سرداري نظام سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو:جسٽس صلاح الدين پنهور
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ بدامني ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سرداري نظام سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ جيڪي آفيسر لڳن ٿا اهي سردارن جا ڀائر آهن. بدامني چوٽ چڙهيل آهي. گذريل ٻڌڻي تي غير حاضر رهندڙ ايس ايس پي نوشهرو فيروز عبدالقيوم پتافي عدالت آڏو پيش ٿي معافي ورتي، عدالت قيوم پتافي کان سوال ڪيو ته توهان ايس ايس پي ڪيئن بڻيا؟ قيوم پتافي جواب ڏيندي چيو ته مان 1994 ۾ ڊي ايس پي طور ڀرتي ٿيس، جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ۾ چيو ته ماضي ۾ سياستدانن ۽ وڏيرن جي اولاد جي ڀرتي ٿيندي هئي، توهان جي آءِ جي کي چيو آهي ته ڪم نه ٿا ڪري سگهو ته سيٽ ڇڏي ڏيو، توهان کي ٽن مهينن جي مهلت ٿا ڏيون.

