو ٿا يا نه. ان ٽيسٽ کانپوءِ ٻئين نمبر تي هڪ IQ جو ٽيسٽ ورتو ويندو آهي جنهن ۾ هڪ ٽيسٽ وربل هوندي آهي ۽ ٻي نان وربل هوندي آهي. نان وربل ٽيسٽ تصويرن تي مشتمل هوندي آهي ۽ هڪ اميدوار تصويرن کي ڏسي انهن جو جواب ڳوليندو آهي. وربل وري ڪجهه جملا هوندا آهن جيڪو دراصل هڪ سوال هوندو آهي ان جو به IQ سان تعلق هوندو آهي. اڄڪلهه اهي امتحان آن لائين ٿين ٿا. جڏهن توهان IQ جا اهي ٻئي ٽيسٽ پاس ڪيا ۽ فزيڪل ٽيسٽ به پاس ڪري ورتو ان کانپوءِ توهان جو ابتدائي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويندو آهي جيڪو توهان جو ميڊيڪل فٽنيس جاچڻ لاءِ هوندو آهي. پوءِ اتي هڪڙو ڪرنل ڪمانڊنٽ ويٺل هوندو آهي جيڪو هڪڙو انٽرويو ڪندو آهي. ISSB انٽر سروسز سليڪشن بورڊ کي چئجي ٿو. اهو بورڊ ڪراچي ۽ ڪوهاٽ ۾ ٿيندو آهي. اتي اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته اهو اميدوار ڪراچي يا ڪوهاٽ وڃڻ جهڙو آهي يا نه. ISSB جو امتحان ڏيڻ جهڙو آهي يا نه ته اهو ڪرنل صاحب جيڪو ڪراچي يا حيدرآباد ۾ ويٺو هوندو آهي اهو انٽرويو وٺندو آهي ۽ پوءِ اهو فيصلو ڪندو آهي ته اميدوار هاڻي فارم ڀري ۽ ISSB جي امتحان ۾ ويهي. اهو امتحان پنجن ڏينهن جو هوندو آهي اهي ڏاڍيون ٿڪائيندڙ ٽيسٽون هونديون آهن جنهن ۾ شخصيت کي assess ڪيو ويندو آهي، جنهن کي اسين سائڪلوجيڪل ٽيسٽون به چوندا آهيون ان ۾ اسٽوري رائيٽنگ هوندي آهي يا سچوئيشن رائيٽنگ رپورٽ هوندي آهي اها ڏني ويندي آهي ته جيئن اميدوار پنهنجو اندر ڪڍي سچ ٻڌائي سگهي ته جيئن ان ٽيسٽ جي ذريعي ان اميدوار جون صلاحيتون اڳيان اچي سگهن ته ڇا اهو سٺو ليڊر ٿي سگهي ٿو يا نه. يا ان ۾ تڪليف برداشت ڪرڻ جي صلاحيت آهي يا نه. ان کانپوءِ وري گروپ ٽاسڪ ڏنا ويندا آهن جنهن ۾ اٺن ڏهن اميدوارن تي هڪ گروپ ٺاهيو ويندو آهي جنهن ۾ هڪ اميدوار کي ليڊر ٺاهيو ويندو آهي ۽ ان کي هڪ ٽاسڪ ڏني ويندي آهي ۽ هڪ ڊپٽي ليڊر هوندو آهي ۽ ان ۾ اميدوارن جي ڪمانڊ ايبلٽي کي جاچيو ويندو آهي، ليڊر شپ ڪيتري آهي اها ڏٺي ويندي آهي ۽ 7 يا 9 اميدوار جيڪي ان گروپ ۾ هوندا آهن انهن ۾ اها صلاحيت ڏٺي ويندي آهي ته اهي submission جي ڪيتري صلاحيت رکن ٿا. ان کانپوءِ گروپ ڊسڪشن به ڪرائي ويندي آهي ۽ هڪ مسئلو ڏنو ويندو آهي جنهن ۾ ڪنهن شهر جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو ته جنگ جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو، ڪو هڪڙو ان کي چيئر ڪندو آهي ۽ اهو ڏٺو ويندو آهي ته اهو ان کي ڪيئن ٿو چيئر ڪري، انهن جي ريزننگ ۽ لاجڪ چيڪ ڪئي ويندي آهي ۽ ان جا subordinate ان لاءِ ڪيئن مددگار آهن. انهن ٽيسٽن مان ليڊرشپ ڪوالٽي به ڏٺي ويندي آهي ته سب آرڊينيشن صلاحيت به ڏٺي ويندي آهي. جيڪڏهن رڪاوٽون آهن ته هڪ آرمي آفيسر طور انهن رڪاوٽن جو مقابلو ڪيئن ڪندو جيڪي 9 رڪاوٽون هونديون آهن جنهن کي آبسٽيڪلز چئبو آهي جيڪو ٽيسٽ چار راتيون پنج ڏينهن هلندو آهي ۽ اميدوار جي اسيسمينٽ بورڊ جي سامهون ايندي آهي جنهن ۾ هڪ کان ٻه انٽرويو به شامل هوندا آهن. اهي اميدوار جي شخصيت کي اسيس ڪندا آهن جنهن جي بنيادن تي ISSB جي رزلٽ ايندي آهي جيڪي اميدوار پاس ٿيندا آهن انهن کي پاس آرڊر ملندو آهي. جيڪي اڳتي هلي PMA پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ ٽريننگ ڪندا آهن ۽ ٻن سالن جي ٽريننگ کانپوءِ ان کي آرمي جو ڪميشنڊ آفيسر چيو ويندو آهي. اهو هڪڙو مختصر پراسيس آهي جيڪي نوجوان ان طرف رجحان رکندڙ آهن اهي انٽرميڊئيٽ جي بنياد تي ان امتحان ۾ ويهي سگهن ٿا چاهي اها سائنس گروپ ۾ هجي يا آرٽس گروپ ۾، گريجوئيشن انهن جي ڪاڪول ۾ ٿيندي آهي. ان جا ٻه ڪتاب به بازار ۾ موجود آهن جيڪڏهن توهان اهي پڙهندا ته توهان کي سٺي ڄاڻ ملي سگهي ٿي.

