سنڌ جي لوڪل باڊيز ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو

صوبي اندر برسات جي پيشنگوئي سبب سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ جي وزير ناصر حسين شاهه صوبي اندر لوڪل باڊيز جي اسٽاف جون موڪلون ختم ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته اهي موڪل وارن ڏينهن ۾ به ڪم ڪندا رهندا. ٻئي طرف سنڌ جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ به ايمرجنسي لاڳو ڪندي 9 کان 12 آگسٽ تائين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. صوبي جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ڪنٽرول روم به ٺاهيا ويا آهن، جيڪي ڪنهن به قسم جي خراب صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *