ايراني انقلاب رڳو هڪ ملڪ اندر حڪومت جي تبديلي جو واقعو نه هو، پر اهو ويهين صديءَ جي عالمي سياست ۾ هڪ اهڙو اهم موڙ ثابت ٿيو، جنهن وچ اوڀر جي طاقت جي توازن، سامراجي پاليسين ۽ عالمي مفادن کي نئين سر ترتيب ڏيڻ تي مجبور ڪيو. اڄ جڏهن ايران هڪ ڀيرو ٻيهر قومي توڙي بين الاقوامي ميڊيا جو مرڪزي موضوع بڻيل آهي، ۽ آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ کليل نموني ايران خلاف حملي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، تڏهن ايراني انقلاب جي تاريخ کي سمجهڻ اڳ کان به وڌيڪ ضروري بڻجي ويو آهي. وقت جي ستم ظريفي اها آهي ته ايران جي وطن دوست وزيراعظم ڊاڪٽر محمد مصدق جي حڪومت جو تختو به آمريڪا ڪڍرايو، ڊاڪٽر مصدق جي جاءِ تي رضا شاهه پهلوي کي تخت تي ويهاري بادشاه بڻايو ويو ۽ اڄ وري خامنه اِي رجيم جي جاءِ تي رضا شاهه کي ايران جو حڪمران بڻائڻ جون ڪوششون ٿينديون نظر اچن ٿيون.
هي مضمون ايراني انقلاب جي انهن سياسي، معاشي ۽ سماجي سببن تي روشني وجهي ٿو، جن شاهه جي آمريت، آمريڪي غلبي ۽ اندروني ڪرپشن خلاف عوامي نفرت کي جنم ڏنو. اڄ جا واقعا اوچتو پيدا نه ٿيا آهن، بلڪه انهن جون پاڙون تاريخ جي اُن ئي دور ۾ ڳنڍيل آهن، جنهن کي هي تحرير بيان ڪري ٿي. ان مقصد سان هي مضمون سنڌي پڙهندڙن آڏو ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ته جيئن موجوده حالتن کي تاريخي پسمنظر ۾ سمجهي سگهجي ۽ ميڊيا جي شور کان هٽي ڪري حقيقتن تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي. (مترجم).
هونئن ته پهلوي حڪومت جو تفصيل پٺين صفحن ۾ پيش ڪيو اٿم. ايراني انقلاب جا سبب بيان ڪرڻ لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي، پر انقلاب جا بنيادي سبب دراصل اهي هئا ته انساني تاريخ جي موجوده زماني ۾ جيڪو سلطاني جمهور جو دور آهي، بادشاهتون نه رڳو ماڻهن کي ناقابلِ قبول آهن ۽ نه ئي هاڻي انهن جي وجود جو ڪو جواز رهيو آهي. اهي ماڻهو، جن جو مقدر غلامي ۽ وزن ڍوئڻ هو، جن جون واڳون اختيار ڌڻين جي هٿ ۾ هيون ۽ ملڪ جو نظم ۽ ضبط انهن جي مرضي ۽ منشا سان سرانجام ڏنو ويندو هو. ائين ڏسندي ڏسندي اسان وٽ ڪيترا ملڪ آزاد ٿيا، ڪيترين بادشاهتن جا تختا اونڌا ٿيا، ڪيترن ڊڪٽيٽرن کي ڀڄي وڃڻ لاءِ رستا اختيار ڪرڻا پيا. برطانيه، فرانس، هالينڊ، پرتگال ۽ آمريڪا سڀني پنهنجين نوآبادين ۾ عوامي قوتن کان شڪست کاڌي آهي. مصر جي شاهه فاروق، عراق جي شاهه فيصل، افغانستان جي ظاهر شاهه، اتر يمن جي امام محمد، حبشه جي شهنشاهه هيل سيلاسي، لبيا جي شاهه ادريس، ويٽنام جي تيو، يوگينڊا جي عيدي امين ۽ نڪاراگوا جي سموزا وغيره انهن سمورن آمرن کي اقتدار پنهنجي رعيت جي حوالي ڪرڻو پيو. ايراني قوم ۾ پيڙا ۽ مصيبتون برداشت ڪرڻ جي وڏي سگهه آهي. رضا شاهه جيڪڏهن ڊگهي سوچ کان ڪم وٺي آئيني بادشاهت تي پورو لهي ها ته شايد ڏهه پنج سال ٻيا به گذري وڃن ها، پر هن ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي ۽ داريوش اعظم بڻجڻ جا خواب ڏسڻ لڳو. حالانڪه اڄ جيڪڏهن داريوش قبر مان اٿي اچي ته هن جو ساڳيو حشر ٿئي، جيڪو هٽلر ۽ مسوليني جو ٿيو. آخر هٽلر به ته دنيا فتح ڪرڻ جو پختو ارادو ڪيو هو.
