8 مان 6 تڪن ۾ پي ٽي آءِ ڪامياب: عابد شير، بلور ۽ ايمل ولي کي شڪست، ملتان ۽ ملير ۾ اپ سيٽ
ضمني چونڊن ۾ عمران خان کي 8 مان 6 تڪن ۾ ڪاميابي، عابد شير، بلور ۽ ايمل ولي کي شڪست، ملتان ۽ ملير ۾ اپ سيٽ، پ پ کٽي وئي. پنجاب جي صوبائي تڪن مان هڪ تي نواز ليگ ۽ ٻن سيٽن تي پي ٽي آءِ کي فتح ملي، ڪالهه قومي اسيمبلي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جي پولنگ جاري رهي، 8 قومي تڪن مان 6 تڪن پشاور، مردان، چار سده، فيصل آباد، ننڪانه صاحب ۽ ڪورنگي مان عمران خان کٽي ويو. پي ٽي آءِ پنهنجون ئي 2 سيٽون هارائي وئي، ملتان ۾ يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي موسيٰ گيلاني کان شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهر بانو قريشي 20 هزار ووٽن تان هارائي وئي. ڪراچي ۾ ملير جي سيٽ تي پ پ جي عبدالحڪيم بلوچ عمران خان کي 10 هزار ووٽن تان هارائي ڇڏيو، اها سيٽ به اڳ پي ٽي آءِ وٽ هئي، واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي استعيفائن سبب قومي تڪن تي ضمني چونڊ ٿي ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ جي 2 باغي ميمبرن جي استعيفائن ۽ هڪ نواز ليگ ميمبر جي نا اهلي سبب سيٽ خالي ٿي هئي ٻه سيٽون نواز ليگ وڃائي ويٺي.

