بلاگنئون

ڪتاب ”ريڊيو روح رهاڻ“ جو مفصل جائزو

چوندا آهن ته عشق جو ڪو ملهه ڪونهي ۽ نه ئي ڪو عشق جو ڪو پيمانو آهي، جنهن کي ماپي سگهجي ان ڪري عاشق کي ڪو ديوانو چوي ٿو چوي ته ڪو پروانو​  ٿو سڏي۔ هن عشق جي آڙاهه ڪڏهن نانگو ڪري نچايو آهي ته ڪڏهن ملنگ ۽ مستانو​ بڻايو آهي،۔ ڪو عشق ۾ پنهنجا حال وڃائي معشوق ٿئي ٿو ته ڪو رام چوي ته ڪو رب چئي انالحق جون صدائون ٿو هڻي، ڪو صوفي سرمست سڏائي ته ڪو قلندر شهباز سڏائي ۽ ڪو ڀٽ وسائي عشق جو اظهار ٿو ڪري۔. مطلب ته عشق املهه آهي، جنهن کي ڪو ڪو سمجهي سگهيو آهي.۔ اڄ جي دور ۾ به عشق جا انداز الستي ملن ٿا، ۔هر عاشق پنهنجي پنهنجي انداز سان عشق جو چرخو چوري ٿو، پر تنقيد جا تير هڻڻ وارا اڄ به کيس چريو، واندو ۽ فضول چئي زخمي ڪن ٿا، پر عاشق جتي شمع جلندي آهي اتي پروانو ٿي پهچندو آهي۔. جيڪڏهن توهان جو اخبار سان عشق آهي ته ماڻهو مهڻو ڏئي چوندا ته اڄ جي دور ۾ اخبار پڙهي ڪير ٿو؟ جيڪڏهن اوھان ليکڪ آهيو ۽ پنهنجي عشق ۾ ڪتاب ڇپرايو ٿا ته اهي ئي توهان کي چوندا ته ڪتاب جي هن دور ۾ ڪا اهميت ڪانهي، هر شيءِ نيٽ تي پئي آهي، اجايو خرچ ڪري وقت ٿا وڃايو۔، وري اهو ساڳيو ماڻهو ڪتاب تحفي طور گهرندو آهي۔، جڏهن ڪتاب جي اهميت ئي ڪانهي ته تحفو يا اعزازي ڪاپي وٺڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ ساڳئي ريت جيڪڏهن ڪو ريڊيو تي پروگرام ٻڌندي ڏسندو ته حيرت مان چوندو ته توهان ته موئن جي دڙي جي زماني جا ٿا لڳو، هي جديد دور آهي ان ڪري انٽرنيٽ تي اچي پل پل جي خبر وٺو. مطلب ته اهي ماڻهو توهان کي ڪنهن به حال ۾ خوش ڏسڻ نٿا چاهين ۽ نه ئي توهان جي عشق جي انداز کي سمجهي سگهن ٿا،۔ ان ڪري پنهنجي عشق جو سفر جيئن جو تيئن جاري رکو۔. ڪو دور هو جڏهن ريڊيو هر عام ۽  خاص ماڻهن جي دل وندرائڻ سان گڏوگڏ معلومات فراهم ڪندو هو ۽ ماڻهو خط لکي پنهنجي فرمائش تي ڪلام ٻڌڻ جو انتظار ڪندا هئا. گهڻا وري چٽاڀيٽي جي پروگرامن ۾ حصو وٺي پنهنجي معلومات ۾ اضافي خاطر تحقيق ڪندا هئا، اهو سلسلو پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ تائين جاري رهيو۔ توڙي جو جديد ٽيڪنالاجي انسان کي الجهائي ڇڏيو آهي، پر ريڊيو جو روح اڃان تائين ايف ايم ريڊيو جي صورت ۾ صحيح سلامت ۽ زنده آهي.۔ اڄ جي جديد دور ۾ جتي دنيا تيز رفتاري سان ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي رهي آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي نون نون انقلابن کي جنم ڏئي رهي آهي ۽ مصنوعي ڏاھپ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جو ڪردار وڌي رهيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ ان جي استعمال سان معاشي، تخليقي ۽ علمي حوالن کان نوان در کلي رھيا آھن اتي روايتي ميڊيا، خاص طور تي ريڊيو، هن تڪڙي بدلجندڙ دنيا ۾ اهم ڪردار ادار ڪري رهيو آهي.۔ هن وقت ريڊيو صرف تفريح ۽ خبرون ڏيڻ تائين محدود ناھي رهيو، بلڪه ريڊيو هڪ اهڙو ميڊيم آهي جنهن پنهنجي اوائلي دور کان ئي عوام تائين عوام جو آواز پهچائڻ، آگاھي ڏيڻ ۽ معلومات پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ريڊيو خاص طور تي پاڪستان سميت ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ هڪ طاقتور اوزار ثابت ٿيو آهي. جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، تڏھن اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪو وجود ئي نه هو، پر ريڊيو ئي هو جيڪو عوام تائين درست ، ترت ۽ اعتبار جوڳي معلومات پهچائڻ جو ذريعو بڻيو. ان کان علاوه، ريڊيو ٻڌندڙن جي دلين ۾ هڪ احساس پيدا ڪيو ته هو دنيا سان ڳنڍيل آهن ۽ اها ڳالهه اڄ تائين جاري آهي. ريڊيو پنھنجي صورت، ڪارج ۽ اھميت کي نه رڳو گذرندڙ وقت سان تبديل ڪيو آھي، بلڪه ائين چئجي ته ھم آھنگ ڪيو آھي. جدت جي ھر نئين انقلاب کي قبوليو آھي. اڄ جي دور ۾، جڏهن مصنوعي ڏاھپ مختلف شعبن ۾ انقلاب آڻي رهي آهي ته ريڊيو پڻ ان حوالي سان آواز، انداز ۽ پيشڪش ۾ اھي طريقا شامل ڪيا آھن. ريڊيو جو هيءُ نئون روپ نه رڳو ٻڌندڙن کي تفريح فراهم ڪري رهيو آهي، پر شعور ۽ سکيا جا نوان دروازا کولڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. هن وقت به پاڪستان ۾ هر ماڻهو کي جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل نه آهي، ان ڪري ريڊيو هڪ اهم ذريعو آهي جيڪو هر ماڻهو تائين پهچي ٿو، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فونن جي رسائي محدود آهي. ريڊيو سماجي شعور وڌائڻ، تعليم عام ڪرڻ ۽ اهم مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ ۾ اڄ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. دنيا ۾ تجارتي (ڪمرشل) ۽ تعليمي ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن جي تعداد ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي جيڪي اتان جي ملڪن ۾ موجود ميڊيا جا مختلف نظام ۽ ضابطن تحت ھلن ٿا. تجارتي ريڊيو اسٽيشن عام طور تي نجي شعبي طرفان هلن ٿيون، جيڪي اشتهارن جي ذريعي آمدني ڪمائينديون آهن، جڏهن ته تعليمي ريڊيو اسٽيشنون تعليمي ادارن يا اين جي اوز طرفان هلن ٿيون جيڪي تعليمي مواد مهيا ڪرڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيون وڃن ٿيون.

