سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جي نظم تي تحقيقي ۽ تنقيدي نگاهه
عالم انسان جي ھن انمول ۽ انوکي سماج ۾ ٿيندڙ ھر قسم جي ڪار گذارين ۽ سرگرمين جا ھر دل ۽ ھر روح تي الڳ الڳ اثر ۽ عڪس اولڙا پوندا ۽ مرتب ٿيندا رھندا آھن. ھر روح ۽ ھر دل جي محسوسات ۽ جذبات به الڳ الڳ ھوندي آھي، جنھن سبب ڪيفيتون به جدا جدا بڻجي پونديون آھن، پوءِ چاھي اھي داخلي ڪيفيتون ھجن يا خارجي ھجن، پر ھر روح جون ريکائون ۽ ھر دل جون ڪيفيتون الڳ الڳ ھجن ٿيون، ڪيفيتن ۽ ريکائن جو سٻنڌ وري مزاجن سان منڊيل ھوندو آھي، بلڪه ڪيفيتون ئي مزاجن جو محور ھونديون آھن ۽ شعري سٽاءُ فني مھارت سان ئي مزاجن ذريعي اکرن ۾ عيان ٿيندو آھي. شاعري، شعوري روشن شعاعن جي آڌار تي سوچن ۽ ويچارن کي سيني اندر سمجھندي پرکيندي ڇنڊي ڇاڻي ۽ روح جي رھ گذر تان عجب اندورني ڪيفيت ۾ روحاني ريکائن سان روشن ٿيل مدھم خيالن جي وڻندڙ رڌم ۽ خاص طرز تي گڻائتي اسلوب ۾ سُندر سُريلن لفظن ۽ عبارتن جي خوبصورت بيھڪ ۽ ترتيب و ترڪيب ۽ نَرم مِٺڙي دل لُڀائيندڙ لھجي ۾ ساڀائتي سڀاءُ سان سِرجي پنھنجا سُندر خيال ۽ اُتم وِيچار وَنڊڻ سان ئي جنم وٺندي آھي. بلڪل ايئن جيئن مَن اندر جي ماڳ تي ڏُکن سُکن جي ڪيفيتن جو نِچوڙ نيڻن مان ”نِير“ بڻجي ڳوڙھن ۽ لُڙڪن جي روپ ۾ ڳَڙي پوندو آھي، تيئن ئي ذھني دماغي سوچن وِيچارن جي نِچوڙ ۾ انساني احساس ۽ جذبا شاعريءَ طور روحاني ريکائن جيان وِکري لفظن جي لبيس ۾ نِروار ٿي پوندي آھي ۽ گڏوگڏ شاعري سماجي آئيني ۽ آرسيءَ طور به سڃاتي ويندي آھي، جيئن ڪا نگاھ ڪنھن دلڪش منظر تي پوندي آھي ته اتي ئي اتي ان جي ڇاپ دل جي آڪاش تي پئجندي آھي ۽ ان جو بيان عام طور تي عام لفظن ۾ نثر جي اسلوب ۾ بيان ڪيو ويندو آھي، پر ھڪ شاعر ان کي شعر و شاعريءَ جي اسلوب ۾ اظھاريندو آھي ۽ ان طرح اھو دلڪش منظر اکرن جي آئيني يا آرسيءَ ۾ پَسائڻ جا جَتن ڪندو آھي ۽ اھا ئي سندس دلفريب ۽ دل ڇُھندڙ جُستجو ھوندي آھي، جا ھر محسوس ڪندڙ مَن تي اھو دلڪش منظر چِٽي ڇڏيندي آھي. بلاشڪ شعر جي سِٽن ۾ آئيني ۽ آرسيءَ طور شاعر جي فِطري عڪاسي ۽ سندس سندر سوچن ۽ اتم ويچارن ۽ آسن تمنائن جا اولڙا پسي سگھجن ٿا. شاعريءَ جي سرچشمي جي مُک نار شاعريءَ جي بنيادي صنف ”نظم“ ئي آھي ۽ ھِيئت جي لحاظ سان ڏسبو ۽ غور ڪبو ته نظم شاعريءَ جي سمورين صنفن جي سرموڙ ۽ مَھندار صنف آھي ۽ ان ڏِس ۾ محترم ظفر عباسي لکي ٿو ته ”نظم عربي زبان جو لفظ آھي جنھن جي لفظي معنيٰ آھي، ھڪٻئي سان ملڻ يا ملائڻ، جڏھن ته لغوي معنيٰ آھي ”پوئڻ“. شاعريءَ جي ھن صنف ۾ خيالن، لفظن توڙي رڌم ۽ موسيقيءَ سُر ۽ لَئي تي ھڪڙي قسم جي خوبصورت اڻت ڪئي ويندي آھي“. (1) ان مان نظم جي نظميت ۽ لفظيت بابت پتو پوي ٿو نظم جي موسيقيت سان ڳانڍاپي بابت به پروڙ پوي ٿو ۽ نظم جي شيريني ۽ شائستگيءَ جو پڪو پختو اھڃاڻ ملي ٿو. ان ڏِس ۾ وڌيڪ ثبوت ۽ ثابتي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي قديم سنڌي شاعريءَ بابت تحقيقي خيالن مان به ملي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي کوجنا ۽ جاکوڙ ذريعي تاريخ جي تھ خاني مان ظاھر ٿيل سنڌي ٻوليءَ جي قديم منظوم خزاني ۽ شاعريءَ جي فني فڪري ھيئت ۽ بيھڪ يا سٽاءُ تي سندس ڪيل ڇنڊ ڇاڻ، نظم ۽ بيت جي گھاڙيٽي جي ڪيل پرک پروڙ ۽ تحقيقي روايتن جي جاچ جوڙ تي ڪيل بحث مان اھو چٽو ۽ پڌرو ٿئي ٿو ته ”سنڌي شاعريءَ جي شروعات نظم سان ٿي آھي ۽ بيت جو به بنيادي تعلق نظم سان ئي آھي ۽ ٻئي ھڪ ئي دور يعني سومرا دور يا ان کان ٿورو اڳ وجود ۾ آيا“. (2) ان مان اھو پڌرو ٿئي ٿو ته شاعريءَ جي مڙني صنفن جو فني توڙي فڪري طور بنياد شاعريءَ جي مُک صنف نظم مان ئي ٿيو ۽ نظم سڀ کان پھرين وجود ورتو، پر بيت به تنھن دور ۾ ئي جنم ورتو ۽ سنڌ جو برک اديب ۽ محقق محترم شمشيرالحيدري نظم جي ابتدا ۽ فني گھاڙيٽي بابت لکي ٿو ته ”سنڌي شاعريءَ جي عظيم الشان صنف، نظم، جيتوڻيڪ پنھنجي موجوده وصف جي لحاظ کان ويھين صديءَ ۾ مغربي ادب جي اثر جي پيدائش آھي، پر ان کان گھڻو اڳ ڪي اھڙيون صنفون نظر اچن ٿيون، جن مان ڪن ۾ نظم جي ھاڻوڪيءَ وصف جي موضوع جا ۽ ڪن ۾ ھيئت جا اھڃاڻ ملن ٿا. ھيئت جي لحاظ اھي سڀ ان وقت جي نظم جون صورتون آھن، جن مان ڪن کي موضوع جي خصوصيت سبب ڌار ڌار نالا ڏنا ويا آھن ته ڪن کي مصراعن جي تعداد موجب الڳ الڳ فني نالن سان سڏيو ويو آھي.