نئون

انتهائي خطرناڪ هٿيار ايجاد ڪري ورتا آهن:  روسي صدرجو اعلان

روس جي صدرولادمير پيوٽن هڪ اعلان ۾ چيو آهي ته هن جي ملڪ انتهائي خطرناڪ هٿيار ايجاد ڪري ورتا آهن. جنهن کي آمريڪي دفاعي نظام به روڪي نه ٿو سگهي.  روسي صدر پيوٽن ملڪي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ 2 ڪلاڪن جي ڊگهي خطاب ۾ اعلان ڪيو ۽ چيو ته روس  تمام خطرناڪ هٿيار ايجاد ڪري ورتا آهن. ۽ اهي جديد ترين ايٽمي ميزائل دنيا ۾ ڪٿي به تباهي آڻي سگهن ٿا. روسي صدر اهو به ٻڌايو ته روس پاران آبدوز مان ڇڏيو ويندڙ  ڊرون به تيار ڪري ورتو آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهڙن  2 نون هٿيارن جا وڊيو  به هلايا ويا. ٻئي طرف خابرو ادارن هي امڪان ظاهر ڪيو  ته ايندڙ  17 ڏينهن بعد ٿيندڙ چونڊن  ۾ پيوٽن هڪ دفعو ٻيهر صدر چونڊجي سگهي ٿو.