خاصنئون

سائنسدان فضا ۾ اڏڻ وارو ڪبوتر روبوٽ ٺاهڻ ۾ ڪامياب

 

سائنس هر ڏينهن ڪا نه ڪا نئين ايجاد ڪري دنيا ۾ ماڻهن کي حيران ڪندي رهي ٿي. ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ انساني روبوٽ، سپاهي روبوٽ، ملازم روبوٽ ايتري حد تائين اينڪر روبوٽ کانپوءِ هاڻي پکين جي تخليق به ڪئي پئي وڃي. هونئن ته سائنسدان اهڙا پکي ٺاهي چڪا آهن جيڪي ڊرون وانگر اڏامي سگهن ٿا ۽ پرواز جي دوران پنهنجي ڏس ۽ رفتار به تخليق ڪري سگهن ٿا پر اهڙو منظر پهرين ڏٺو نه ويو هوندو ته اليڪٽرانڪ پکي اصل پکين کان وڌيڪ مهارت سان فضا ۾ هوائي غوطا لڳائي رهيو هجي. تحقيقي مخزن سائنس روبوٽڪس جي هڪ رپورٽ مطابق سوئيٽزرلينڊ جي سائنسدانن ڪبوتر جي اصلي پرن کي اليڪٽرانڪ ٽيڪنالاجي سان اهڙو جوڙيو آهي جو هي بلڪل اصلي ڪبوتر جا پر لڳن ٿا. جنهن کي فضا ۾ اڏارڻ کانپوءِ ريموٽ ڪنٽرول ڊوائيس سان حرڪت ڏيئي سگهجي ٿي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته هي پهريون قدم آهي ان کانپوءِ پکين ۾ اهڙا سسٽم لڳايا ويندا جنهن سان هو خود ڪار طور اڏامي سگهن. اهڙا پکي جن جون کنڀڙاٽيون ٽٽي پون ٿيون انهن کي کنڀڙاٽيون لڳائي اڏامڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو.