خانگي تعليمي ادارن جي قيمت سرڪاري تعليمي ادارا ادا ڪري رهيا آهن
سرڪار جي غلط پاليسين جي نتيجن سبب سنڌ ۾ خانگي تعليم وارو ڪم ڏينھون ڏينھن، ترقي ڪري وڏي ڪاروبار واري شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي، اھو ڪاروبار پوري طرح ھيٺئين طبقي جي ڪروڙين ٻارن جي سرڪار طرفان مفت ۽ لازمي ڪيل تعليم واري سرڪاري نظام جي سڌي طرح تباھي واري قيمت تي ھلي رھيو آھي، اڳ ۾ خانگي پرائمري اسڪول ھئا. بعد ۾ خانگي ڪاليج کليا، ھاڻ خانگي لا ڪاليج، ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج به کلي رھيا آھن، حڪومت انھن خانگي اسڪولن يا ٻين خانگي تعليمي ادارن لاءِ قانون، ضابطا ۽ اصول به طئي ڪيا آھن ۽ اسيمبلي مان بل به پاس ڪرايا آھن، پر انھن قانونن، ضابطن ۽ طئي ڪيل اصولن تي ڪرپشن عام ٿي وڃڻ ڪري مڪمل طور عمل نه ٿي رھيو آھي، ان ڪري خانگي تعليم جو نظام ڪاروبار بڻجي ويو آھي.
Read More