حد دخلين خلاف آپريشن ڪيس ۾ سعيد غني خلاف توهين عدالت نوٽيس جاري
سپريم ڪورٽ حد دخلين خلاف آپريشن جي ڪيس ۾ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ڪراچي واري رجسٽري ۾ حد دخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل، دفاع وارو سيڪريٽري، ڪراچي جو ميئر، ايڊووڪيٽ جنرل، ايم ڊي واٽر بورڊ، ڪينٽونمينٽ جا آفيسر ۽ ٻيا به آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ، سعيد غني ۽ ميئر ڪراچي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت جي حڪم باوجود حد دخليون ختم ڪرڻ کان انڪار جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا توهان عدالت سان جنگ ڪرڻ چاهيو ٿا؟ هن موقعي تي درخواستگذار محمود اختر نقوي چيو ته سعيد غني عدالت جي حڪم خلاف تقرير ڪئي ۽ عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جنهن بعد عدالت پاران سعيد غني جي بيان جو نوٽيس وٺندي کيس توهين عدالت جو نوٽيس ڏيئي ڇڏيو.

