ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ڪھاڻيءَ جو اڏامندڙ پنو

سالن کانپوءِ ساڳيو رستو صبح جو پھر تيز اُس، شاگردن ۽ اُستادن جي پوائنٽس جو آواز ۽ شور، اسٽوڊنٽ ۽ استاد تڪڙ مان شولڊر بيگ کنيو لھن پيا، ھوءَ ڌيرج مان لھندڙ اڪيڊمڪ ۽ ايڊمنسٽريشن بلاڪ ڏانھن، قدم ڀريندي وئي، ڳالھيون پکين جي لات جيان، ھو چوماسي جي ھوا جيان ڪڍ وڃيس پيو، روڊ سان بيٺل پام جا ڊگھا وڻ مڙندڙ رستو، زندگي به ته ايئن آھي، ڪڏھن موڙ کائيندي آھي، ھن اوچتو بي خيالي وچان ٽيٽيھر پکي جيان ٻوليو. ھن پوئتي لوڻون ھڻي قدم بنھه آھستي ڪري مرڪي ڏنو، ۽ کيس اڳتي ھلڻ جو اشارو ڪيو. آرٽس لابي جي سامهون ايڊمنسٽريشن جون ڏاڪڻيون ۽ ڀر ۾ وي سي صاحب جي لھڻ چڙھڻ جي خاص لفٽ. سمجھان پيو يا ڪو وھم اٿم ته چوندي، ايترن سالن کانپوءِ به بادلن جيان رولاڪ ٿيو ھلين. الاءِ ڪھڙي خيال کان پويان لوڻان ھڻي ٿي. آئون مست بادل جيان ڇانيل آھيان. ايئن ته ڪونه ٿيو جيڪو مون سوچيو بس مرڪي پئي. مرڪ فاصلن کي دور ڪري ڇڏيو. مرڪ گذريل عمر جي ويراڳ کي ڄاتل سڃاتل راڳ کي بنھه ويجھو ڪري ڇڏيو. راڳ اھڙو جو ياد ته ھو، پر ٻول وسري ويا ھئا.

ڏاڪڻيون چڙھندي ايڊمنسٽريشن بلاڪ جون ساڻس گڏ آفيس ۾ ويھي رھيو.

پٽيوالو پاڻي جا ٻه گلاس کڻي آيو ۽ کيس ڏسندي اکين ۾ ارمان ته ڪڏھن ڪافي جي ھڪ مگي کي بارش ۾ سپ سپ ڪرڻ ياد پيس. ڳالھين ۾ ھئا ته چانھ جا ٻه ڪپ پٽيوالو ڇڏي ويو.

گرم چانھ جي ٻاڦ نه ھئي، پر ڄڻ منھنجي من جي ٻاڦ.

ھو ڳالھين ۾ ھئا ۽ ھڪ ٻن ماڻھن جي اچڻ جي ڪري ڊسٽرب پئي ٿيا،

ھن چپن تي ڪپ رکيو، چانھ ٺري چڪي ھئي. ھن ڪڙي مرڪ مرڪي سوچيو منھنجي نصيب ۾ ٺريل ٿڌي چانھ ڇو آھي؟

ھو کانئس موڪلائي ھيٺ آرٽس لابي ۽ ايڊمن جي وچ واري رستي تي ڇڻيل گل مھر املتاس ۽ اُڏامندڙ ڪاڳرن کي ڏسندو ڊاڪٽر محمود الحسن سينٽرل لائبريري وٽان ٿيندو ڪينٽين وٽ بيھي، ٿيڻي ۽ اڻ ٿيڻي جي وھمن ۽ خيالن ۾ رلڻ لڳو.

ھو آفيس ڇڏي مون وٽ اچي ھڪ گرم ڪافي تي ڪڏهوڪي وسي ويل بارشن جون ڳالھيون ڪري، کيس ياد پئي ته ھو ڪڏھن ڪنھن شام ۾ اتي ويھندا ھئا. ڪراچي تان سج سمنڊ پار وڃڻ ۾ ھوندو ھو ۽ اڌ اونداھ رات ۾ اسٽاف ڪالوني ڏانھن ويندا ھئا. پريان ڪنھن ڪنھن کي گرم چانھ ۽ فرينچ فرائز کائڻ ۽ پريم گلي ۾ ويھڻ جو چيو. ان کي الاءِ ڇو انھن جا آواز پنھنجي من جي ڳالھ محسوس ٿي.

“مرڪين پيو؟”

ھن جي پڇا تي مون کي پنھنجي مرڪ اوپري لڳي، ڪا گھڙي خاموش رھي چيم.

“مرڪ به اوپري، ماحول به اوپرو.”

“تو ھڪ ڀيري چيو ھو نه اڇلايل ڪاڳر ۽ وکَر پنڀڻين سان ميڙڻ جو !؟”

“وس آھر سڀ ميڙي ڇڏيم، پر من جو ڪاڳر ڪورو ڪھاڻي لکڻ کان محروم آھي.”

کانئس موڪلائي، ايڊمنسٽريشن بلاڪ جو ڏاڪڻيون لھي ساڳئي رستي تي آيس.

رستن تي ڪاڳر ۽ گل مُھر املتاس جا ڇڻيل پن ۽ گل ڏسي لڳو ته ڄڻ گلن سان گڏ اتي منھنجي اوسيئڙي جون ڪيفيتون به ٽڙيل پکڙيل آھن ۽ ڪھاڻي نه لکي سگھڻ جو ارمان پڻ.

ڪھاڻي جا گم ٿي وئي آھي بس ڪا ياد ڪا پرڇائين رھجي وئي آھي.

بارش ٿئي پئي، اسٽاف ڪالوني چوڌاري مختلف شعبا، بڙ ۽ نمن جا وڻ بارش ۾ جھوميا ٿي ۽ بارش ايڏي تيز پئي ٿي جو وڻ جھڙو سجدي ۾ ڪري پيا ھئا.

“بيھي! مان اچان ٿي.”

ھوءَ گرلس ھاسٽل ڏانھن ھلي وئي ۽ آئون بيٺل آھيان يا بادلن جيان جھومان ۽ وسان پيو.

ڪجھ وقت کانپوءِ ھو بارش ۽ انڊلٺ جيان وسندي نکرندي ھٿ ۾ ھڪ مگو ڪافي جو کڻي موٽي، تن من کليو آسمان ٿي پيو ھئس.

“ڪافي ايتري جو ھڪ مگو مس ٺھيو.”

“نصيب ايتري ھئي.” مون کيس چيو.

“نصيب ڇا آھي؟”

“نصيب بارش ۾ ڌنڌلي عڪس ۽ پري پري کان ٻڌڻ ۾ ايندڙ ڪوئل ڪوڪ ڪو لوڪ گيت.”

 مون اڃان ايترو مس ڳالھايو ته عجب اکڙين سان عجب سوال ڪيائين.

“نصيب ڪو اھڙو احساس ڪنھن اھڙي ٻولي جو گانو ته نه آھي جو سمجھون به نٿا تڏھن به روليو ڇڏي من کي، ڪنڌ ۽ قدم جھوميو ٿا پون.”

ھن بنا پڇڻ جي چپ چوريا، چپ ڄڻ کنوڻ جو لمڪو چمڪو.

“سپ سپ ڪري پيئنداسين، ڇم ڇم ڪري وسنداسين.”

“پر پنھنجو سٻنڌ ته ھو سانوڻ جي مينھن جيان، ڪڏھن وسياسين ته ڪڏھن رسياسين.”

“بادلن جيان! ڪڏھن ڀريل بادل رسي پري ھليا ويندا آھن.

ھي ميلا جھميلا به بادلن وانگر ٽٽيو وکريو وڃن.”

ھن چپن ۾ چيو. حسرتون اڻ پوريون، ڪلھا گس ھوندي به ھن ڄڻ بادلن ھوائن سان ٿي ڳالھايو.