ڪارل مارڪس، نيپولين ۽ سندس بدمست ڀائٽي لوئي بوناپارٽ بابت ڀيٽ ڪندي ڪيترو نه خوبصورت چيو هو: “هيگل ڪٿي لکيو آهي ته عالمي تاريخ جا تمام اهم واقعا ۽ شخصيتون ٻيهر ظاهر ٿينديون آهن، پر هو اهو اضافو ڪرڻ وساري ويٺو ته هڪ ڀيرو پيڙا جي صورت ۾ ۽ ٻيو ڀيرو مسخرن جي شڪل ۾. چاچو پيڙا هو ۽ ڀائٽو مسخرو رنگيلو.” فائوسٽ دنياوي عيش ۽ راحت جي طلب ۾ شيطان سان پنهنجي روح جو سودو ڪيو هو. رضا شاهه دولت ۽ اقتدار جي حوس ۾ ايران جي آزادي ۽ ساڍا ٽي ڪروڙ ايرانين جي جان، مال ۽ عزت آبرو کي داءُ تي لڳائي ويٺو هو. اهو هن جو غرور ۽ اڊمبري هئي. هن جي بي رحمي ۽ خون ريزي، پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي ظلم ۽ ٻئي طرف سڄي دنيا تي مهرباني ۽ ڪرم جي بارش؛ دولت جمع ڪرڻ جو جنون، جمهوري حقن جي پامالي، نظم ۽ ضبط جي ابتري، رشوت، خيانت ۽ خورد برد جي بازار گرم، انسان جو سستو خون هجڻ ۽ کائڻ پيئڻ وارين شين جو مهانگو هجڻ. اميرن جي عياشي، مفلس ماڻهن جي بک ۽ بدحالي ۽ پوءِ شڪايت جو لفظ زبان تي آڻڻ وارن کي اذيت ناڪ سزائون. مقصد ته ايراني معاشري جو ڪو پاسو اهڙو نه هو، جيڪو شاهه جي ظلمن جي تيرن سان زخمي نه ٿيو هجي. ايران جي گذريل چند سالن جي حالتن جو جيڪڏهن مطالعو ڪيو وڃي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ گبن جي تصنيف “رومي سلطنت جو زوال ۽ تنزلي” پڙهي رهيا هجون. ساڳيون عياشيون، ساڳيون فضول خرچيون، ساڳي فرعونيت، ساڳي انسان جي بي حرمتي، انساني قدرن جي شڪست ۽ ذلت، ساڳي درندن کان به وڌيڪ درندگي ۽ ساڳي ٿيل انجام کي پڙهڻ کان انڪار. جنهن سبب روم جي سلطنت برباد ٿي، پهلوي سلطنت جو به زوال اچڻو هو، پر آمريت هڪ اهڙو طلسم آهي، جيڪو آخرڪار آمر کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي رکندو آهي. هن کي نه معاشري جون خرابيون نظر اينديون آهن، نه ماڻهن جي وڌندڙ بي چيني محسوس ٿيندي آهي. آمر جا ثنا خوان وزير ۽ گُهڻگهرا به کيس ساڳيو مشورو ڏيندا آهن، جيڪو سندس مرضي ۽ منشا هوندي آهي. بلڪه هو صلاحڪار بڻائيندو ئي انهن کي آهي، جيڪي هن جي ها ۾ ها ملائين.
ڄاڻ ۽ اشاعت جا ذريعا رات ڏينهن هن جي نظم ۽ ضبط جي ثنا خواني ۽ عقل ۽ ذهانت جا راڳ آلاپيندا آهن. سرڪاري مخبر کيس ملڪ جي درست حالتن کان آگاهه ڪرڻ بجاءِ رعيت جي خوشحالي ۽ هن جي هر دل عزيزي جا من گهڙت قصا ٻڌائيندا رهندا آهن. جيڪڏهن ڪٿان اختلاف يا اعتراض جو آواز اٿندو آهي ته ان کي اهو چئي پوري قوت سان دٻايو ويندو آهي ته اهو آواز شرپسندن، تخريبڪارن يا پرڏيهي قوتن جي ايجنڊا آهي، جيڪي امن ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اٻوجهه عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن. ڪوڙ جو اهو زهر آهستي آهستي ايترو پکڙجي ويندو آهي جو ڊڪٽيٽر پنهنجو پاڻ کي واقعي قوم جو محسنِ اعظم ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ سمجهڻ لڳندو آهي. پري ڇو وڃون، خود اسان جي ملڪ ۾ غلام محمد ۽ اسڪندر مرزا جي وقت کان خود فريبي جو اهو تماشو کيڏيو پيو وڃي. ايوب خان جي وزيرن کي ته هن جي چهري ۾ چنڊ جو تجلو نظر ايندو هو ۽ آفيسر کيس عالي مقام چوندا هئا. رضا شاهه پهلوي کي پنهنجي شاهاڻي عظمت ۽ مقبوليت تي مستي هئي. ان تي اسان کي حيرت ڇو هجي؟ البته ان خوش فهمي جي پشيماني ٻين ڊڪٽيٽرن وانگر هن کي به ڀوڳڻي پئي. جڏهن ايراني قوم جي نفرت ۽ ناراضگي جو شعلو ڀڙڪي اٿيو ته نمرود جي خدائي اک ڇنب ۾ جلي خاڪ ٿي وئي. شاهه جيڪا داخلي ۽ خارجي حڪمتِ عملي اختيار ڪئي هئي، ان جو منطقي رد عمل اهو نڪتو، جو 1978ع جي مُنڍ ۾ ظاهر ٿيو، پر شاهه عوامي تحريڪ کي بلڪل ڌيان جوڳو نه سمجهيو ۽ وطن پرستن جي قوت جو صحيح اندازو نه ڪيائين. هن جو خيال هو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شرپسند ڪميونسٽ آهن، جن مولويَن کي ڀڙڪائي رکيو آهي. “مان هنن کي ماري ماري سڌو ڪندس”، پر تحريڪ برابر زور وٺندي وئي ۽ ساواڪ جو تشدد به حالتن تي قابو نه ڪري سگهيو. تڏهن شاهه اهو چوڻ شروع ڪيو ته قدامت پسند عنصر منهنجي پٺيان آهن؛ هو نٿا چاهين ته ايران هڪ جديد، ترقي پسند ملڪ بڻجي، پر اهو حربو به اثرائتو نه ٿيو ته شاهه سامراج دشمني جو فريب ڏيڻ لڳو ۽ ماڻهن کي اهو محسوس ڪرائڻ چاهيائين ته هن تحريڪ جي پٺيان آمريڪا جو هٿ آهي، جيڪو سندس تيل پاليسي جي خلاف آهي ۽ ايران جي وڌندڙ قوت کي وچ اوڀر ۾ پنهنجو حريف تصور ڪري ٿو، پر جيڪو شخص ٽيهن سالن کان آمريڪا جي نورِ نظر ٿي حڪومت ڪري رهيو هجي، ان جي آمريڪا دشمني تي ڪنهن کي ڪهڙو اعتبار ايندو!
