خاص

(RBOD-II) پروجيڪٽ لاءِ بين الاقوامي ماهرن ۽ صلاحڪارن کي هائر ڪرڻ جي رٿ

سنڌ حڪومت هڪ پروپوزل رڪئيسٽ تي ڪجهه بين الاقوامي ماهرن کي هائر ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي ته جيئن اهي (RBOD-II) رائٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين جو اڀياس ڪري سگهن جنهن جي اڀياس ۾ اڳ ۾ ئي ويهه سال دير ٿي چڪي آهي. گورنمينٽ هن پروجيڪٽ جي مڪمل ڪرڻ جي ذميداري واپڊا کي سونپڻ جو سوچي رهي آهي. سنڌ گورنمينٽ جو چوڻ آهي ته هوءَ ان پروجيڪٽ کي مڪمل نه ڪري سگهي آهي تنهنڪري ان کي واپڊا جي حوالي ڪيو ويندو. ان کي واپڊا کي ئي پورو ڪرڻ کپي، سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي رڪئيسٽ فار پروپوزل تيار ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ لاڳاپيل اسٽيئرنگ ڪميٽيون ان جو فيصلو ڪنديون ته بين الاقوامي صلاحڪارن کي ان جي لاڳت جي لاءِ هائر ڪيو وڃي ۽ اهو به ڏٺو ويندو ته ان ۾ ڪنهن تبديلي جي ضرورت آهي يا نه. (RBOD-II) سيوهڻ جي ديهه ڪرمپور ۽ ٺٽي جي گهارو ڪريڪ جي وچ ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي. هن پروجيڪٽ ۾ ڪيترائي مسئلا سامهون آهن جنهن ۾ زمين جو حاصل ڪرڻ به شامل آهي.