بلاگنئون ٻارن جي ادب جي ليکڪ ۽ اديب عيسيٰ ميمڻ سان ڳالھ ٻولھ July 25, 2024 Zahida Abro عيسيٰ ميمڻ الھڏني ميمڻ جي گهر 1985ع ۾ تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ ايل ايل بي به ڪئي. شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم فل جي ڊگري “جيل ۾ سرجيل سنڌي ادب” جي عنوان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالر طور ڪم ڪري رهيو آهي. کيس لکڻ پڙهڻ سان ننڍپڻ کان دلچسپي رهي. سندس تحريرون ٻالڪ ادب جي رسالن ۾ شايع ٿينديون رهنديون آهن. جڏهن ته سنڌي ادب تي ڇھ تخليقي ڪتاب ۽ چار ڪتاب مرتب ڪري ڇپائي چڪو آهي. موجوده وقت ۾ هائر سيڪنڊري ٽيچر طور لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسڪول ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جي نالي سان پبلشنگ ادارو پڻ هلائي ٿو جتان 62 ڪتاب ڇپائي چڪو آهي. سوال: عيسيٰ توهان پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب جي رغبت بابت ٻڌائيندا؟ جواب: منهنجي ننڍپڻ جا 10 سال نج ٻهراڙي واري ماحول ۾ گذريا. انهن 10 سالن ۾ مون ڪڏهن به اسڪول جو منهن نه ڏٺو. ننڍپڻ ۾ مال چارڻ، ٻنيءَ جو ڪم ڪار ڪندي، رانديون ۽ شرارتون ڪندي گذريو. 1990ع ۾ جڏهن ڳوٺ ڇڏي ڏوڪري شهر ۾ اچي ويٺاسين تڏهن اسڪول ۾ پنج سال عمر گهٽ لکي اسڪول ۾ ويهاريو ويو. پڙهڻ ويٺس ته اڄ تائين پڙهائي جو سلسلو جاري آهي. 1995ع ۾ پنجون درجو پاس ڪيو، 2000ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. 2002ع ۾ انٽر، 2004ع ۾ بي اي ۽ 2006ع ۾ ايم اي ڪئي. 2019ع ۾ ايم فل ۽ 2020ع ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل آهيان. ادب طرف رغبت، ننڍپڻ کان ئي هئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۾ ويندو هئس، جتي لکڻ پڙهڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري منهنجي ادبي تربيت ڪئي. سوال: ٻالڪ ادب لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟ پهرين تحرير ڪهڙي هئي؟ جواب: ٻارن جي ادب طرف لاڙو 1997ع ۾ تڏهن ٿيو، جڏهن ڏوڪري ۾ “سنڌي ٻارڙا” رسالو جيڪو اسرار شام جي ادارت ۾ نڪرندو هو اهو پڙهڻ شروع ڪيو. ان کانپوءِ “سنڌي ٻارڙا” رسالي ۾ شاعري، ڪهاڻيون، مضمون وغيره لکندو هئس. ساڳئي سال ۾ “جاڳو” اخبار پاران پڻ محمد رفيع لغاري جي ادارت ۾ ٻارن جو هفتيوار پرچو نڪرندو هو ان ۾ به لکڻ شروع ڪيو. 1999ع ۾ عوامي آواز جي ٻارن جي صفحي “جوت” ۾ پڻ لکندو هئس. ائين ئي “گل ڦل”، “ارچڪ مرچڪ”، “گلستان”، “ٻالڪ رنگ” سميت ڪيترن ئي رسالن ۾ لکندو هئس. اهو ٻارن لاءِ لکڻ جو سلسلو هو جيڪو اڄ تائين جاري آهي. منهنجي خيال ۾ ٻارن لاءِ پهرين تحرير نظم جي صورت ۾ هئي “تون آن منهنجي جان امڙ” جي نالي سان هئي. سوال: ٻالڪ ادب ۾ توهان جي ڪيل ڪم جي ڄاڻ ڏيو، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد جو ذڪر ڪريو؟ جواب: ٻالڪ ادب ۾ هن وقت تائين منهنجو هڪ ڪتاب “ٽم ٽم تارا” ٻارن جي شاعري تي مشتمل ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران شايع ٿيل آهي. اها شاعري به 2003ع تائين لکي شاعري ڪئي آهي، اها ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي. ٻارن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب ۽ مضمونن جو ڪتاب پڻ تيار آهي. انهن کي ايڊٽ ڪري رهيو آهيان. جڏهن ته ٻارن لاءِ “آسان سنڌي گرامر” ڪتاب پڻ 2024ع ۾ پيڪاڪ پبلشر ڪراچي پاران شايع ٿي چڪو آهي. سوال: توهان هڪ استاد جي حيثيت ۾ مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جي سنڌي ٻارن ۾ ادب پڙهڻ جو لاڙو آهي؟ جي نه ته پوءِ ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ جواب: مون هڪ استاد جي حيثيت ۾ اهو ڏٺو آهي ته اسان جو ٻار ادب پڙهڻ طرف ڌيان نٿو ڏئي نه وري ان جي ايجنڊا ۾ ادب شامل آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته موبائل فون ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي جي گهڻي استعمال سبب اسان جو ٻار انهن کي وقت گهڻو ڏئي ٿو. ٻيو ته اسڪولن ۾ پڻ ادب پڙهڻ طرف استاد ٻارن ۾ دلچسپي پيدا نٿو ڪري. اسان جو استاد خود پاڻ ئي نٿو پڙهي ته ٻارن کي ادب طرف ڪهڙو ڌيان ڏياريندو؟ ٽيون ته اسان جي پڙهائيءَ جو مقصد صرف نوڪري ڪرڻ رهيو آهي اسان جو ٻار اهو ڪجھ پڙهي ٿو جيڪو ان کي نوڪري ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي. جنهن ڪري سنڌي ٻارن ۾ ادب پڙهڻ جو لاڙو نه هئڻ برابر آهي. سوال: موجوده حالتن ۾ اسان وٽ جيڪو سنڌي ادب ڇپجي رهيو آهي، اهو ٻارن جي ذهني واڌ ويجھ ۽ اوسر لاءِ اطمينان جوڳو قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ جواب: اسان جي سنڌي ادب ۾ ڪافي نوان ادبي ۽ فڪري لاڙا پيدا ٿيا آهن، پر ٻاراڻي ادب جي حوالي سان ڪو خاص ڌيان نٿو ڏنو وڃي. ڪجھ اديب آهن جيڪي ٻارن لاءِ لکن ٿا. جنهن ۾ ادل سومرو، پروين موسيٰ ميمڻ، عبدالحئي ڀٽو کان وٺي چند نالا ڳڻي سگهجن ٿا. اسان جي ٻارن کي سائنسي ۽ جديد گهرجن مطابق ادب جي ضرورت آهي. تحريري صورت کان وڌيڪ ٻين ذريعن طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. مثال طور: ڪهاڻين کي ڊراماٽائز ڪرڻ، ڪارٽون ٺاهڻ، شاعري کي گائڪي جي صورت ڏئي فلمائڻ جهڙن ڪمن طرف ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سوال: اسان وٽ ٻالڪ ادب جي پروموشن جا ذريعا نه هئڻ برابر آهن ۽ نه ڪي ادبي ٻالڪ فورم موجود آهن، اسان وٽ هزارين ٻار آهن جيڪي سنڌي ميڊيم ۾ پڙهن ٿا ۽ ادب جو مطالعو ڪرڻ چاهين ٿا. ان ڏس ۾ ٻارن جي لاءِ لکندڙ، استادن ۽ والدين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جواب: ٻارن جي ادب کي پروموشن ڪرڻ جا ذريعا هن وقت تمام گهڻا آهن. خاص ڪري جديد انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي جي ڪري وسيع وسيلا پيدا ٿيا آهن، پر اسان ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. ان طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٻيو ٻارن جي ادب کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت کي سڄي سنڌ ۾ ٻارن جي ادب جي واڌ ويجھ لاءِ شاخون قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن الڳ شاخون قائم نٿيون ڪيون وڃن ته جيڪي شاخون ڪم ڪن ٿيون انهن ۾ ٻارن جي ادب لاءِ ڪم ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. والدين کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ادب پڙهڻ سان ٻارن جي نصابي تعليم متاثر نه ٿيندي پر ادب پڙهڻ سان نصابي تعليم بهتر ٿيندي ٻارن ۾ ذهني صلاحيت بهتر ٿئي ٿي. اسان جي استادن کي پڻ پڙهڻ جي ضرورت آهي. مان دعويٰ سان ٿو چوان ته اسان جو 90 سيڪڙو استاد پاڻ ئي نٿو پڙهي، جيڪو استاد پاڻ نٿو پڙهي ٻين ۾ ساڳي صلاحيت پيدا نه ڪري سگهندو. سوال: نثر يا نظم ۾ مستقبل جي سهڻن سيبتن ٻالڪن لاءِ پنهنجو پيغام ڏيو؟ جواب: موجوده جنريشن اها جنريشن آهي جيڪا آرٽيفشل انٽليجنس جي دور ۾ پيدا ٿي آهي جنهن وٽ معلومات جا تمام گهڻا ذريعا آهن. مان صرف انهن کي ايترو چوندس ته دنيا سان گڏ هلڻ لاءِ AI جي استعمال سان گڏ ڪتابن لاءِ به وقت ڪڍو. ڪتاب اوهان کي جيئڻ جو رستو ڏيکارڻ جو ڪم ڪن ٿا. دنيا تي هن وقت تائين ڪتابن جي حڪمراني رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو سمورن پيغمبرن جڏهن دنيا کي بدلائڻ جي ڳالھ ڪئي تڏهن به انهن پنهنجي قوم کي ڪتابَ ڏنا ۽ ڪتابن جو رستو ڏيکاريو. دنيا ۾ جيڪي وڏا انقلاب آيا اهي به ڪتابن جي وسيلي آيا آهن. ان ڪري مان ٻارن کي ايترو چوندس ته “ايترو پڙهو جو دنيا وارا توهان کي پڙهن.” Post Views: 194