خاص

ڪراچي جو نئون ايڊمنسٽريٽر اڄ مقرر ٿيڻ جو امڪان، نالا به سامهون اچي ويا

بلديه عظميٰ ڪراچي ۾ اڄ نئين ايڊمنسٽريٽر جي مقرري جو امڪان آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم طرفان نامزد سياسي يا سرڪاري ايڊمنسٽريٽر جي مقرري جي منظوري ڏيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري آفيسر کي ايڊمنسٽريٽر بڻائڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽر سيف الرحمان جي چونڊ ٿي سگهي ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبي تي اڄ ضلعي ميونسپل ايڊمنسٽريٽر کي به تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي.