بلاگ

زئنزيبار جا سلطان

(حصو پهريون)

سلطنت زنجبار جو پهريون سلطان “ماجد بن سعيد” (سعيد بن سلطان جو ڇهون نمبر پٽ) 1856ع کان 1870ع تائين ٿيو. هنن سڀني سلطانن جي نالي اڳيان سيد به اچي ٿو ۽ آخر ۾ البوسعيد (Al- Busaid)، جو هي سڀ السعيد گهراڻي جا هئا. هتي اهي ٻئي لفظ اڳيان پويان ڳنڍي سلطان، سيد ماجد بن سعيد البوسعيد” لکڻ بدران فقط “ماجد بن سعيد” لکان ٿو. ماجد بن سعيد 1834ع ۾ هتي زئنزيبار جي اسٽون ٽائون ۾ ڄائو هو. دراصل ماجد بن سعيد جو والد “سعيد بن سلطان” ته ٻنهي سلطنتن (عمان مسقط ۽ زئنزيبار) جو والي وارث هو ۽ هو پنهنجي 50 سال حڪومت دوران ڪڏهن زئنزيبار ۽ ممباسا پئي آيو ته ڪڏهن مسقط (عمان) ۾ رهي ٿي پيو. ڪجهه زالون عمان ۾ رکيون هئائين ته ڪجهه زئنزيبار ۾ جيئن سندس ننڍي ڌيءَ سالمه (روئيتي) جي زباني لکي چڪو آهيان ته هن جا ٻار مختلف نسلن ۽ ملڪن جي زالن ڪري بيحد سهڻا هئا. زئنزيبار جي هن پهرين سلطان “ماجد بن سعيد” جي والده اٿوپيا جي هئي ۽ زئنزيبار ٻيٽ جي اسٽون ٽائون واري شاهي محل ۾ رهي ٿي جتي “ماجد بن سعيد” جنم ورتو. ماجد بن سعيد پاڻ هڪ ئي شادي ڪئي، جنهن مان کيس فقط هڪ ڌيءَ سيده خانفوره ٿي، جنهن جو مڙس- يعني ماجد بن سعيد جو ناٺي حمود زئنزيبار جو ستون سلطان ٿيو ۽ ان جو پٽ علي بن حمود اٺون سلطان ٿيو.

ماجد بن سعيد کي پٽ نه هجڻ ڪري هن جي وفات تي هن جو ڀاءُ برغش بن سعيد (سعيد بن سلطان جو اٺون پٽ) 1870ع ۾ زئنزيبار جو سلطان ٿيو. يعني هيءَ ڳالهه محمد علي جناح جي ڄمڻ کان به 6 سال اڳ جي ٿي، جو جناح صاحب 1876ع ۾ جهرڪن ۾ ڄائو.

زئنزيبار جي هن ٻئي سلطان “برغش بن سعيد” کي ان ڳالهه جو هر هڪ ڪريڊٽ ٿو ڏئي ته هن اسٽون ٽائون ۾ روڊ، گهٽيون، پارڪ، اسپتالون، وڏيون انتظاميه عمارتون، پبلڪ باٿ، پوليس کاتو، ويندي گهرن ۾ نلڪن ذريعي پاڻي سپلاءِ ڪرڻ جو بندوبست ڪيو. اسٽون ٽائون جي بيت العجائب (House of Wonders) بهسلطان برغش ٺهرايو ۽ صلاح مشوري لاءِ هن انگريز آفيسر رکيا.

هتي اهو به لکندو هلان ته برغش بن سعيد کي شروع کان سلطان ٿيڻ جي وڏي لوڙ هئي. هن چاهيو ٿي ته هن جو پيءُ هن کي پهريون سلطان بڻائي پر پوءِ وصيت مطابق جڏهن هن جو وڏو ڀاءُ ماجد ٿيو ته هن جو سُک ڦٽي پيو ۽ پنهنجي ڀاءُ کان حڪومت کسڻ لاءِ کڏون کوٽڻ لڳو پر ڪاميابي حاصل نه ٿيس. 1860ع ۾ ڳڄهه ڳوهه ۾ پنهنجو سپاهه ٺاهي سلطان ماجد تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪيائين پر سلطان ماجد انگريزن جي خواهش ۽ هنن جي جنگي ٻيڙيءَ ذريعي برغش جو حملو پشپا ڪري ڇڏيو ۽ برغش کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ٻن سالن لاءِ بمبئي موڪليو، جتي هو انگريز راڄ جي نظر هيٺ رهيو.

پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته اسان جي حاڪمن ڪيئن ٿي بيوقوفيون ڪيون. صلح سانت ۾ ويهي حڪومت ڪرڻ بدران پنهنجي ئي خاندان جا ڀاتي هڪ ٻئي جي پويان لڳا رهيا ۽ پوءِ مدد لاءِ يورپين: انگريزن، پورچوگالين، ڊچن، فرينچن کي التجا ڪئي ٿي، جيڪي ان ڪم لاءِ هر وقت تيار ويٺا هئا. انهن وٽ بندوقون ۽ بم بارود هئا. پوءِ هنن هڪڙن کي موچڙا هڻي ٻئي کي ٿي کٽرايو. کٽڻ واري کي هر وقت هنن گورن جو ٿورائتو ٿيڻو پيو ٿي ۽ هنن جو حڪم مڃڻو پيو ٿي…. نه به مڃي ڏسن. هنن کي خبر هئي ته هنن لاءِ به هنن گورن وٽ موچڙا پسيا رکيا آهن جو طاقتور آهن. اسان جي حاڪمن: مغلن، اميرن، خليفن، عماني سلطانن وغيره وٽ وڏا حَرم، وڏا محل، وڏيون ڳالهيون ضرور هيون پر نه ماڊرن ٽيڪنالاجي هئي نه ائڊمنسٽريشن ۽ نه وري قابل فوج. ماجد بن سعيد جي وفات بعد سندس هي ڀاءُ برغش بن سعيد 1870ع ۾ زئنزيبار جو سلطان ٿيو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته برغش زئنزيبار ۾ ڪيترائي چڱا ڪم ڪيا. لڳي ٿو ته ڏيهه نيڪالي وارا ٻه سال بمبئي ۾ رهڻ دوران هن انگريزن کي بمبئي کي ٺاهيندو ڏسي پاڻ به سکيو ۽ سلطان ٿيڻ بعد زئنزيبار ۾ ان طرز جا ڪم ڪيائين. ويندي پنهنجا صلاحڪار به انگريز رکيائين. يا ٿي سگهي ٿو انگريز سرڪار اک ڏيکاري هجيس ته اسان جي ماڻهن کي ائڊوائيزر طور رک ۽ هر ڳالهه انهن جي صلاح مشوري سان ڪرڻي اٿئي نه ته سمجهي سگهين ٿو. جيئن انگريزن ملايا جي هر رياست جو حاڪم اتي جي سلطان کي ئي رهڻ ڏنو، پر ان کي هر ڳالهه لاءِ صلاح مشورو انگريز ريزيڊنٽ کان وٺڻ لاءِ چيو ويو -يعني ٿيندو اهو ئي هو جيڪو انگريز سرڪار چاهيندي هئي بس مٿان مٿان نالو ملئي حاڪم جو هوندو هو، جيڪو ان ۾ ئي خوش هو ته هن جي عوام ۾ لئه آهي ته آئون حاڪم (سلطان) آهيان. يعني انڌي بجي ۾ خوشوارو حساب هو.

ماجد بن سعيد جي 1870ع ۾ وفات تي هن ڇهين نمبر ڀاءُ برغش بن سعيد زئنزيبار جو سلطان ٿي ٻيا ته سٺا ڪم ڪيا پر ڏني نه ورتي هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ خليفه بن سعيد -جيڪو سندس پيءُ جو پنڌرهون نمبر پٽ هو ۽ پيءُ جي وصيت موجب برغش بعد خليفه بن سعيد کي ئي زئنزيبار جو سلطان ٿيڻو هو، ان کي کڻي جيل ۾ وڌو. هنن جي ننڍي ڀيڻ اميلي روئيتي (سيده سالمه) پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿي ته “اسان جي سلطان ڀاءَ برغش ننڍي ڀاءَ خليفه کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ٽي سال هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ ٻيڙيون هڻي جيل جي ان ڪمري ۾ جتي ڍڳين مينهن جي غلاظت پئي هئي ان ۾ رکيو. اهو ڇو ڪيو ويو؟ ان ڳالهه جو سبب ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿي آيو. منهنجي خيال ۾ اسانجي ڀاءُ برغش کي اهو خوف هو ته هن جو هي ڀاءُ خليفا ڪٿي بغاوت ڪري برغش کي تخت تان نه لاهي ڇڏي. پر اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي.برغش کي اجايو شڪ ۽ وسوسو هو. شايد ان ڪري به جو هن پاڻ اهڙو غلط ڪم ڪيو هو جڏهن اسانجو وڏو ڀاءُ ماجد بن سعيد زئنزيبار جو پهريون سلطان ٿيو هو.” (روئيتي جون يادگيريون- سال 1886، صفحو 398).

بقول روئيتي جي برغش پنهنجي وليعهد ڀاءُ خليفا کي جيل مان هرگز نه ڪڍي ها پر پوءِ هنن جي ڀيڻن مان هڪ ڀيڻ حج لاءِ مڪي رواني ٿيڻ جي تيار ڪئي. چون ٿا ته اهو ٻڌي سلطان برغش ڊڄي ويو ته هوءَ الله جي گهر ۾ هن کي پٽون پاراتا ڏيندي. هن ڀيڻ به برغش کي تيسين معاف نه ڪيو جيسين برغش پنهنجي ننڍي ڀاءُ خليفا کي آزاد نه ڪيو. ان بعد هوءَ حج لاءِ رواني ٿي.

سلطان برغش غلامن جو وڪرو بند ڪرڻ وارو انگريزن سان ڪيل عهدنامو (Treaty) جيتوڻيڪ ظاهري طرح قبول ڪيو پر لڪ چوريءَ هتان هُتان شيدين کي ڦاسرائي انهن جو وڪرو جاري رکيو جو هن جي ان ڌنڌي مان وڏي ڪمائي ٿي ٿِي. هڪ ٻه دفعو هو غلامن جو واپار ڪندڙ سوداگرن کان ڪميشن وٺي هنن کي وڪري لاءِ همٿائيندي ظاهر به ٿي پيو هو. هڪ دفعو ته انگريزن جي جنگي جهاز HMS-Daphne زئنزيبار مان وڪري لاءِ نڪتل 2000 غلام، هندي وڏي سمنڊ ۾ ڏسي ورتا ۽ کين آزاد ڪيو. آخر سندس حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ انگلينڊ طرفان هن کي سختيءَ سان چتاءُ ڏنو ويو ته ”هاڻ اهو ظلم بند ڪر نه ته پاڻ ٿو ڄاڻين …“ پوءِ وڃي مس مس ان ڪم ۾ ٺاپر آئي.

پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ههڙي پرسڪون ٻيٽ زئنزيبار تي جتي وصيت موجب هر هڪ سلطان کي اها خبر هئي ته حڪومت ڪرڻ لاءِ هن جو وارو ايندو ان هوندي به شڪ ۽ هٻڇ جي بنياد تي ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن ٿي پيو ۽ ڌارين قومن کي وچ ۾ آڻي پاڻ کي ڪمزور بڻايائون. انگريز، جرمن، پورچوگالي يا ٻيا يورپي به گهٽ بدمعاش نه هئا پر وري به هو غلامن جي وڪري جهڙي ڪاروبار تي بندش لڳائين پيا پر اسان جا مسلمان حاڪم پئسي جي لالچ ۾ غلط ڪم جي پچر نه پيا ڇڏين. مسلمان هجڻ جي ناتي هنن کي ڪنهن جو اولاد ڦري، زنجيرن ۾ ٻڌي وڪري لاءِ نيلام ڪرڻ ته ڇا پر پنهنجي گهر جي ڪم ڪار لاءِ به ڪو غلام مرد يا عورت رکڻ نٿي جڳايو. پر هنن اهو نٿي ڏٺو ته ڇا اسلامي ڪم آهي ڇا غير اسلامي! بس هنن وٽ ڪنهن ريت پئسو اچڻ کپي جنهن ذريعي هو پنهنجيون عياشيون پوريون ڪري سگهن. ڇا اهو سلسلو اڄ بند ٿي ويو آهي؟ هرگز نه. اڄ به ڪيترن ملڪن جا حاڪم، وزير، مشير، وڏيرا سردار، انهن جا مائٽ مٽ، سرڪاري ڪامورا ڇاڇا نه پيا ڪن! غنڊن کي پالي چوريون ۽ اغوائون ڪرائڻ، رشوتخوري، شراب ۽ چرس جو وڪرو ڪرڻ- جنهن سان ڀلي کڻي ڪنهن غريب جو ٻار نشي پتي جو عاديٿي تباهه ٿي وڃي، جوا جون ٽِڪريون ۽ چڪلا هلائڻ- ڪنهن جي آشيرواد سان هي سڀ ڪجهه پيو ٿئي؟ ڇا اسان جي مسلمان حاڪمن کي خبر ناهي ته هي ڪم اسلام ۾ حرام آهن؟ اسان جي ملڪ ۾ ته ڪرپشن جي انتها ٿي وئي آهي. ڪو زمانو هو جو ڪو کوٽو ٽونگر پئسو اٽڪل ڪري هلائيندو هو ته ان کي به سختيءَ سان ننديو ويندو هو ۽ هو شرمسار ٿيو ٿي ۽ هاڻ اهو زمانو اچي ويو آهي جو هڪ معمولي پوليس وارو، تپيدار يا ڪلارڪ جهڙي ننڍي پوسٽ وارو به وڏي دليريءَ سان رشوت جي گُهر ڪري ٿو… چي بنا رشوت جي ان ڪري ڪم نه ڪندس جو هيترا لک ڏئي ته هيءَ نوڪري حاصل ڪئي اٿم. آخر ڪٿان اهو قرض لاهيان. يا اڃان به حيرت واري ڳالهه ته هو پنهنجي اعليٰ عملدار يا وزير جو نالو وٺي چوي ٿو ته سائين ان کي هر هفتي رشوت جو هيترو پئسو پهچائڻو اٿم! وڏي ديده دليري چئبي جو هو ناليوارن باعزت سمجهڻ وارن ۽ زميندار جاگيردار وزيرن، سيڪريٽرين نالي ائين پيا چون ۽ جي اها حقيقت آهي ته ٻڏي مرڻ جي جاءِ آ. ٻنهي صورتن ۾ اسان جي مسلمانن جا ڇا حال آهن جيڪي ترقياتي فنڊن جا پئسا به کايو وڃن ۽ غريب عوام کي نه آهي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، نه تعليم، نه دوا درمل…. اهوئي حال سلطان برغش جي آخري ڏينهن ۾ ٿيو. عوام نيٺ سلطان مان بيزار ٿي پئي. جرمنن هنن جي آفريڪي ڪناري وارن ڪيترن شهرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ هنن جي حوالي فقط موزمبق کان ڪينيا (۽ ڪجهه حصو سوماليه) واري پٽيءَ جو وڃي بچيو.

1888ع ۾ سلطان برغش جي وفات بعد سندس ننڍو ڀاءُ خليفا بن سعيد زئنزيبار جي تخت تي ويٺو. هي اهو ڀاءُ هو جنهن کي سلطان برغش سلطان ٿيڻ تي زنجيرن سان ٻڌي کڻي جيل جي هڪ گندي ڪوٺڙيءَ ۾ ڦٽو ڪيو هو جتي هو ٽي سال کن رهيو. سلطان خليفا بن سعيد ٻه سال سلطان رهيو. 1890ع ۾ کانئس وڏو ڀاءُ علي بن سعيد، جيڪو سندن پيءُ سعيد بن سلطان جو پنڌرهون نمبر پٽ هو اهو زئنزيبار جو چوٿون سلطان ٿيو. علي بن سعيد 1890ع کان 1893ع تائين سلطان رهيو ان بعد سندس ڀائٽيو حمد بن ثوويني (عمان جي پهرين سلطان ثوويني بن سعيد جو پٽ) زئنزيبار جو 1893ع کان 1896ع تائين پنجون سلطان ٿيو. هن جي اوچتي وفات ٿي جنهن لاءِ هتي مشهور آهي ته هن کي برغش جو پٽ خالد زهر ڏئي پاڻ زئنزيبار جو ستون سلطان ٿيو… (هلندڙ)……