نصيب ڄڻ اھي ڳالھيون آهن جي چپن ۾ رھجو وڃن ۽ اندر من مندر ۾ پيون کٽڪنديون آھن. زندگيءَ جو روڳ ۽ سوڳ ٿيو پون ۽ پوءِ نظم ڪھاڻي لکڻ جي باوجود گھڻو ڪجھ رھجو وڃي.

تيز بارش جا ڪڻا ۽ اسان جا سرٻاٽ، ساڳيو رستو. اسٽاف ڪالوني ۽ ڪالوني جي ڀرسان چار پنج اسٽور ۽ اسٽورن تان ورتل چاڪليٽ ۽ چاڪليٽن جھڙيون ڳالھيون.

مينھن ھوائن ۾ آڳاٽا قديم بڙ، نمون ڪريل ھيون ڪٿان پکين جا آواز تاڙي تنوار ھِنياوُ تي ارمانن جا ھار گلاب. موسم پر اسرار، گم ٿيل آواز ورلاپ.

“تو ھڪ ڪھاڻي لکڻ ٿي چاھي؟”

“ڪھاڻي گم ٿي وئي.”

“ڳولھئيس ڪونه؟”

“ڏاڍي ڳولھا ڪيم، پر جڏھن به ان رستي تان گذرندو آھيان، ڪيتريون سانڀارون، پرڇايون ڪو ڌنڌلو چھرو ڌنڌلا احساس ڪر کڻي بيھندا آھن.”

ڌنڌلا رستا يا تيز تکي اُس ۾ لابي کان رستو ھڪ پيولن ڏانھن ٻيو سائنس شعبن ڏانھن مسڪن گيٽ يا سلور جوبلي گيٽ کان پوائنٽ ۽ اسٽاف بسن مان لھندڙ ٽيچرس، اسٽوڊنٽس ۽ ھو سڀني کان تڪڙي وڃي پئي. چاھتن جو بادل ٿيو ٿو پوان.

جھومي ٿو تن من. الا اڄ عيد ڪئي اکڙين.

ساڳيو شاگرد ڪاڳر ميڙي پيو.

“نيڪي ٿو پوکيان.”

“ھڪ پيار ڀري نظر به ته نيڪي آھي.”

ايڊمنسٽريشن بلاڪ وٽ پريم گلي، ڪئنٽين، وڻن جي گھاٽي ڇانو. ڏِھاڙي جيان شاگردن جي گلدستي ۾ ھڪ شاگرد سڀني جي نظر ۾ اچي ويو.

“ڪاڳر ٿو ميڙي نه ته عام شاگرد ڪپڙن تي مک به برداشت نه ڪندا آھن.”

“عام شاگرد گند ۾ ڀريا پيا آھن، پر گيٽ اپ ويل ڊريس ۾ لڪيا نه ٿيا.”

“ڪاڳر ميڙيندڙ کان ڪو پڇي پيو ڪاڳر سنڀالڻ لاءِ؟”

ھن کان ڪنھن ٻي شاگرد پڇيو.

“ڪاڳر ڪو ٻوٽا آھن جو پوکين ٿو؟”

“نيڪي جھڙو ڪو وڻ، ڪاڳرن ۾ مقدس پيراگراف، لفظ ھوندا آھن. صبحاڻ نيڪي جا ٻوٽا ٿي پوندا.”

روڊ جي ھن پاسي گھاٽا وڻ، گند ڪچرو وکريل پن.

“متان انھن ۾ واسينگ بلائون، پائيٿن يا ڪوبرا لڪيل ھجن.”

“ڪوبرا يا ڪُبرا.”

ايئن چوندي لھجي ۾ خوف ڇپڻ لڳو ھئس.

ھوءَ ھئي ته سکر روھڙي جي، ڄڻ اندر ۾ سنڌو ڇولي ۽ ساڌ ٻيلو لھي آيس، پر ساڌ ٻيلو شايد ڪڏھن ڏٺو ھئائين. ڪراچي لاهور جي ڪانوينٽ گرامر اسڪولن جي پڙهيل ھئي.

