اڄ کان تقريبن 40 ھزار سال اڳ ھومو نيئنڊرٿل نسل يورپ ۽ ايشيا مان تقريبن غائب ٿي ويو ۽ ان جي جاءِ ھوموسيپينس ورتي. ٻئي نسل 60 کان 40 ھزار سال اڳ تائين گڏ رھيا، پر ھوموسيپينس جو نسل نيئنڊرٿل تي غالب پئجي ويو ۽ انهن جو نسل ھميشه لاءِ ناپيد ٿي ويو، مگر نيئنڊرٿل انساني نسل جي اھا پھرين شاخ ھئي، جنھن وٽان زباني اظھار ۽ سماجي سرشتي جا آثار ملن ٿا. ھي پھريون انساني نسل ھو جنھن احساسن، تجربن ۽ خيالن کي منتقل ڪرڻ لاءِ مختلف وسيلا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نيئنڊرٿل نسل جي اختتام بعد ھوموسيپينس پنھنجا خيال، احساس ۽ جذبا ٻين تائين پھچائڻ لاءِ بي ترتيب آوازن، اشارن ۽ چھري جي تاثرات جو استعمال اثرائتي نموني ڪيو. اھو فطري عمل آھي ته اسين جسماني يا نفسياتي طور جنھن رخ ۾ پنھنجي سوچ ۽ عمل کي وڌيڪ استعمال ڪنداسين اسان جو اھوئي پاسو مضبوط ۽ طاقتور ٿيندو. اھوئي سبب آھي جو انسان پنھنجي ضرورت ۽ سمجهھ آھر پنھنجي خيال، تصور ۽ احساسن کي ٻئي تائين پھچائڻ لاءِ جيتري ڪوشش ورتي اوتروئي سندس تخيل به مضبوط ٿيندو ويو ۽ انھن جي اظھار ۾ به پختگي سان گڏ شائستگي ايندي وئي.
ھوميوسيپينس جي ڳالھائڻ جو اوائلي اظھار جارحانه بي ترتيب، اڻوڻندڙ آواز ۽ چھري جي بگڙيل تاثرات سان شروع ٿيو. ھنن وٽ پنھنجي ڳالهھ سمجھائڻ لاءِ ترتيب وار آواز نه ھئا، جنھن سبب کين پنھنجي ڳالھه ٻڌائڻ لاءِ آواز سان گڏ ھٿن ۽ جسماني اشارنBody Language جو وڌيڪ استعمال ڪرڻو پوندو ھو. جنھن سبب سندن مزاج ھميشه شدت پسنداڻو رھندو ھو، مگر جيئن جيئن سندن آواز لفظن ۽ لفظن جملن جي صورت اختيار ڪئي ۽ ھو پنھنجي ڳالھه سامھون واري کي سمجھائي سگھڻ لڳا، تيئن تيئن سندن ڪاوڙ ۽ اشارن جي شدت ۾ ڪمي اچڻ شروع ٿي. اڄ به اسان جي ڳالھه ڪير نه سمجھندو آھي ته اسان جو انداز جارحانه ۽ عمل شدت پسنداڻو ٿي ويندو آھي، خاص ڪري گلي مان نڪتل لفظ تي زور ڏيڻ، آواز کي وڌيڪ بلند ڪرڻ، چھري جي تاثرات ۾ تناءُ ۽ اشارن جو تحرڪ وڌي ويندو آھي. احساس ۽ اظھار جو توازن باقي نه رھي ته آپي مان نڪرڻ ۽ حواس باخته ٿيڻ فطري عمل ٿي ويندو آھي، پر جيڪڏھن اسان جا لفظ احساسن جا بهتر ترجمان رھندا ته جسم ۽ اعصاب اظھار جو توازن برقرار رکي سگھندا.
وقت سان گڏ انساني اوسر ٿي، زبان طاقت ورتي ۽ اسان جي لھجي ۾ نرمي، شائستگي، جسماني اشارن ۽ چھري جي تاثرات ۾ ڪمي ايندي وئي. ھن وقت به پٺتي پيل معاشرن جو انداز گفتگو بلند، تيز ترار لھجي ۽ بدنما چھري جي تاثرات سميت ھٿ جي اشارن سان وڏي شد و مد سان ظاھر ٿيندو آھي. جڏھن ته ارتقاءَ ڪيل معاشرن جي لھجي ۾ شائستگي ۽ نفاست سان گڏ ھٿ ۽ جسم جي استعمال ۾ توازن ڏسڻ لاءِ ملندو آھي. جديد دور ۾ ته سپاٽ چھرا، ورجاءُ کان خالي گفتگو، لھجي ۾ نرمي، مختصر ۽ با معنيٰ لفظ ۽ اصطلاحي جملا ئي مھذب فرد جي ترجماني ڪندا آھن. اھو بدلاءُ ھزارن سالن جو آھي، جنھن مسلسل تبديليءَ جي مرحلن مان گذري موجودہ صورت اختيار ڪئي آھي. اچو ته ان تبديليءَ کي مختصرن سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون.