رضا شاهه ايران کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي ورتو هو. ماڻهن سان سندس ورتاءُ وچين دور جي نو دولتمند نوابن جهڙو هو. پارليامينٽ جا نمائندا، جن جي حيثيت شطرنج جي مهرن کان وڌيڪ نه هئي، شاهه جي پارٽيءَ ۾ ماڻهو هڪ عقيدي سان چونڊيا ويندا هئا. وزيرن کي هو مقرر ۽ برطرف ڪندو هو. فوج ۽ پوليس سندس تابع هئي. ملڪ جي اقتصادي ۽ سياسي پاليسي هو پاڻ جوڙيندو هو. عام معلومات ۽ اشاعت جا ذريعا هن جي هٿ وس هئا. مقصد ته ملڪ جو سمورو نظم ۽ ضبط سندس مرضي سان هلندو هو. قوم تقرير، تحرير، تنظيم ۽ ميڙ گڏ ڪرڻ جي جمهوري حقن کان محروم هئي. اقتدار ڌڻي نه پبلڪ آڏو جوابدار هئا، نه پبلڪ هنن جي ڪنهن قسم جي جاچ پڙتال ڪري سگهندي هئي. ايران هڪ قيد خانو هو، جنهن جي ڪنجي رضا شاهه جي جيب ۾ هئي. آمريڪي غلبو ان ٻرندڙ باهه تي تيل جو ڪم ڪندو هو. ڪو اهڙو شعبو نه هو، جنهن تي ٻه چار آمريڪي مسلط نه هجن. سندن پگهار ساڳئي رتبي وارن ايرانين کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ هوندي هئي ۽ سندن ورتاءُ به وڏو حاڪماڻو هوندو هو. پگهارن کانسواءِ کين ٻيون مراعاتون به حاصل هيون؛ مثال طور: نه کين گرفتار ڪري سگهجي پيو ۽ نه ئي ڪنهن ايراني عدالت ۾ مٿن ڪيس هلائي سگهجي پيو. انهن ڏينهن ۾ ايراني اخبارون شاهه جا خفيه حڪم قسط وار شايع ڪري رهيون هيون. اخبار “اطلاعات” ۾ هڪ شاهي حڪم نظر مان گذريو، جنهن مطابق ايران ۾ رهائش پذير آمريڪي پيٽرول اڌ قيمت تي خريد ڪندا هئا. واضح رهي ته انهن جو تعداد پنجاهه هزار کان به وڌيڪ هو. ايران جي صنعت ۽ واپار تي آمريڪن جي ڇانيل هجڻ جو ذڪر اڳ ئي تفصيل سان ٿي چڪو آهي، پر سڀ کان اهم ۽ نفعي بخش ڪاروبار تيل جو هو. ان جو سمورو انتظام هڪ ڪنسورشيم جي حوالي هو، جنهن ۾ پنج آمريڪي، هڪ ڊچ ۽ هڪ انگريزي ڪمپني شامل هئي. تيل جي پيداوار ۽ آمدني جو سمورو حساب ڪتاب غير ملڪي ڪندا هئا. سندن بيان مطابق 1977ع ۾ 3005 ڪروڙ ٽن تيل ڪڍيو ويو، جنهن مان 42 ارب ڊالر آمدني ٿي. مصارف جو ڪاٿو 7 ارب ڊالر هو، جيڪو ڪٽڻ کان پوءِ 35 ارب ڊالر خالص نفعو ٿيو، پر اڌ رقم، يعني 17.65 ارب ڊالر، ڪنسورشيم کڻي ويو. باقي جيڪا رقم حڪومت کي ملي، اها به آمريڪا، اولهه جرمني، برطانيا ۽ فرانس جي ٺيڪيدارن جي کيسن ۾ وئي، يا آمريڪا کان جنگي سامان خريدڻ ۾ خرچ ٿي. انقلاب دوران “مرگ بر آمريڪا”، “آمريڪي ملڪ مان نڪري وڃو” ۽ “پنهنجن پالتو ڪتن کي به گڏ وٺي وڃو” جهڙا نعرا لڳندا هئا، ۽ آمريڪي سفارتخاني آڏو مظاهرا ٿيندا هئا. انهن نفرتن جا اهي ئي ٺوس سبب هئا.
رضا شاهه جي حڪومت کان ماڻهن جي بيزاري جو هڪ اهم سبب ڪرپشن هو. رياست جو ڪو اهڙو ادارو نه هو، جيڪو رشوت، خرد برد ۽ بي ايماني کان پاڪ هجي. ڪرپشن جو اصل سرچشمو خود شاهه ۽ سندس خاندان هو. جتي رياست جو سربراهه پاڻ بدديانت ۽ رشوت خور هجي، اتي وزيرن ۽ سرڪاري آفيسرن جي رشوت خوري روڪڻ ممڪن نه هوندي آهي. غير جانبدار ذريعن مطابق شاهه ۽ سندس خاندان جا ملڪ کان ٻاهر اثاثا 22 ارب ڊالر هئا. اها دولت نه کيس پيءُ ڏاڏي کان وراثت ۾ ملي هئي، ۽ نه ئي رياستي سربراهه جي حيثيت سان ڪا اهڙي آمدني هئي، جنهن مان اها بچت ٿي هجي. بلڪه اها رقم غير ملڪي ڪمپنين کي ڏنل اربين ڊالرن جي ٺيڪن مان يا فوجي سامان جي خريداري تي ملندڙ ڪميشن مان گڏ ڪئي وئي هئي. رشوت جي هن ڪاروبار کي “معزز” بڻائڻ لاءِ شاهه 1958ع ۾ هڪ نام نهاد فلاحي ادارو “پهلوي فائونڊيشن” قائم ڪيو، جنهن جو صدر پاڻ هو. پنجن سالن اندر فائونڊيشن جا اثاثا 13 ڪروڙ ڊالر ٿي ويا. فائونڊيشن وٽ چار نائيٽ ڪلب، ڪيترائي هوٽل، تيل بردار جهاز ۽ هڪ نيشنل انشورنس ڪمپني هئي. شاهه جي جاڙي ڀيڻ شهزادي اشرف منشيات جي ڪاروبار سان لاڳاپيل هئي، ايستائين جو جيلن ۾ چرس ۽ آفيم جي ناجائز سپلاءِ تي به سندس هڪ هٽي هئي.
شهزادي اشرف جو پٽ، پرنس بهرام، ايران کي اعزازي حصو پتو ڏئي پنهنجي ڪمپني ۾ شريڪ ڪري وٺندو هو ۽ پوءِ ان جي ذريعي لائسنس، پرمٽ ۽ ٻيون مراعتون حاصل ڪندو هو. ايران ۾ زمينن ۽ عمارتن جي نفعي بخش ڪاروبار تي پرنس عبدالرضا جي هڪ هٽي هئي. هو هڪ يهودي ڪمپني جي تعاون سان دولت گڏ ڪندو هو. تهران جي ڪا به ڪنسٽرڪشن ڪمپني شاهه جي ڀائرن کي ان ۾ شريڪ بڻائڻ کانسواءِ نه زمين حاصل ڪري سگهندي هئي ۽ نه ئي ڪا عمارت ٺاهي سگهندي هئي، پر رشوت جي حوصلا افزائي جنهن پيماني تي غير ملڪي، خاص طور تي آمريڪي ڪمپنين ڪئي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. مثال طور: آمريڪا جي هڪ انجنيئرنگ ڪمپني، جيڪا جنگي جهازن کان وٺي ٽيليفون ٺاهڻ تائين جو ڪاروبار ڪندي آهي. ايران ۾ هن ڪمپني جا ايجنٽ پرنس شهرام ۽ ايئر فورس جا سپهه سالار جنرل خاتمي هئا، ان ڪري جنگي جهاز به نارٿ راپ کان ئي خريديا ويندا هئا، کين جيڪا ڪميشن ملندي هئي، جيڪا انهن ٻنهي حضرات جي کيسن ۾ ويندي هئي.