ساهتي پرڳڻي جو سينئر استاد ۽ شاهه جو شيدائي راهب لاڙڪ جو شمار نه رڳو ريڊيو ٻڌندڙن ۾ ٿئي ٿو، پر ريڊيو جي هر پروگرام ۾ حصو وٺندڙن ۾ به اڳڀرو رهيو آهي.۔ريڊيو جي دنيا ۾ شايد ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو راهب لاڙڪ کي نه سڃاڻندو هجي، هر معلوماتي پروگرام ۾ سندس شرڪت لازمي هجي ٿي. اهوئي سبب آهي جو سندس دوستن جو وڏو انگ ريڊيو پروڊيوسرن، ڪمپيئرن، ٻڌندڙن ۽ فنڪارن جو آهي جن کي پنهنجي ڪتاب “ريڊيو روح رهاڻ” ۾ شامل ڪيو اٿائين. سندس هي ڪتاب مئي 2025ع ۾ شاد پبليڪيشن حيدرآباد ڇپي پڌرو ڪيو آهي. ۔پاڻ هن ڪتاب جي ارپنا ڳوٺ احمد خان مري جي ريڊيو ٻڌندڙ مرحوم ناچيز جعفر علي خاصخيلي ۽ ڦلجي اسٽيشن جي مرحوم ڊاڪٽر قبن جهتيال جي نانءُ ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ 143 شخصيتن جا تصويرن سميت مڪمل تعارف پيش ڪيا آهن، جن ۾ وسند علي مهر، عبدالله عرف ابو ميمڻ، بخشل راهي، سيد مشتاق احمد بخاري، حاجي عبدالجليل لغاري، عبدالله جروار، وفا خادم حسين ڏيٿو، عبدالڪريم ويسر، عاجز کوکر، استاد محمد عالم شر،۔نياز علي نياز شر، محمد خان بروهي،۔سيد غلام رسول شاهه، ۔جاويد جبار لغاري،۔ فقير محمد سنڌي، ۔ساجد سنڌي،۔ راجا فياض احمد رند، شمس الدين سولنگي، وفا علي اڪبر خاصخيلي، محمد صديق جلباڻي، راجا رفيق احمد شيخ،۔وفا حسين علي شر، فقير عبدالحسين جسڪاڻي،۔سراج الدين نظاماڻي، حبدار هادي بخش چانڊيو، ۔احسان الله لغاري، نبي بخش ميراثي، ۔استاد گلاب گل ٻٻر، مير لياقت علي ملاح، ڪمپيئر محمد خان زرداري، ڪمپيئر نظر علي نائچ، ڪمپيئر شوڪت سنگراسي، ڪمپيئر ارشد حسن هڪڙو، مير عبدالغفار جعفري، الهبچايو سولنگي، زنوار حاجي غلام نبي ڀنگوار، آرزو امداد علي چانگ، وفا نور محمد مهر، مير حسن مهر، ايڊووڪيٽ محمد ياسين خاصخيلي، راشد انيس خاصخيلي، مزار خان، فراش۔ابوپوٽو پنهل راهي، وفا تاج محمد خاصخيلي، استاد بخت حسين، فقير حاجي محمد صالح ڪڇي، برڪت علي جمالي، بشير حسيني وسطڙو،۔وفا ياسين آرائين، پريمي غلام شبير شر، سڪايل سميع الرحمان شر، خاموش خليل الرحمان شر، ممتاز تبسم شر،۔فقير نظر علي ناز هيسباڻي، علي اڪبر عارياڻي، سحر پرهه سنڌو، شميم سومرو، مهر فقير، نور حسن چانڊيو، نور محمد لاشاري، علي گل لاشاري، عاشق حسين لاشاري۔، ڪمپيئر مير اڪرم علي ٽالپر، آر جي قمر الزمان ڏاهري، آر جي راجا رضوان جلباڻي، آر جي اعظم مري، آر جي لالچند وشنائي، آر جي ساحل بلوچ، شاهنواز صاحباڻي، آر جي ممتاز علي لاشاري، غلام سرور ٿهيم محمد انور سولنگي، استاد محمد ميوو علياڻي، استاد نصر الله ڏاهري، عاجز رب ڏنو سمون، حاجي نظير احمد، استاد اڪرم علي سرگاڻي، استاد علي گوهر پنهور،۔ڪلاڪار دانش، منظور ٿهيم، ڪلاڪار صداقت علي وسطڙو، شاد عبدالشڪور ڇٽو،۔ناشاد شوڪت علي شنباڻي، لال خان خاصخيلي،۔محمد وسيم رحماني، ممتاز علي عالماڻي، مير ممتاز علي جتوئي،۔محمد رحيم بروهي، مدد علي بروهي، ساگر محمد اقبال گابار، ۔شمس الدين گابار،  مير صوبدار علي لغاري،۔