زاهده ابڙو: ڇا نيوي ۽ فضائيه جا امتحان به ساڳئي طريقي سان ٿيندا آهن يا اهي مختلف هوندا آهن؟

شوڪت اڄڻ: اهي ٿورا مختلف هوندا آهن جيئن نيوي جا ٽيسٽ وٺڻ وقت انهن کي سمنڊ ۾ ايندڙ تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽيسٽ ڪيو ويندو آهي. ٿيندي انهن جي به ISSB آهي. فضائيه جي لاءِ وري ڪجهه مشينون هونديون آهن انهن جون ڪجهه ٽيسٽون ڏيڻيون پونديون آهن ته اهي ڪيتري حد تائين جسماني طرح خوف کي برداشت ڪري سگهن ٿا. جهاز جيڪو سيڪنڊن ۾ سوين ميلن جو فاصلو طئي ڪري ٿو ته اهو ان اميدوار ۾ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت آهي يا نه انهن جا ٽيسٽ وري انهن مشينن جي ذريعي ڪيا ويندا آهن. باقي IQ ۽ سائڪولوجيڪل ٽيسٽ تقريبن ساڳيا هوندا آهن.

زاهده ابڙو: اميدوارن جي لاءِ ڪو هڪڙو جامع پيغام ڏيندا؟

شوڪت اڄڻ: اصل ۾ جيڪو ڪم جنهن وقت ۾ ملي ٿو ان سان ڪمٽمينٽ ڪاميابي جا دروازا کولي ٿي. پهرين درجي کان وٺي انٽر ميڊئيٽ ۽ يونيورسٽي تائين جيڪو ڪم جنهن وقت ملي ٿو اهو ان حال ۾ رهي ڪرڻ گهرجي ۽ سچائي سان ڪرڻ گهرجي ته اهو شاگرد چاهي CSS هجي يا CCE جو اهو يقينن ڪامياب ٿيندو ان کي وڌيڪ تياري جي ضروت ئي ڪانه پوندي. ڇو ته هي امتحان ٿئي ئي گريجوئيشن ليول تي ٿو. اڄ جو ڪم اڄ ڪندا هلو ۽ پنهنجي شخصيت کي گروم ڪندا هلو، پنهنجي ڪميونيڪيشن اسڪلز کي وڌايو، انگريزي ٻوليءَ کي بهتر ڪريو ته يقينن توهان کي ڪاميابي ملندي.