جيئن جيئن وقت گذريو انسان سڀ کان پھرين پنھنجي ارد گرد جي ماحول ۾ موجود شينobjects جا نالا گھڙڻ ۽ شناخت لاءِ سندن نالا رکڻ سان رابطاڪاري جي شروعات ڪئي. يقينن انساني نسل جي زبان مان پھريون ترتيب سان نڪتل آواز ڪنھن انسان جي نالي جي سڃاڻپ لاءِ ئي ھوندو! آوازن جي سڃاڻپ سان لفظن وجود ورتو ۽ لفظن جي مجموعن انسان کي جملن جي صورت ۾ مڪمل زبان ڏانھن راغب ڪيو. روزمره ہ جي ضرورت جي شين ۽ ڳالھين لاءِ ته انسان وٽ آواز ۽ اشارا ميسر ھئا، پر سندن خواب، تصور ۽ تخيلImagination ۾ ايندڙ شيون ۽ ڳالھيون ٻين تائين منتقل ڪرڻ لاءِ الفاظ، تاثرات ۽ اشارا سندن خيالن جي ترجماني نه ٿي ڪري سگھيا. اھوئي سبب ھو جو کين سڀ کان پھرين پنھنجي تخيل ۽ خوابن کي ٻين تائين منتقل ڪرڻ لاءِ نقش چٽڻ يعني آرٽ جي ضرورت پيش آئي. انساني عقل پنھنجي ڳالھين کي سمجھائڻ واسطي پنھنجي ارد گرد جي فطرت جي تصويرن کي چٽيو ۽ پوءِ پنھنجي تخيلاتي شاھڪارن کي پنھنجي ذھنن مان ڪڍي ديوارن تي چٽڻ شروع ڪيو. شايد وقت جو اھوئي نقطو انسان کي ذوق جمال ڏانھن مائل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيو ۽ انسان جي ذھن جي اسٽيٽ آف آرٽ سان ملاقات ٿي. پَرين جو وجود، ديو مالائي ڪردار، اڏڻ کٽولا، راڪاس ۽ اھڙيون علامتون غارن جي ديوارن جي زينت بڻيون. تصويرن جي صورت ۾ پنھنجا نياپا لکڻ ۽ پنھنجي تخيل کي چٽڻ واري اوسر بلا ترتيب صورتن کان بل ترتيب تصويرن تائين انسان کي رسم الخط ٺاھڻ جو ڏس ڏنو. ھنن چٽيل نقشن ذريعي ٻين کي ڳالھه سمجھائڻ سان گڏ چٽسالي جي ھنر سان پنھنجو رشتو جوڙيو، جڏھن ته آواز جي بيھڪ ۽ لفظن جي ترتيب سان کين سر ۽ تال جي به پروڙ پئي.
انساني سماج جي سموري رابطاڪاري “زبان” سان منسلڪ ھئي. ڏند ڪٿائون، لوڪ گيت، داستان ۽ روايتون زباني طور نسل در نسل سينه به سينه منتقل ٿينديون رهيون. ان دور جو رابطو صرف لفظن جي چونڊ تي نه، بلڪه آواز جي لهجي، جذبي، ساهن جي وٿي، چھري جي تاثرات ۽ جذبات تي بہه ٻڌل هو. اهي آواز ذاتي رابطي سميت ريتن، رسمن ۽ رواجن کي نسل در نسل اڳيان وڌائڻ جو ھڪ ذريعو ھئا. زبانن ۽ ثقافتن جي شروعاتي دور ۾ ٻوليءَ جي صنف جا ماھر پنھنجي تصور ۽ تخيل جو بيان، ڪھاڻي ۽ اداڪاري سان گڏ پنھنجي مخصوص اثرائتي لھجي سان گڏ پيش ڪرڻ لڳا. اسٽيج تي اداڪار پنھنجي ڊائلاگ سان گڏ تاثرات کي واضح طور پيش ڪري پنھنجي پوري جذبات ۽ احساسات سان آڊينس کي محظوظ ڪرائڻ لڳا. وقت سان گڏ ثقافتون پختيون ٿيون ۽ ٻولين ۾ وسعت آئي، تڏھن پھاڪا، چوڻيون، محاورا، تشبيھون، استعارا ۽ شاعري وجود ورتو ۽ وقت جا ڏاھا پنھنجي انداز فڪر سان وڏي تجربي جي ڳالھين کي چند لفظن ۾ بند ڪري پيش ڪرڻ لڳا.
