ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: اميد جو قتل ۽ رڻ ۾ رولاڪي

جنوري سنڌيار جي اکين ۾ اڃان ننڊ جون خمارون هيون، پر ذهن تي پريشانيءَ جا پهرا هئا. اوچتو پيءُ جي ٻاجهاري آواز کيس ننڊ مان جاڳايو: ابا سنڌيار! اٿ پٽ، اڄ تنهنجي ٽيسٽ آهي، ٽائيم تي نه پهچندين ته محنت ضايع ٿي ويندي.

سنڌيار اٿي ويهي رهيو، پر سندس چهري تي ڪا خوشي نه هئي. هن ڪيتريون ئي ٽيسٽون پاس ڪيون هيون، پر هر ڀيري نوڪري وري انهن کي ملندي هئي جن وٽ يا ته سياسي سفارش هئي يا پئسن جا ٿيلها. هن جهڪي آواز ۾ چيو، بابا، ٽيسٽ ڏيڻ ته ويندس، پر مون وٽ ڪرايو ناهي.

پيءُ هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ چيو، ابا، تنهنجي ماءُ برٿ جا وڳا ڀري ٽي هزار رپيا گڏ ڪيا آهن، اهي کڻي وڃ. سنڌيار جو هانءُ ٻُڏڻ لڳو. هن چيو، بابا، جيڪڏهن اهي پئسا مان کڻي ويس ته گهر جو راشن ڪٿان ايندو؟ توهان اڳ ئي بکون ٿا ڪاٽيو، پر پيءُ جي اکين ۾ اميد هئي، هن زور ڀريو، تون وڃ ابا، الله مالڪ آهي.

سنڌيار ڳوٺ جي وين اسٽاپ تي پهتو. دير سان آيل وين جي آخري تنگ سيٽ تي ويٺو، جتي هن جا گوڏا اڳين سيٽ ۾ گهٽجي رهيا هئا. ڪراچي پهچڻ تائين وين واري 1200 رپيا ڪرايو ورتو. سهراب ڳوٺ لٿو ته شهر جو گوڙ هُن کي کائڻ ٿي آيو. بس واري جو آواز لڳو، “صدر، صدر… ڪينٽ!”

ڪرايو ڪيترو؟ سنڌيار پڇيو.

سئو رپيا، ڪنڊيڪٽر وراڻيو.

صدر لٿو ته ٽيسٽ ۾ رڳو 15 منٽ باقي هئا. مجبوريءَ ۾ هڪ بائيڪ واري سان ڳالهايائين جنهن 400 رپيا ڪرايو گهريو. سنڌيار دل ۾ حساب لڳايو ته اڌ کان وڌيڪ پئسا ته رڳو اچڻ تي خرچ ٿي ويا، اڃان کائڻ پيئڻ ۽ واپسيءَ جو سفر باقي هو.

ٽيسٽ ڏئي جڏهن سنڌيار ٻاهر نڪتو ته بک ۾ پيٽ پاھ ٿي ويو هئس. پئسا بچائڻ لاءِ هن پنڌ هلڻ شروع ڪيو. ان ئي وقت سنڌيار جي پنهنجي موبائيل تي گهنٽي وڳي. هي سندس پيءُ جي ڪال هئي، جنهن وٽ پنهنجي موبائيل نه هئڻ ڪري ڪنهن ٻئي واٽهڙو کان فون وٺي پٽ کي نمبر ملايو هو.

هيلو… ابا سنڌيار؟ مان تنهنجو پيءُ ٿو ڳالهايان، ابا ٽيسٽ ڏئي ڇڏئي؟ پيءُ جو اوسيئڙي وارو آواز آيو.

اڃان سنڌيار جواب ڏئي ها ته اوچتو ٻه موٽرسائيڪل سوار اڳيان اچي بيٺا. هڪ تيز اوزار ڏيکاري دڙڪو ڏنو، موبائيل دي دو، واليٽ نڪالو! سنڌيار کان پئسا ۽ سندس اها موبائيل، جنهن تي پيءُ جو آواز اچي رهيو هو، ڦر ڪري ويا. پيءُ فون تي هيلو، هيلو ابا… آواز نٿو اچي… چوندو رهجي ويو ۽ لائين ڪٽجي وئي.

رات جي اونداهيءَ ۾ سنڌيار ڪراچيءَ جي روڊن تي بي يارو مددگار هو. اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. نه کيسي ۾ پئسا، نه فون، نه ڪو سڃاڻو. هوڏانهن گھر ۾ سندس امڙ مصلو وڇائي پٽ جي سلامتيءَ جون دعائون گهري رهي هئي، پر پٽ جو نمبر هاڻي بند ٿي چڪو هو.

هلندي هلندي سنڌيار کي پنهنجا ڪجهه ڳوٺائي دوست ياد آيا جيڪي ڪراچيءَ ۾ مزدوري ڪندا هئا. ڪنهن طرح پڇندو پڇندو انهن تائين پهتو. اتان پيءُ کي ڪال ڪري حقيقت ٻڌايائين، پر گهر واپس نه ويو. هن وٽ هاڻي پڙهائيءَ جي ڊگري هئي، پر هٿن ۾ مزدوريءَ جو اوزار.

هن پنهنجي يارن کي چيو، يار، مان هاڻي هتي ئي مزدوري ڪندس. جنهن پڙهائيءَ اسان جي ماءُ پيءُ کي بکون ڏنيون، اها ڊگري ڪهڙي ڪم جي؟ خودڪشي ته حرام آهي، پر ڀلا مزدوري ڪندس ٻيو ڇا ڪيان..

سنڌيار هاڻي هڪ پورهيت بڻجي ويو هو، جنهن جو مستقبل ڪراچيءَ جي روڊن تي ڦرجي ويو هو.

***