“ (3) مطلب ته شاعريءَ جي سمورن صنفن کي شاعريءَ جي البيلي صنف ”نظم“ مان ئي وجود مليو، پوءِ ڪي صنفون فني طور ”نظم“ مان اُسري نڪتيون جيئن گيت، ڪافي ۽ وائي وغيره ته ڪن صنفن وري فڪري طور ”نظم“ مان جنم ورتو، جن ۾ غزل به شامل آھي ۽ اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ جي ڏسبو ته بيت فني طور به ”نظم“ سان گڏ نظر ايندو ۽ نظم سان گڏ ئي بيت جو جنم ٿيو. ان حوالي سان محترم ميمڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي تحقيق جي روشني ۾ لکي ٿو ته ”تاريخي لحاظ کان بيت جا نمونا اسان کي سومرن جي دور کان ملڻ شروع ٿين ٿا.“ (4) ان روايت مان ان طرف اشارو ملي ٿو ته بيت سومرا دور ۾ موجوده بيھڪ ۾ ظاھر ٿيو ۽ لکت ۾ به سڀ کان پھرئين سنڌي شاعريءَ جي صنف ”بيت“ ۽ ”نظم“ ئي مليو آھي، مطلب ته نظم ۽ بيت ساڳئي ئي دور ۾ جڙي پڌرا ٿيا آھن ۽ نظم مان ئي بيت کي وجود مليل ٿو ڀانئجي، پر پوءِ به ٻئي انفرادي طور الڳ صنفن ۾ ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. موجوده صورت وارو بيت لکت ۾ سڀ کان پھرئين قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ مليو آھي، باقي فني حوالي سان شاعريءَ جي بنيادي صنف ”نظم“ کي چئي سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جي سمورين صنفن جو تاڃي پيٽو سڀ کان وڌيڪ ۽ گھرو ”نظم“ سان ئي ڳنڍيل آھي ۽ ان ڪري اھو چوڻ مناسب ۽ موزون آھي ته ”شاعريءَ جي سرچشمي جو بنيادي نار ”نظم“ ئي آھي ۽ باقي صنفون ان (نظم) نار جون ڇاڙھون يا شاخون ۽ وھڪرا آھن“. ان طرح شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ ”نظم“ کي ئي فني حوالي سان مرڪزي حيثيت حاصل آھي ۽ شاعريءَ جي ٻين صنفن سان نظم جو به ٿورو گھڻو فني ڳانڍاپو نظر اچي ٿو. خاص طور تي غزل، ڪافي ۽ گيت/ڪلام سان ھڪ جھڙائپ نظر اچي ٿي. جيئن سنڌي ادب جو نامور نقاد ۽ ليکڪ محترم تاج جويو ان حوالي سان لکي ٿو ته ”ولي محمد دائود پوٽو (مرحوم) جا گيت نظم جي فارم (گھاڙيٽي) ۾ رچيل آھن.“ (5) يا وري اڳتي لکي ٿو ته ”سرڪش سنڌي جي غزلن تي نظر وجھبي ته ڪيترن غزلن ۾ نظم وارو خاص رنگ ۽ لھجو موجود آھي، بلڪه اھي غزل نظميه آھن.