پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پي ٽي آءِ جي بچيل قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعفائون واپس وٺڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ جا ميمبر قومي اسيمبلي پهچي ويا جڏهن ته پارليمنٽ هائوس جو گيٽ بند ڪري ڇڏيو. شارٽ سرڪٽ سبب پارليمنٽ هائوس 3 ڏينهن لاءِ بند آهي. پي ٽي آءِ ميمبرن احتجاجن پارليمنٽ هائوس ٻاهر ڌرڻو هڻي ڇڏيو. پي ٽي آئي رهنما عامر ڊوگر جو چوڻ آهي ته گيٽ بند ڪرڻ سندن بوکلاهٽ ظاهر ڪري ٿي. عمران خان سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. پي ٽي آئي ميمبرن اسعتفائن جي واپسي بابت اسپيڪر قومي اسيمبلي کي اِي ميلز ڪيون هيون. پي ٽي آئي جي ميمبرن جو چوڻ هو ته پارليمنٽ هائوس بند ٿيڻ سبب اِي ميلز ڪيون ويون، جڏهن ته استعفائون واپس وٺڻ لاءِ اسپيڪر کي خط پڻ موڪليا ويا آهن.