“لڳي ايئن ٿو ته ڪھاڻي ڪٿي گم ٿي وئي آھي.”

“ڪٿي گم ٿيندي؟ ماڻھون جي اندر مندر ۾ سندرتا جو ھڪ رڻ پٽ ھڪ جھنگ ٿيندو آھي جنھن ۾ چاھت ڀري حقيقتن جا ڀونئر ماکي ڇٽ اڻ ڇٽندڙ ڦٽ ٿيندا آھن.”

ھن کيس چپن سان چيو، پر چئي نه سگھيو.

پر اکين جي گھٽائن سان چيو. وسندڙ بارش، کنوڻ کجڪار، انڊلٺ جي رنگن سڀ ڪجھ چئي ڇڏيو.

“لڳي ٿو اھو ساڳيو رستو، ساڳيا شاگرد، شاگردياڻيون بارش ھجي يا تيز ڪڙي اُس حسرتن جي ڳاراڻي ۾.” ھن چيو.

اھي ڳاراڻي ۾ ورتل  شاگرد سنڌ جي ٻھراڙين ننڍن وڏن شھرن جا ھوندا آھن. جن کي ھاسٽل ۾ آسرو نه ھوندو آھي. باقي گلگت بلتستان پنجابKPK جي شاگردن جون اوطاقون ٺھيل ھونديون آھن ۽ ٻھراڙين جا شاگرد گلستان جوھر، گلشن اقبال، سچل ڳوٺ ۾ ڪرائي تي ورتل گھرن ۾ رھندا آھن. ھو يونيورسٽي جي پراڻن ھاسٽل ۾ الاءِ ڪھڙي خيال مان ويندا آھن ته کين امر جليل، قمر شھباز جي شاگردي دور جي رُومن ۾ انھن جي ڪھاڻين ۽ ڊرامن جا ڊائلاگ ورجائيندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ته امر جليل ۽ قمر شھباز جي ڪھاڻين کي ڊراماٽائيز ڪندا ۽ روڊن تان آرٽس لابي تائين وڃي نڪرندا آھن. ڪنھن ڏينھن قمر شھباز جي ڪھاڻي “نرواڻ” کي ڊراماٽائيز ٿي ڪيائون، ڪنھن شاگرد کي جليل جو ماسڪ ۽ ڪنھن کي اسما جو ماسڪ، پر ھاڻ سوال اھو ته گھوڙو ڪٿان اچي ھاسٽل جي ويرانن ۾ ويچارن ۾، ته رشد خماري ۽ الھام الدين جي ٽھڪن سان ويران ھاسٽل ٻُرڻ لڳي. جڏھن ٽھڪ ڏيندي بس ڪَيَن ۽ شاگردن کي ٻڌايو.

“ڪيمپس ۾ گھوڙا گھوڙيون ته ڳڻپ کان ٻاھر آھن، پر جانورن کي چار ٽنگون ۽ سماجي جانورن کي ٻه ٽنگون، سرگس لاءِ گھوڙو ڪٿان اچي؟”

پوءِ گھوٽ ڪنوار کي پنڌ و پنڌ دھل دمامن سهرن ۾ لابي تائين پھچايو.

“لڳي ٿو ڪا ياد ڪا پرڇائين ڪھاڻي جيان هميشه گذرندي رھي ٿي، ڪھاڻي ياد نه آھي، ڪھاڻي گل مُھر املتاس ۾ ماکي ڇٽي وانگر ويٺل آھي.”

ڪافي جي پلاسٽڪ مگي کي ڏسندي وڌيڪ چيو.

ھو بارش ۾ کويل ڪوئل جيان پُسيل ھئي.

بارش جي آوازن ۾ ھن رستي تي اڇلايل ڪافي جي خالي مگي کي ڏسندي چيو.

“شيون وکر ۽ رشتا ايئن رستن تي بيڪار ٿيو وڇڙيو وڃن.”

“ايئن به نه آھي، ڪڏھن ڪڏھن رستن تي ڪريل وکريل رشتا پنڀڻين سان ميڙڻا پوندا آھن.”

***