“ (6) اھا ئي ڪيفيت ۽ فني طرز عابد نياز ميمڻ جي سنڌي توڙي اردو غزل ۾ نظر ايندي يعني عابد نياز ميمڻ جو به سنڌي ۽ اردو غزل نظيمه غزل آھي. ان مان اھو به پڌرو ٿئي ٿو ته نظم ئي شاعريءَ جي ٻين صنفن لاءِ ميدان ميسر ڪري ٿو يا وسعت ارپي ٿو ۽ فني طور ٻين صنفن کي ٽيڪ يا سھارو ملي ٿو. پنھنجي وقت جا مڃيل شاعر به شاعريءَ تي طبع آزمائيءَ دوران يقينن شاعريءَ جي صنفن جي بنيادي فني طرزن يا گھاڙيٽن تي نواڻ نروار ڪرڻ يا تجربا ڪرڻ جا آرزومند به ھوندا آھن ۽ ان سان شاعريءَ جي مذڪوره صنفن کي اوج عروج عطا ٿيندو، وسعت ۽ وقعت به ملندي. نظم جو نظم و ضبط، رڌم طرز ، ترنم ۽ سڀاويڪ ڀريو سٽاءُ فني طور نظم کي سونھن سندرتا ۽ جوت جوڀن بخشي ٿو. نظم جي لفظي معنيٰ ۽ مفھوم ”جامع لغات سنڌي“ مطابق ڪجھ ھن ريت پڌرو ٿئي ٿو ته ”ڌاڳي ۾ پوتل موتي، لَڙي، سَرِ، ڏورو، ڌاڳو، انتظام، بندوبست، آرائستگي، موزون ڪلام، شعر. يعني اتم ويچارن ۽ سندر خيالن جي موتين جي مٺڙن لفظن ۽ سھڻي سٽاءُ سڀاءُ ۾ رڌم سان پويل مالھا، جا پڙھڻ يا ٻڌڻ سان ئي روح نگر ۾ سون رتيون ريکائون وکيري ۽ گھڙيءَ پل ۾ ئي من اندر“ موتين مالھا، جا نھايت ئي بندوبست سان پوئبي ته ان جي سونھن جو نِکار پائڻ واري جو مَن مَسرور ٿيندو، ايئن ئي معياري گيت يعني شعر جي اسلوب يا روپ ۾ ڀلوڙ ويچار سھڻن مَن مُھڻن خيالن کي موتين جي لَڙي جيان سِرجِي ڏور ۽ ڌاڳي ۾ سٽاءُ ۽ خوبصورتي سان رڌم ۽ طرز واري شگفتگي يعني آرائستگي سان پوئي ھڪ سندر مالھا جا پوئڻ يا پائڻ سان من تي واسو ڪري وجھي ۽ دل جي دنيا سميت روح جي واديءَ تي حسناڪين جو ورکاءُ پنھنجي ھڳاءُ سميت برپا ڪري ۽ گھڙيءَ پل ۾ ذھني سرور ارپي ڇڏي ٿي ۽ روحاني ڪيفيت جون سون رتيون ريکائون پوري شرير تي وکيري وجھي ۽ من کي سرور محسوس ڪرائي ٿي. ايئن ئي نظم جو روح ۽ دل سان سچو ۽ اتم نڀاءُ ٿئي ٿو.
جيئن سيد مرتضىٰ ڏاڏاھيءَ جي ھن نزاڪت ۽ نفاست ڀرئي نظم جي ڪجھ سٽن مان مَن کي سُرور محسوس ٿئي ٿو ۽ فني طور نظم جي صنف جي سمورن ڳڻن سان سَرشار ۽ فڪري طور دلي تسڪين آميز پھلوءَ سان سلھاڙيل وِيچارَن سندي وسعت ارپيندي محسوس ٿئي ٿو:
اسان ۾ ئي وفا ناھي، زماني ۾ وفا آھي،
اسان ئي بيوفا آھيون، زمانو باوفا آھي.
زمانو اڄ به ساڳيو آ، اھو آدم حوا وارو،
زمانو اڄ به ساڳيو آ، محمد مصطفيٰ وارو.
زمانو اڄ به ساڳيو آ، علي المرتضيٰ وارو،
زمانو اڄ به ساڳيو آ، حُسين و فاطمه وارو.
مگر افسوس انسان ۾ نه اڄ خوف خدا آھي،
اسان ئي بيوفا آھيون، زمانو باوفا آھي.
نظم مان موسيقيت ۽ نغمگي سان گڏوگڏ سڀاويڪ سٽاءِ رڌم ۽ روح پرور حسناڪي مَنَ کي مَسرور ڪري ڇڏيندي آھي.