1970ع ۾ ايراني حڪومت ايران ۾ ٽيليفون لڳائڻ لاءِ ڇهه ارب رپين جو ٺيڪو نارٿ راپ کي ڏنو. نارٿ راپ ان ڪم ۾ Siemens اليڪٽرڪ ڪمپني کي شريڪ ڪيو. سيمينز جي نالي تي سوئٽزرلينڊ جي هڪ بينڪ ۾ 2265 لک ڊالر جو کاتو کوليو ويو ۽ رجسٽرن ۾ اهو ڏيکاريو ويو ته اها رقم ڪجهه ماڻهن کي ادائگي جي سلسلي ۾ بينڪ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. 1975ع ۾ جڏهن ڪرپشن جو چرچو تمام گهڻو عام ٿيو ته غير ملڪي ڪمپنين جي ڏيتي ليتي جي جاچ لاءِ تحقيقاتي ڪميشن قائم ڪئي وئي. ڪميشن گهڻو مٿو هنيو، پر اها خبر پئجي نه سگهي ته 2265 لک ڊالر ڪهڙن ماڻهن کي ادا ڪيا ويا هئا. سوئس بينڪ، نارٿ راپ ۽ سيمينز ٽنهي نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته حقيقت ۾ اها رقم شاهي خاندان ۾ ورهائي وئي هئي. اهڙي طرح نارٿ راپ هڪ ٻي ايراني ڪمپني جي شرڪت سان ايران کي 5765 لک ڊالر ڪميشن ادا ڪئي، پر تحقيق مان معلوم ٿيو ته اها ڪمپني سري کان موجود ئي نه هئي. اهي سمورا واقعا مسٽر فريدون هويدا اقوام متحده جي ٻي ڪميٽي ۾ ڪرپشن بابت ريزوليوشن تي تقرير ڪندي بيان ڪيا هئا. اهڙو ئي انڪشاف آمريڪي ڪمپني Grumman بابت ٿيو، جيڪا ايف-14 ويڙهاڪ جهاز ٺاهيندي آهي. هن ڪمپني ايران کان آرڊر حاصل ڪرڻ لاءِ 60 لک ڊالر رشوت ڏني. ان مان 31 لک ڊالر هوشنگ ليوي، پرويز ليوي ۽ منصور ليوي کي مليا، جڏهن ته 29 لک ڊالر پرنس شهرام جي ڪمپني کي ڏنا ويا. سرمائيدار ڪمپنيون رشوت جا پئسا پنهنجي کيسن مان ادا ناهن ڪنديون، بلڪه مال جو اگهه وڌائي گراهڪن کان ئي وصول ڪنديون آهن. مثال طور: ايران ۾ اسپتالن لاءِ سامان جو ٺيڪو ٽن ڪمپنين کي ڏنو ويو: هڪ آمريڪي، ٻي برطانوي ۽ ٽئين فرانسيسي. ٽنهي جيڪو اگهه مقرر ڪيو، اهو بازار جي اگهه کان ست ڀيرا وڌيڪ هو. شاهي خاندان جي ماڻهن جي اهڙي ڦرلٽ نه شاهه کان ڳجهي هئي ۽ نه ئي پبلڪ کان. ڪڏهن ڪڏهن شاهه جڏهن ڪنهن وزير سان ناراض ٿيندو هو ته سندس رشوت خوري منظر عام تي آڻيندو هو، جهڙوڪ: مال جو وزير فريدون مهدوي يا زراعت جو وزير منصور روحاني. 1978ع جي ڪشمڪش دوران عباس هويدا ۽ ڇهه ست ٻين وزيرن جي رشوت جي الزام ۾ گرفتاري به ان جا مثال آهن.
