خاص

برطانيه ۾ اهم سرڪاري ادارن جي 5 لک ورڪرز جي هڙتال

برطانيه ۾ 124 سرڪاري ادارن جي 5 لک ورڪرن جي هڙتال سان زندگي جا معمول متاثر ٿي ويا. برطانوي ميڊيا مطابق هڙتال ڪندڙن ۾ استادن، ايمبولينس، ٽرين ۽ بس سروس سميت بارڊر فورس جا ملازم به شامل آهن. هڙتالي ورڪرن برطانوي حڪومت کان پگهارن ۾ اضافي ۽ سهولتون جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سرڪاري ادارن جي 5 لک ملازمن جي هڙتال سبب برطانيه ۾ اسڪول، يونيورسٽيون، ريل ۽ بس سروس بري طرح متاثر آهن، ملڪ ۾ هڙتال دوران 85 سيڪڙو اسڪول ۽ 150 يونيورسٽيون جزوي يا مڪمل بند رهيون.