ناميارو اديب محترم غلام محمد ”گرامي“ ان ڏِس ۾ لکي ٿو ته ”نظم“ ته محض نازڪ خياليءَ ۽ طبعي تفريح لاءِ گھڙيو ويو، ان ۾ مختلف صنفن کي پيدا ڪيو ويو .“ (7)
يعني نظم مان ئي شاعريءَ جي ٻين صنفن جنم ورتو ۽ اھا ڳالھ سئو فيصد سچ نظر اچي پئي. البته شاعريءَ ۾ وقت سان گڏ نواڻ ۽ جدت به اچي رھي آھي. يعني شاعري ارتقا جي چَکَ چَکي رھي آھي ۽ شاعري به ارتقائي مرحلي مان گذرندي نواڻ ۽ جددت جا جلوا پائيندي ۽ وکيريندي رھندي آھي، ان سان ھڪ ته شاعريءَ جي حسناڪي ۽ خوبصورتيءَ ۾ فني فڪري طور واڌارو ٿيندو رھندو آھي ۽ ٻيو ته شاعريءَ جي فطري ڪشش ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيندو رھي ٿو ۽ ان طرح ھر صنف جوق در جوق حسين ريکائون پائيندي پڌري ٿيندي رھندي آھي ۽ ان سڄي مانڊاڻ جو محور وري به شاعريءَ جي بنيادي صنف يعني نظم تي ئي ھوندو آھي. شاعريءَ جي ھن يگاني صنف نظم جي ھيئت بابت محترم ظفر عباسي لکي ٿو ته: ”نظم جي ڪنھن به ھڪڙي مصرع/سِٽ، شعر يا بند کي پنھنجي الڳ اھميت ڪانھي، بلڪه سمورين مصراعن جي ميلاپ سان ھڪڙي جامع ۽ مڪمل شڪل پيدا ٿئي ٿي، جنھن جو مجموعي تاثر ئي نظم جي اصل وصف آھي. نظم صحيح معنيٰ ۾ اھو آھي جنھن ۾ خيال جي ارتقا ھجي، ان جو ھرڪو جُز اھڙيءَ طرح ڪل ۾ سمائجي وڃي جو ڪٿي به جھول نظر نه اچي ۽ اھو ھر طرح مڪمل ھجي.“ (8) يعني نظم جون سموريون سِٽون ساڳئي اھميت ۽ حيثيت سان برابر درجو رکن ٿيون ۽ نظم کي بحر وزن، طرز ۽ رڌم ساڳيو ھجڻ سان ھڪ صورت يا شڪل ملي ٿي ۽ ساڳيو تاثر تسلسل سان قائم رھي ٿو، پر جي ڏٺو وڃي ته نظم جي شعرن جي تعداد جي ڪابه حد مقرر نه آھي خيالي طرح به نظم مسلسل ارتقا مان گذرندڙ آھي ۽ نظم به ھاڻ جدت ۽ نواڻ سبب ترقي پائي رھيو آھي ۽ موجوده وقت ۾ نظم ساڳئي تسلسل ۽ وزن سان بيتن جيان بندن يا ڇھ سٽن واي اسلوب تي به سِرجي رھيو آھي. شاعريءَ جي مرڪزي ۽ بنيادي صنف نظم جو فني فڪري پسمنظر اھو تاثر محسوس ڪرائي ٿو ته نظم مان ڪئين نظارا نروار ٿيندي محسوس ٿين ٿا ۽ ھڪ شاعر جيئن ته پنھنجي سماج ۽ معاشري جو حصو آھي ان ڪري ھو ڪئين سماجي نظارا ۽ خارجي و داخلي ڪيفيتون نقش و نگاريءَ جي تاثر سان گڏوگڏ ھڪ اھم نياپي ڪارڻ پنھنجي معاشري کي ارپي ٿو.
سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي نظم ۾ اسان کي نظم جي فني مثبت پيرا سان گڏوگڏ سماجي حالتن جي چٽسالي نظر اچي ٿي، سندس ھن نظم ۾:
رئاري ٿي ماني، کلائي ٿي ماني،
دنيا ۾ نه ڇا، ڇا، ڪرائي ٿي ماني.
شب و روز ھر ڪنھن ڊوڙ آھي،
ڪٿي ماٺ مورڳو ڪٿي گوڙ آھي.