اهي ڪمپنيون، جن ۾ شاهي خاندان، وزيرن يا اثر رسوخ وارن آفيسرن جي حصيداري هئي، انڪم ٽيڪس ادا ڪرڻ ته پري، انڪم ٽيڪس جا ڪاغذ به جمع نه ڪرائينديون هيون. ان ڪري 1969ع ۾ سرڪاري آمدني مان فقط پنج سيڪڙو انڪم ٽيڪس حاصل ٿيو. مئي 1975ع ۾ مال جي وزير هوشنگ انڪشاف ڪيو ته ايران جي ويهه هزار رجسٽرڊ ڪمپنين مان فقط 9362 انڪم ٽيڪس جا ڪاغذ جمع ڪرايا. انهن مان 43 سيڪڙو خسارو ڏيکاريو ويو. مال جي وزير تهران ۾ 817 ڪارپوريشنن جو ذڪر ڪيو، جن 1973ع کان 1974ع تائين ڏهه ڪروڙ ريال کان وڌيڪ ڪاروبار ڪيو، پر ڪنهن کي به ڏهه سيڪڙو کان وڌيڪ نفعو نه ٿيو، بلڪه 280 ڪارپوريشنن گهوٽالو ڏيکاريو. هڪ صنعتي اداري، جنهن جا اثاثا 4 ارب ريال هئا ۽ کپت 1265 ارب ريال، ٽي ڪروڙ ريال نقصان ڏيکاريو، جڏهن ته هڪ ٻي ڪمپني ٽي ارب ريال جي کپت ۽ ڇهه ارب ريال جو نقصان ڏيکاريو. سرڪاري دفترن ۾ رشوت ڏيڻ کانسواءِ ڪو به ڪم نه ٿي سگهندو هو؛ جيترو وڏو ڪم، اوتري وڏي رشوت. رشوت جو مرض ايترو عام هو جو ايران ايئر (هوائي پيمائي ملي ايران) جي ٽڪيٽ به “حق حساب” ادا ڪرڻ کانسواءِ نه ملندي هئي. ان حوالي سان ياد اچي ٿو ته جڏهن شاهه فرار ٿيو ته سندس خاندان تي ايران ايئر جي ٽڪيٽن جا 25 لک ڊالر قرض هئا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهي خاندان ۽ سندس رشتيدار سڄي دنيا ۾ مفت سفر ڪندا هئا. سرڪاري آفيسرن پاران دولت گڏ ڪرڻ ۽ رشوت خوري جو اندازو 1978ع ۾ ٿيو، جڏهن عوامي تحريڪ جي خوف کان انهن آفيسرن ڳريون رقمون ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪرڻ شروع ڪيون. ايران ۾ ڊالر جي ڏيتي ليتي تي ڪا پابندي نه هئي ۽ هر شخص ريال جي بدلي جيترو ڊالر چاهي، بينڪن مان خريد ڪري سگهندو هو. هڪ شاهه پرست مصنف موجب وزيرن، سيڪريٽرين، ڪسٽم آفيسرن، پوليس وارن ۽ فوجي جنرلن رڳو پنج مهينن ۾ يارنهن ارب ڊالر ملڪ کان ٻاهر موڪليا. جڏهن احتجاج باوجود ڊالر جي منتقلي تي پابندي نه لڳي ته بينڪ ملي ڊسمبر 1978ع ۾ اهڙن سئو ماڻهن جي فهرست شايع ڪئي، جن هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ رقم ٻاهر موڪلي هئي. هڪ لک کان گهٽ رقم موڪلڻ وارن کي ذڪر جوڳو به نه سمجهيو ويو. انهن سئو ماڻهن ٽن مهينن اندر هڪ ارب ڊالر منتقل ڪيا، جڏهن ته ان ئي عرصي ۾ شاهي خاندان چار ارب ڊالر ٻاهرين بينڪن ۾ موڪليا. بدنظمي جو اهو حال هو جو مال کڻندڙ جهاز بندرعباس ۽ خرم شهر جي بندرگاهن تي مال لاهڻ جي