هيپاٽائٽس- سي ۽ ايڇ. آءِ. وي وائرس جي پکيڙ ۾ عطائي معالجن جو ڪردار

زاهده ابڙو

ڪجهه ڏينهن اڳ رتوديرو ۾ HIV جي وائرس جي پکڙجڻ جي اطلاع ۽ ايڊز جي مريضن جي خبر سڄي پاڪستان کي ٿرٿلي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو تي به الزام هڻي لاڪ اپ ۾ بند ڪيو ويو ته هو ايڊز جو مريض آهي ۽ قومي ميڊيا تي اها خبر هلائي وئي ته اهو ڊاڪٽر پنهنجي ايڊز ۾ مبتلا هجڻ جو بدلو ٻين مريضن کان وٺي رهيو آهي ۽ عوام کي گمراهه ڪري حقيقي مسئلي تان سندن نظر هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ ادارا ته قائم آهن پر اهي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي بجاءِ زوال پذير آهن. ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ ڪوبه ڊاڪٽر PMDC ۾ رجسٽريشن کانسواءِ خانگي طور پريڪٽس نٿو ڪري سگهي. هن اداري جي موجودگيءَ جي باوجود پوري پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جي هڪ وبا پکڙيل آهي ۽ اهي ڪنهن بيماريءَ جي جراثيم وانگر وڌي ۽ ويجهي رهيا آهن، جن ۾ مرد ۽ عورت عطائي معالج انساني زندگين سان کيڏي کين موت جي حوالي ڪرڻ واري راند ۾ مصروف آهن.

عطائي ڊاڪٽر جي ڏنل الٽراساونڊ رپورٽ

18 هين ترميم کانپوءِ صوبن پنهنجو ڌار هيلٿ ڪميشن جوڙيو آهي ۽ انهن جا قائدا ۽ قانون به جوڙيا ويا آهن، جنهن ۾ سنڌ ۾ به “سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن” جوڙي وئي آهي جنهن جو بنيادي ڪم اهو آهي ته اهي سنڌ اندر ڪم ڪندڙ اسپتالن جي صفائي سٿرائي، ويسٽ مئنيجمينٽ، دوائن جي رسد کي ڏسندا ۽ ان کانسواءِ ايلوپيٿڪ ڊاڪٽرن، حڪيمن ۽ هوميو پيٿڪ ڊاڪٽرن کي رجسٽر ڪيو ويندو. جيئن ته اسان جو ملڪ هڪ غريب ملڪ آهي جيڪو غربت جي ڌٻڻ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڦاسندو پيو وڃي ۽ سون تي سهاڳو ته اسان جو پورو نظامِ حڪومت ڪرپشن جو شڪار آهي جنهن ڪري ڪوبه ادارو پنهنجي حد اندر ڪاميابيءَ سان غريب عوام کي بنيادي خدمت مهيا ڪري ڏيڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي.

ان ڪري عوام مجبور ٿي خانگي ڊاڪٽرن وٽ ڌڪا کائڻ ۽ پئسا خرچ ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. ڳالهه صرف خانگي ڊاڪٽرن جي هجي ها ته شايد چپ ڪرڻ بهتر هجي ها، پر هتي خانگي ڊاڪٽرن سان گڏ هڪ وڏو انگ عطائي طبيبن جو موجود آهي جن کي صحت جي بنيادي اصولن جي به ڄاڻ ناهي ۽ اهي عطائي معالج گهڻو ڪري ڊسپينسر، نرسون ۽ انهن ۾ ڪجهه ماستر به شامل آهن، اهي پنهنجا خانگي دواخانه هلائي رهيا آهن الٽراسائونڊ به ڪري رهيا آهن ته مختلف ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ليبارٽريون به کولي ويٺا آهن. نه رڳو ايترو پر اهي ڊينٽل پريڪٽس به ڪري رهيا آهن جنهن سان هو ڪيتريون ئي خطرناڪ بيماريون پکيڙي رهيا آهن.

عطائي ڊاڪٽر جو دوائي نسخو

هن وقت سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ (ڪاري سائي) هيپاٽائٽس سي هڪ وبا طور پکڙجي چڪي آهي ۽ خاص طور تي غريب ماڻهن جي گهرن ۾ هڪ کان ٻه ڪاري سائيءَ جا مريض موت جا منتظر نظر اچن ٿا. ان ڪاري سائيءَ جي ڦهلاءَ ۾ انهن عطائي معالجن جو وڏو هٿ آهي ڇو ته اهي غير تعليم يافته معالج هڪ سرنج سان ڪيترن ئي مريضن کي سيون هڻن ٿا ۽ ڊرپ جو سيٽ به بار بار استعمال ڪري پنهنجو خرچ بچائين ٿا ائين هو ڪاري سائي کي سڄي صوبي ۾ پکيڙي چڪا آهن. اهو ئي ساڳيو ذريعو HIV وائرس جي پکيڙ جو سبب پڻ بڻيو آهي. هتي حڪومت پنهنجي ڏوهه کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلائي رهي آهي. هڪ پاسي عوام هڪ خطرناڪ بيماريءَ جي وبا ۾ مبتلا ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي صحت کاتي طرفان عوام جي ٽيسٽن لاءِ مناسب قدم نه پيا کنيا وڃن اسپتالن ۾ ٽيسٽ ڪرڻ واريون ڪٽون به موجود ناهن. سنڌ حڪومت طرفان آگاهيءَ واري پروگرام کي ڏٺو وڃي ته تمام غير موثر طريقي سان اهو پروگرام ڪا اين جي او هلائي رهي آهي جنهن کي سنڌ حڪومت اهو پروگرام ڏنو آهي، جنهن آگاهي جي نالي تي شايد واپار ڪيو آهي. هن وقت لاڙڪاڻي ضلعي ۾ خواجه سرائن ۾ اهو وائرس تمام گهڻو موجود آهي ۽ اهي به ان وائرس جي پکيڙ جو سبب بڻجي رهيا آهن.

هن خبر جي پکڙجڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت ڪجهه قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر ان ۾ کيس ڪا وڏي ڪاميابي نه ملي سگهي آهي شايد اتي به سچائيءَ جي کوٽ نظر اچي ٿي ڇو ته هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جنهن طريقيڪار کي استعمال ڪيو پيو وڃي شايد اهو طريقو ئي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ۽ عدليه اسپتالن جي انچارجن کي اهڙا حڪم جاري ڪيا آهن ته اهي اتان جي عطائي معالجن جي نشاندهي ڪري ڪيس درج ڪرائين ۽ ايف آءِ آر ڪٽرائين. جڏهن ته اهي اسپتالن جا انچارج اتان جي ماڻهن سان پنهنجا لاڳاپا خراب نٿا ڪرڻ گهرن ۽ پنهنجي لاءِ ڪو ذاتي مسئلو کڙو نٿا ڪرڻ چاهين. ان ڪري اهي انچارج ڇاپي دوران اهڙي رپورٽ ٺاهي موڪلين ٿا جنهن ۾ عطائي معالج جو فرار ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ اهي اسپتالن کي سيل ڪري موٽي اچن ٿا. ڇو ته کين اهڙن ماڻهن سان ڪوبه ڦڏو ناهي ڪرڻو. ضلعي انتظاميه به ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پر انهن کي به ڪا گهڻي ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي آهي. ان ڪم لاءِ انتهائي جرئت ۽ حوصلي جي ضرورت آهي ته انهن عطائين جو سڄي ملڪ مان خاتمو ڪيو وڃي ۽ عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون سرڪاري اسپتالن ۾ ئي مهيا ڪيون وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *