نئون

نقيب الله قتل ڪيس جي آءِ ٽي رائو انوار کي ذميدار قرار ڏيئي ڇڏيو

نقيب الله قتل ڪيس ۾ انڪوائري ڪندڙ جي آءِ ٽي پاران رائو انوار ۽ ٻن ڄڻن کي ذميدار قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي قائم ٿيل جي آءِ ٽي پاران چيو ويو آهي ته ايس ايس پي رائو انوار پاران نقيب کي هڪ ڪوڙي انڪائونٽر ۾ قتل ڪيو ويو آهي. جي آءِ ٽي جي سربراهه ايڊيشنل آءِ. جي ڊاڪٽر آفتاب پٺاڻ پاران انڪوائري جي رپورٽ واسطيدار اختيارين کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جي آءِ ٽي پاران انڪوائري ۾ مختلف طريقن سان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن ۾ رائو انوار جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو ۽ مختلف جڳهين جو دورو ڪيو ويو. جنهن ۾ اها جڳهه جتان نقيب کي مبينا طور تي کنيو ويو ۽ اها جاءِ جتي مبينا طور تي نقيب کي قتل ڪيو ويو. ياد رهي ته هن ڪيس ۾ ڪل 11 پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 15 اڃان تائين روپوش آهن. هن ڪيس ۾ ٻن شاهدن پاران جي آءِ ٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته انهن کي ڪنهن اڻ ڄاڻ جڳهه تي رکيو ويو هو جتي انهن جي نقيب سان ملاقات ٿي هئي، نقيب ئي هنن کي ٻڌايو هو ته پوليس هن کان 10 لک رپيا گهريا آهن پر هن وٽ 50 هزار رپيا به نه آهن. جڏهن ته رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس نقيب کي ٽن ڄڻن سان گڏ انڪائونٽر ۾ قتل ڪيو ۽ انهن کي دهشتگرد ڄاڻايو. ياد رهي ته نقيب جي پيءُ 23 جنوري تي رائو انوار خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته رائو انوار هڪ ڪوڙي حملي ۾ هن جي پٽ کي قتل ڪيو آهي. نقيب جي قتل بعد سڄي ملڪ اندر سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي هن ڪيس بابت ڪافي هنگامون ٿيو، جنهن بعد انساني حقن جي ادارن ۽ سياسي پارٽين پاران به احتجاج ۽ گهر ڪئي وئي ته نقيب سان انصاف ڪيو وڃي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ هن ڪيس جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو ۽ جي آءِ ٽي قائم ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو.