ڏهرڪي ۾ درسي ڪتاب ڪٻاڙ جي دڪان تي وڪرو: تعليم کاتو خاموش
سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ درسي ڪتاب اڃا تائين پهچي نه سگهيا آهن، جتي پهتا به آهن ته اُتي سمورن ٻارڙن کي نه ملي سگهيا آهن. ڏهرڪي ۾ تعليم کاتي جو انوکو ڪارنامو سامهون آيو آهي، جتي درسي ڪتاب ٻارڙن کي ڏيڻ بدران ڪٻاڙ جي دڪان تي وڪرو ڪيا ويا آهن. مختلف اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي ڪٻاڙ جي دڪان تي کپايل ڪتابن جا فٽيجز شايع ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪٻاڙ جي دڪان تي درسي ڪتابن سان ڀريل درجنين ٻورا پيل آهن. ڪٻاڙ جو دڪان هلائيندڙ آصف اعتراف ڪيو ته دڪاندارن ۽ ريڙها هلائيندڙن کان 1600روپيا مڻ جي حساب سان ڪتاب خريد ڪيا ويا آهن.