اياز حسين ش. شاد، شاهه محمد ڏاهري، مسڪين محمد هاشم مجيداڻو، ساگر ساجد علي مغيري، نجاوت خان مغيري، ۔فقير محمد اسماعيل مغيري،۔امير بخش چانڊيو، عرض محمد گولو، راجا رجب علي چانڊيو،۔هرچندراءِ مڪواڻا، تارا چنڊ ڀيل، خميسو مل وشناڻي،۔ محمد بخش، محمد ميرڻ جکراڻي،۔ عزيزالله تڳر،۔ذاڪر حسين ڪور، مير مولا داد گبول، ناچيز عاشق علي خاصخيلي، وفا گل شير شر،۔عابد حسين ٻرڙو، غلام حسين، غلام حسين ڀٽي، وفا شھزادو مگسي،  فوجي الاهي بخش چانڊيو، معصوم جکراڻي، ارشاد علي اڄڻ، عزيز الرحمان چانڊيو، محمد اشرف اڄڻ، وفا دلبر علي مجيداڻو، مسڪين الله بخش جمالي، محمد صالح ڏيٿو، محرم علي ڳوراهو، غلام شبير پيراهن، راهب علي لاڙڪ،۔قمبر خان مغيري، غازي غلام رسول دل، انور گل هاليپوٽو،۔منير احمد سهندڙو،۔ براڊڪاسٽر غلام حسين خاصخيلي، عبد محمد اسماعيل هنڱورجو، شاعر ڪفايت حسين لاڙڪ، ڊاڪٽر قربان علي جهتيال، زخمي چانڊيو، ناچيز جعفر علي خاصخيلي، شاهنواز سرگاڻي، استاد محرم علي مشوري، مير هزار خان جکرو، شاعر امير بخش پھوڙ، ايم. ابراهيم، راڄ۔ الهداد گورچاڻي، غلام علي بگٽي شامل آهن. جڏهن ته 108 اهڙا ريڊيو جي ٻڌندڙن جا نالا ڏنا اٿائين جيڪي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور پروڊيوسر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو لکيو آهي.۔ هن ڪتاب جي پڙهڻ سان جتي شخصيتن بابت بنيادي ڄاڻ ملي ٿي اتي راهب لاڙڪ جي تحقيق ۽ رابطي جي به خبر پوي ٿي۔ توڙي جو هن وقت عالمي سطح تي، هزارين تجارتي ۽ تعليمي ايف ايم ريڊيو اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن، جن سان راهب لاڙڪ سميت ڪيترائي دوست سلهاڙيل آهن ۽ مختلف معلوماتي ، تفريحي ۽ موسيقي جي پروگرامن ۾ حصو وٺي من جي مونجهه لاهين ٿا۔. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ري اڃان تائين هر طبقي تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۾، جتي مختلف علائقن ۾ گھڻ ٻوليون ۽ ثقافت جا مختلف رنگ موجود آهن، اتي  ريڊيو ماڻهن کي انهن جي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت ۾ معلومات پهچائڻ جو بهترين ذريعو بڻجي رهيو آهي. اڄ جي دور ۾ جتي سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن، اتي ريڊيو جو مقام اهي ئي سمجهي سگهن ٿا جيڪي ريڊيو سان عشق ڪندا هوندا.۔ ريڊيو پنهنجي مخصوص خصوصيتن جي ڪري هميشه جديد ميڊيا تي غالب نظر اچي ٿو، ڇو ته اهو سستو، آسان ۽ هر جڳهه تي دستياب آهي، جنهنڪري اهو عوام تائين پهچڻ جو بهترين ذريعو آهي. راهب لاڙڪ ريڊيو پروڊيوسرن ڪمپيئرن ۽ ٻڌندڙن جو تعارف نئين سر پيش ڪري انهن جي نه رڳو حوصلا افزائي ڪئي آهي، پر نون ريڊيو ٻڌندڙن کي پڻ ريڊيو طرف رجوع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.۔ ڇو ته ريڊيو پروگرامن ۾ نوان تجربا ۽ تخليقيت جون نيون راهون کلن ٿيون، جنهن سان انسانيت جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو.

***