ڪٿي کوٽ بلڪل، ڪٿي کوڙ آھي،
عجب پاڪ پرور سندي جوڙ آھي.
لکين راز خود ۾، لڪائي ٿي ماني،
دنيا ۾ نه ڇا، ڇا، ڪرائي ٿي ماني.
ھڪ شاعر پنھنجي دور ۽ وقت جو ھڪ نمائنده ڪردار ھوندو آھي، ان ڪري سندس سوچون ۽ خيال پنھنجي سماج ۽ معاشري جي اردگرد ۽ ڦرندڙ حالتن تي منقول ھوندا آھن ۽ سماجي ناقدرين ۽ بيثباتين سبب جڙيل معاشرتي حالتن سبب مفلسي ۽ بيڪسيءَ جي ڪارڻ انساني وجود جي نظر به پنھنجي ضرورتن ۽ گھرجن سان واڳيل ۽ وِڳوڙيل ھجي ٿي ۽ پيٽ جي بُک کي مانيءَ جي ئي ڳولاھ ھجي ٿي ۽ ان طرح گھڻو ڪري چوويھ ڪلاڪ ئي روزي رزق جو فڪر ھجي ٿو ۽ ماني ئي کيس گھڻو ڪجھ ڪَرائي ٿي ۽ اھو ڪجھ به ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي، جيڪو ڪڏھن ڪڏھن سندس دل نه چاھيندي آھي، پر پيٽ جي باھ اجھائڻ لاءِ اھو ڪجھ به ڪرڻو پوندو آھي، جيئن سنڌيءَ ۾ مشھور چوڻي آھي ته: ”حيلي رزق بھاني موت“ يعني روزي رزق لاءِ ھٿ پير ھڻڻو پوندو آھي تڏھن ئي پيٽ جي پوري ڪري سگھبي. باقي جڏھن زندگيءَ جا ڏينھن پورا ٿيندا ته ڪنھن نه ڪنھن بھاني موت اچي ڪڙڪندو ۽ حياتيءَ جو سفر پورو ۽ اھو ته زندگيءَ جو وجھ وڙ آھي ۽ دنيا جھان جو فطري رنگ به آھي ۽ ھڪ شاعر به ان ذھني ڪيفيت ۽ خيال کي ڏسندي ئي پرکي وٺندو آھي ۽ پوءِ مناسب لفظن جي لبيس سان اظھاريندو آھي. شاعر جي ڏاھپ بيان ڪندي سنڌي ادب جي نامياري نقاد ۽ مانائتي محقق محترم تاج جويو لکي ٿو ته: ”شاعر فطرت جو عڪاس ۽ سونھن ۽ سچ جو پارکو آھي، سماج جي ڪوجھائيءَ کي ڏسي ۽ محسوس ڪري ان ۾ سونھن ڀرڻ شاعر جو ڪم آھي.“ (9) علم جو تعلق انسان سان ئي ھجي ٿو ۽ ادب جو ربط انساني زندگيءَ سان جڙيل آھي، علم شعور ۽ آگاھيءَ جي علامت طور انساني روح سان واڳيل ھوندو آھي ۽ کيس فطري رَنگ ۽ رخ، ذھني سُجاڳيءَ سان محسوس ڪرائيندو آھي ۽ ادب وري انساني ڪردار ۽ اخلاق جو اھڃاڻ ھجڻ سان گڏ انساني وجود جي ڪارگذاريءَ جو فطري دفتر پڻ ھوندو آھي. ان ڪري شاعري به انساني خيالن ۽ ويچارن ونڊڻ جو فطري ذريعو ۽ وسيلو ھوندي آھي ۽ شاعر جيئن ته فطري رنگن ۽ سونھن جو سڃاڻيندڙ ۽ چاھيندڙ ھوندو آھي، ان ڪري ھو پنھنجن خيالن ۽ ويچارن کي پنھنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان سھڻي کان سھڻي ترتيب ۽ ترڪيب ۾ پنھنجي پوري سماج آڏو پيش ڪندو آھي. جيئن سپنا ۽ سوچون زندگيءَ جي سفر جو ذريعو ۽ اُميدون اُمنگون وقت جي وِکن جا دڳ ۽ وڳ ھوندا آھن، ايئن شعوري سھائتا ئي زندگي ۽ سماج جي ھر رخ طرف ھڪ شاعر ۽ سلجھيل فرد جو ڌيان مرڪوز ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجندي آھي. جيئن ھڪ گھر ۾ زال ۽ مڙس جي پاڻ ۾ طنز ۽ مزاح ۾ يا سنجيده ڳالھ ٻولھ ٿيندي ھڪ شاعر جو ڌيان ان گڏجاڻيءَ طرف وڃي ٿو ته ھو ان سڄي منظر کي پنھنجن لاکائتن لفظن ۾ رچي ٿو ۽ ھڪ لحاظ سان شاعر کي مصور يا نقاش به چئي سگھجي ٿو. ڇو ته شاعر به پنھنجي ذھني ڏاھپ سان سماجي سندرتا ۽ معاشرتي لقاءُ ۽ منظر کي نھايت ئي جٽادار رنگن ۽ رمزن واري ادائگيءَ سان ادا ڪري ٿو، جيئن سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جو ھي نظم:
مڙس-
با ملاحظا با ادب، اي باوفا بيگم سلام
ٿو ڪرڻ چاھيان اوھان سان چند گھڙيون مان ڪلام
زال-
ڇا چوان بي مھل موقعي آئون وعليڪم سلام
ڪانه واندي آھيان ويٺي، جو ٻڌان قصا ڪلام
مڙس-
اڄ وري ڪرڻو اوھان سان ھڪ ضروري عرض آھ
ورنه ڪا غايت آ مون کي ۽ نه ڪو ئي غرض آھ
منھنجي خدمت ڀي ڪرڻ آخر اوھان جو فرض آھ
پيار جي ڳالھين ڪرڻ جو مون کي اصلي فرض آھ
پيو سڙان آئون صدوري تنھنجي سِڪ ۾ صبح شام
باملاحظا، با ادب، اي باوفا بيگم سلام.
زال-
آھين سورن ۾ سدائين، چئو ڀلا مان ڇا ڪريان
حال پنھنجا پيو وڃائين، چئو ڀلا مان ڇا ڪريان
ٿو سڙين سِڪ ۾ تون سائين، چئو ڀلا مان ڇا ڪريان
پيو قصن سان ڪن کائين، چئو ڀلا مان ڇا ڪريان
مدتن کان پئي اچان، سڻندي اوھان جا خيال خام
ڇا چوان بي مھل موقعي، آئون وعليڪم سلام.
زال مڙس جي عام زندگيءَ ۾ ان قسم جي ڳالھ ٻولھ ٿيندي رھندي آھي، جڏھن سندن مزاج ۽ ذھني ڪيفيت مناسب ۽ مثبت سوچن سان سلھاڙجي خوش مزاج رويو ۽ روِشَ بڻجندي آھي. تڏھن پريت ۽ پيار کيس دلي ۽ روحاني طور ھڪٻئي جي وڌيڪ ويجھو آڻي کانئن اھڙا اظھار ڪرائيندا آھن. اڪثر ڪري جيون ساٿين ۾ پيار ڀريا تڪرار ۽ ٽڪراءَ به ٿيندا آھن ۽ وري دلين جي نرمي ۽ پريت کين پيار ۾ پرچائي ھڪ ڪري ڇڏيندو آھي جيئن ان ذڪر ڪيل نظم جي پڇاڙيءَ ۾ سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي لکي ٿو:
مڙس-
آھ منھنجو ڏوھ ڪھڙو، اچ ته پرچون پاڻ م،
زال-
ويو رسامو جنگ جھيڙو، اچ ته پرچون پاڻ ۾،
مڙس-
تون ھجين مان توسان ڀيڙو، اچ ته پرچون پاڻ ۾،
زال-
آھي اڄ ماحول اھڙو، اچ ته پرچون پاڻ ۾،
مڙس-
اچ مٺي مرڪي ڪريون، ڪو مسرتن جو اھتمام،
باملاحظا، باادب، اي باوفا بيگم سلام،
زال-
سئو دفعا صدقي وڃان، سئو وار وعليڪم سلام،
شال سائين پئي سُڻان، تنھنجو سدا شيرين ڪلام.
