سنڌ جي وڏي وزير پاران 30 ڏينهن واري ڪلين ماءِ ڪراچي مهم جي شروعات
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڄ کان 30 ڏينهن واري ڪلين ماءِ ڪراچي مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان وڏي وزير ڪالهه واري اجلاس ۾ ڪيو جنهن ۾ لاڳاپيل اداري جو وزير، صلاحڪار ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته صاف شهر ڊي ايم سيز کي ڏيڻو آهي ته جيئن ان صفائي کي برقرار رکي سگهن. وڏي وزير پاران تيار ڪيل مهم تحت صفائي جي ڪم کي سب ڊويزن جي سطح تي ورهايو ويو آهي جتي صوبائي حڪومت پاران لوڊر، بيلچا، ٽريڪٽر، ٽراليون ۽ ٻيون مشينون ڊپٽي ڪمشنرن کي فراهم ڪيون ويون آهن. وڏي وزير پاران چيو ويو آهي ته مان هن مهم دوران سڀني ضلعن جو دورو ڪندس ۽ هن دوري جي دعوت علي زيدي ۽ ميئر وسيم اختر کي به ڏيندس. وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ڏينهن رات ڪچرو کڻائين ته جيئن هڪ مهيني اندر شهر صاف ٿي وڃي.

