خاص

کنڊ بحران جو سڀ کان گهڻو فائدو جهانگير ترين کنيو

اٽي ۽ کنڊ جي بحران جي حوالي سان جاچ رپورٽ منظر عام تي اچي وئي. جاچ رپورٽ موجب کنڊ بحران ۾ سياسي ڪٽنبن وڏو مال ٺاهيو ۽ جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جي ڀاءُ کي سڀ کان وڌيڪ فائدو ٿيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي نااهلي اٽي جي بحران جو سبب ٿي. ايف آءِ اي جي جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ بحران جو سڀ کان وڏو فائدو حڪمران پارٽي جي اهم اڳواڻ جهانگير ترين کنيو، ٻئي نمبر تي وفاقي وزير خسرو بختيار جي ڀاءُ ۽ ٽئين نمبر تي حڪمران اتحاد ۾ شامل مونس الاهي جي ڪمپنين فائدو کنيو. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته پنجاب حڪومت ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي شگر ملز کي سبسڊي ڏني ۽ اقتصادي رابطا ڪاميٽي ايڪسپورٽ جي اجازت ڇو ڏني؟ ان حوالي سان وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته يقين آهي ته ڪهڙي به صورتحال هجي عمران خان انصاف ڪندو. تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته 3 ارب رپين مان اڍائي ارب جي سبسڊي ن ليگ جي دور ۾ ڏني وئي