ان رَسيلي رچناءُ ۾ ماحولي نقش نگاري ذريعي ھڪ گھر جي اندروني ماحول ۽ گھر ڀاتين جي ڪيفيت بيان ٿيل آھي ۽ ٻن مُکُ گھر ڀاتين جي ڳالھ ٻولھ بيان ڪيل آھي ۽ وري اڳتي ھلي نڻاڻ ۽ ڀاڄائيءَ جي گفتگو ان ئي فطري پيرايي ۾ سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي بيان ڪري ٿو:
نڻان-
آھيان تنھنجي آئون نڻاڻ،
ڀاڀي پنھنجو ڌيان ڌار.
ڀاڄائي-
مون اھڙي گھرجي ڪان،
توبھ توبھ ھاءِ نڻاڻ.
نڻاڻ-
سڪ ھئي گھر ۾ ڀاڀي ايندي، ڏاڍي دل کي خوشي ٿيندي،
مرڪي مون کي عزت ڏيندي، گڏجي کيندي گڏجي پيئندي،
ليڪن ابتو ٿيو امڪان،
ڀاڀي پنھنجو ڌار ڌيان.
ڀاڄائي-
آئي ٿيو ٿم چوٿون چنڊ، ھينئر سان ئي جوٽيان جنڊ،
ڪھڙا ويٺي منڊئين منڊ، ڏوھ ڪيم! جو ڀريان ڏنڊ،
آھي توکي ٿيو خفقان،
توبھ توبھ ھاءِ نڻاڻ.
نڻاڻ ۽ ڀاڄائيءَ ۾ عمومن دنگ دنگل وڄندا رھندا آھن، خاص طور گڏيل ڪٽنب ۾ ان قسم جي ويڙھ جھيڙھ ٿيندي رھندي آھي، جنھن کي وقت جي شاعر جيئن ڏٺو، تيئن پيش ڪيو ۽ شاعر جيئن ته حساس دل ۽ جذباتي طبيعت رکندڙ ھوندو آھي. تنھنڪري سماجي اوڻائين سڻائين کي پنھنجي منفرد ۽ انوکي انداز ۾ پيش ڪندو آھي ۽ ان نڻاڻ ۽ ڀاڄائيءَ جي جھڳڙي جي پڄاڻي وري به اڪثر ڪري پرچاءُ تي ٿيندي آھي. ڇو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجھ شعوري سجاڳي ماحول ۽ معاشري اندر اچي چڪي آھي، جنھن سبب ڪٽنبن ۾ قرب ۽ محبت، لڳ لحاظ به ٿورو يا گھڻو موجود ھجي ٿو، سيد مرتضيٰ ڏاڏاھيءَ جي ان نظم جو انت به نڻان ڀاڄائيءَ ۾ پرچڻ سرچڻ سان بيان ڪيل آھي.
ڀاڄائي-
آءُ ته رنج رساما ٽاريون، مرڪي مرڪي گھر ۾ گھاريون،
نڻاڻ-
ڪينون ڪلفت من جو ماريون پرچي سرچي دلڙي ٺاريون،
ڀاڄائي-
منھنجي پياري آھين نڻاڻ، توتان ڪريان سر قربان،
نڻاڻ-
نغما ڳايون ٿي رقصان، ڀاڪر پايون ڀاڀي جان.
…(هلندڙ)…