خاص

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو ٻوڏ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

سنڌ ايڪشن ڪميٽي مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ٻوڏ جي معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي حڪمرانن جو احتساب ڪري. ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سيد زين شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاھه، اياز لطيف پليجو، قادر مگسي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، نواز زنئور سميت ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ڦوهارا چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪجھه به ناھي ڪيو، جنهن سبب متاثر کليل آسمان هيٺ دربدري واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهن. هنن چيو هو ته سنڌ سرڪار جي مجرماڻي غفلت سبب 2 ڪروڙ کان وڌيڪ زندگيون تباهه ٿيون، سپريم ڪورٽ ٻوڏ معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي حڪمرانن جو احتساب ڪري.