انتظار ۾ سئو سئو ڏينهن بيٺل رهندا هئا ۽ جهاز مان لاهڻ کانپوءِ به اهو مال مهينن تائين گودامن ۾ پيل رهندو هو. ان لاپرواهي سبب ايران کي 1975ع ۾ ڏيڍ ارب ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻو پيو، جيڪو تيل جي آمدني جو ست سيڪڙو هو. بي چيني جو هڪ ٻيو سبب غير پيداواري خرچن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو هو، جن ۾ سڀ کان وڏو حصو فوجي سامان جو هو. بم بارود ۽ ٽئنڪن سان نه عوام جو پيٽ ڀرجي سگهيو ۽ نه ئي جسم ڍڪي سگهيو. فوجي سامان، سرڪاري عمارتن ۽ هوائي اڏن جي تعمير سان زندگي جون ضرورتون پوريون نه ٿيون، جڏهن ته ناڻي ۾ واڌ ٿي ۽ شين جي پيداوار گهٽجندي وئي. گهڻيون شيون ٻاهرين ملڪن مان اينديون هيون؛ مثال طور تهران ۾ ڀاڄيون، فروٽ ۽ آنا روزانو اسرائيلي جهازن ذريعي تل ابيب مان ايندا هئا. ڄميل گوشت ۽ خشڪ کير آسٽريليا مان، جڏهن ته ڪڻڪ آمريڪا ۽ ڪينيڊا مان گهرائي ويندي هئي، ۽ انهن سڀني جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون هيون. نتيجي طور ٻه هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙن لاءِ به جيئڻ حرام ٿي ويو هو.
گهرن جي ڀاڙي جو به ساڳيو حال هو. مثال طور: تهران ۾ 1974ع دوران گهرن جي ڀاڙن ۾ ٻه سئو سيڪڙو واڌ ٿي ۽ 1975ع ۾ وڌيڪ سئو سيڪڙو اضافو ٿيو. چيو وڃي ٿو ته ايران ۾ رڳو ڏهه سيڪڙو ماڻهن وٽ ئي زندگي جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي سگهه رهجي وئي هئي. ملڪ جيڪڏهن ڪنهن زميني يا آسماني آفت، زلزلي يا ٻوڏ ۾ مبتلا ٿيندو هو ته غريب ماڻهو صبر ڪري وٺندا هئا، پر ٻئي طرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو عيش ۾ غرق هئا، بلڪه سندن عيش آرام ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. عوام جي ڪاوڙ بلڪل حق تي هئي ۽ مٿان جيڪڏهن دانهون ڪوڪون ڪرڻ تي به پابندي هجي ته تڪليف جو احساس وڌيڪ شديد ٿي پوندو آهي. هر شخص ڄاڻي ٿو ته ايراني انقلاب ۾ مزدورن ۽ شاگردن سان گڏ عام ماڻهن به اڳتي وڌي حصو ورتو. اهي هيٺين درجي جا دڪاندار ۽ واپاري هئا، جن جي رسائي سرڪاري درٻار تائين نه هئي. انهن جو روايتي لاڳاپو مذهبي عالمن سان هو، بلڪه ڪيترائي عالم سندن ڪاروبار ۾ به شريڪ هئا. شاهه جي جيڪا اقتصادي هڪ هٽي جي پاليسي هئي، ان جو سڀ کان وڏو نقصان هن واپاري طبقي کي پهتو ۽ اهو طبقو ان نتيجي تي پهتو ته شاهه کي هٽائڻ کانسواءِ سندن مالي حالت سڌري نه ٿي سگهي.