چوندا آهن ته عشق جو ڪو ملهه ڪونهي ۽ نه ئي ڪو عشق جو ڪو پيمانو آهي، جنهن کي ماپي سگهجي ان ڪري عاشق کي ڪو ديوانو چوي ٿو چوي ته ڪو پروانو ٿو سڏي۔ هن عشق جي آڙاهه ڪڏهن نانگو ڪري نچايو آهي ته ڪڏهن ملنگ ۽ مستانو بڻايو آهي،۔ ڪو عشق ۾ پنهنجا حال وڃائي معشوق ٿئي ٿو ته ڪو رام چوي ته ڪو رب چئي انالحق جون صدائون ٿو هڻي، ڪو صوفي سرمست سڏائي ته ڪو قلندر شهباز سڏائي ۽ ڪو ڀٽ وسائي عشق جو اظهار ٿو ڪري۔. مطلب ته عشق املهه آهي، جنهن کي ڪو ڪو سمجهي سگهيو آهي.۔ اڄ جي دور ۾ به عشق جا انداز الستي ملن ٿا، ۔هر عاشق پنهنجي پنهنجي انداز سان عشق جو چرخو چوري ٿو، پر تنقيد جا تير هڻڻ وارا اڄ به کيس چريو، واندو ۽ فضول چئي زخمي ڪن ٿا، پر عاشق جتي شمع جلندي آهي اتي پروانو ٿي پهچندو آهي۔. جيڪڏهن توهان جو اخبار سان عشق آهي ته ماڻهو مهڻو ڏئي چوندا ته اڄ جي دور ۾ اخبار پڙهي ڪير ٿو؟ جيڪڏهن اوھان ليکڪ آهيو ۽ پنهنجي عشق ۾ ڪتاب ڇپرايو ٿا ته اهي ئي توهان کي چوندا ته ڪتاب جي هن دور ۾ ڪا اهميت ڪانهي، هر شيءِ نيٽ تي پئي آهي، اجايو خرچ ڪري وقت ٿا وڃايو۔، وري اهو ساڳيو ماڻهو ڪتاب تحفي طور گهرندو آهي۔، جڏهن ڪتاب جي اهميت ئي ڪانهي ته تحفو يا اعزازي ڪاپي وٺڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ ساڳئي ريت جيڪڏهن ڪو ريڊيو تي پروگرام ٻڌندي ڏسندو ته حيرت مان چوندو ته توهان ته موئن جي دڙي جي زماني جا ٿا لڳو، هي جديد دور آهي ان ڪري انٽرنيٽ تي اچي پل پل جي خبر وٺو. مطلب ته اهي ماڻهو توهان کي ڪنهن به حال ۾ خوش ڏسڻ نٿا چاهين ۽ نه ئي توهان جي عشق جي انداز کي سمجهي سگهن ٿا،۔ ان ڪري پنهنجي عشق جو سفر جيئن جو تيئن جاري رکو۔. ڪو دور هو جڏهن ريڊيو هر عام ۽ خاص ماڻهن جي دل وندرائڻ سان گڏوگڏ معلومات فراهم ڪندو هو ۽ ماڻهو خط لکي پنهنجي فرمائش تي ڪلام ٻڌڻ جو انتظار ڪندا هئا. گهڻا وري چٽاڀيٽي جي پروگرامن ۾ حصو وٺي پنهنجي معلومات ۾ اضافي خاطر تحقيق ڪندا هئا، اهو سلسلو پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ تائين جاري رهيو۔ توڙي جو جديد ٽيڪنالاجي انسان کي الجهائي ڇڏيو آهي، پر ريڊيو جو روح اڃان تائين ايف ايم ريڊيو جي صورت ۾ صحيح سلامت ۽ زنده آهي.۔ اڄ جي جديد دور ۾ جتي دنيا تيز رفتاري سان ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي رهي آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي نون نون انقلابن کي جنم ڏئي رهي آهي ۽ مصنوعي ڏاھپ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جو ڪردار وڌي رهيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ ان جي استعمال سان معاشي، تخليقي ۽ علمي حوالن کان نوان در کلي رھيا آھن اتي روايتي ميڊيا، خاص طور تي ريڊيو، هن تڪڙي بدلجندڙ دنيا ۾ اهم ڪردار ادار ڪري رهيو آهي.۔ هن وقت ريڊيو صرف تفريح ۽ خبرون ڏيڻ تائين محدود ناھي رهيو، بلڪه ريڊيو هڪ اهڙو ميڊيم آهي جنهن پنهنجي اوائلي دور کان ئي عوام تائين عوام جو آواز پهچائڻ، آگاھي ڏيڻ ۽ معلومات پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ريڊيو خاص طور تي پاڪستان سميت ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ هڪ طاقتور اوزار ثابت ٿيو آهي. جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، تڏھن اليڪٽرانڪ ميڊيا جو ڪو وجود ئي نه هو، پر ريڊيو ئي هو جيڪو عوام تائين درست ، ترت ۽ اعتبار جوڳي معلومات پهچائڻ جو ذريعو بڻيو. ان کان علاوه، ريڊيو ٻڌندڙن جي دلين ۾ هڪ احساس پيدا ڪيو ته هو دنيا سان ڳنڍيل آهن ۽ اها ڳالهه اڄ تائين جاري آهي. ريڊيو پنھنجي صورت، ڪارج ۽ اھميت کي نه رڳو گذرندڙ وقت سان تبديل ڪيو آھي، بلڪه ائين چئجي ته ھم آھنگ ڪيو آھي. جدت جي ھر نئين انقلاب کي قبوليو آھي. اڄ جي دور ۾، جڏهن مصنوعي ڏاھپ مختلف شعبن ۾ انقلاب آڻي رهي آهي ته ريڊيو پڻ ان حوالي سان آواز، انداز ۽ پيشڪش ۾ اھي طريقا شامل ڪيا آھن. ريڊيو جو هيءُ نئون روپ نه رڳو ٻڌندڙن کي تفريح فراهم ڪري رهيو آهي، پر شعور ۽ سکيا جا نوان دروازا کولڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي رهيو آهي. هن وقت به پاڪستان ۾ هر ماڻهو کي جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي حاصل نه آهي، ان ڪري ريڊيو هڪ اهم ذريعو آهي جيڪو هر ماڻهو تائين پهچي ٿو، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فونن جي رسائي محدود آهي. ريڊيو سماجي شعور وڌائڻ، تعليم عام ڪرڻ ۽ اهم مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ ۾ اڄ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. دنيا ۾ تجارتي (ڪمرشل) ۽ تعليمي ايف ايم ريڊيو اسٽيشنن جي تعداد ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي جيڪي اتان جي ملڪن ۾ موجود ميڊيا جا مختلف نظام ۽ ضابطن تحت ھلن ٿا. تجارتي ريڊيو اسٽيشن عام طور تي نجي شعبي طرفان هلن ٿيون، جيڪي اشتهارن جي ذريعي آمدني ڪمائينديون آهن، جڏهن ته تعليمي ريڊيو اسٽيشنون تعليمي ادارن يا اين جي اوز طرفان هلن ٿيون جيڪي تعليمي مواد مهيا ڪرڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ قائم ڪيون وڃن ٿيون.