لکت جي تاريخ جو ذڪر ڪريون ته تصويري علامتن جو ابتدائي اظهار اها گھڙي ھئي، جڏهن اڃان باقاعدہ لفظ به ڪونه هئا، ان وقت انسان غارن جي ڀتين تي تصويرون ٺاهي پنهنجو بيانيو ظاهر ڪندو هو. ھو شڪار، خوف، اميد، پرستش سميت پنھنجي احساسن جا سمورا اظھار غارن جي ڀتين تي چٽي پنھنجي خيالن کي ھڪ صورت بخشيندو ھو. اهي تصويرون صرف سندن فني اظهار نه، پر ٻين تائين پيغام پهچائڻ جو ابتدائي ذريعو هيو ۽ ان فن ئي اسان کي پنھنجا احساس لکت تائين کڻي اچڻ جو اظھار بخشيو. ڪينواس تي پينٽ ڪيل تصويرون انسان جي جذبن ۽ احساسن کي ظاھر ڪرڻ لڳيون. سنگتراشي انسان اندر ويٺل تخيل جو عڪس بنجڻ لڳو. ڪپڙي تي جڙيل چٽ ھجن يا ڪاٺ تي اڪريل شيون انسان جا سمورا جذبا پنھنجي پوري طاقت سان فن جي صورت ۾ ظاھر ٿيڻ لڳا ۽ انسان پنھنجا احساس علامتن ذريعي ٻئي تائين پهچائڻ لڳو.
ديوارن بعد باقاعدہ تصويري زبان واري تحرير جي شروعات ڪاٺ، ڇوڏن، لوھه ۽ جانورن جي کلن تي چٽڻ سان شروع ٿي. جلد ئي انسان پنھنجا نياپا ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچائڻ ۽ انھن کي محفوظ ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي. انسان هاڻ پنهنجا احساس، خيال ۽ مشاهدا تفصيل سان لکڻ لڳو. خط، تحرير، داستان، آکاڻين ڪتابن جي صورت اختيار ڪئي. ماڻھو انھن چند لکائي جي ٽڪرن کي به “اٺ ڪتابن” واري محاوري سان تشبيھه ڏيڻ لڳا. بھرحال ان طريقي يا عمل سان هڪ فرد پنهنجي اندر جي دنيا کي لفظن ذريعي ٻئي فرد تائين پهچائي سگهيو. ڪاغذ جي ايجاد بعد خاص طور خط، فرد کان فرد واري رابطي جو جذباتي ۽ فڪري رستو اختيار ڪيو. ان دور کي عروج تڏھن مليو جڏھن ڇپائي لاءِ ٺپا، ٽائيپ مشِينون ۽ پرنٽنگ مشينن ايجاد ٿيون. جلد ئي قاصد ۽ ٽپال واري سرشتي جو دور شروع ٿيو جنھن ۾تحرير، صرف ذاتي اظهار تائين محدود نه رهي، پر رسمي پيغامن ذريعي سماجي، خانداني ۽ سياسي پيغام منتقل ٿيڻ لڳا. “نياپو آيو”، “تفصيلي خط پھتو”، “محبت ۽ پيار جو سنيھو پيش ٿيو” اهي سڀ رابطا، لکت ذريعي ماڻهن جي احساسن، ارادن ۽ رشتن کي ويجهو آڻڻ لڳا. سنيھن ۾ رواني ۽ وزن آڻڻ لاءِ چوڻيون، پھاڪا، استعارا، تشبيھون ۽ شاعريءَ جو استعمال عام ٿيو.
تفصيلي بيانن، ڪھاڻين، ناولن، ٿيٽرن بعد انساني زندگيءَ جي مصروفيت، اربنائيزيشن ۽ مٽيريلسٽڪ زندگي انسان کي جلد ئي ان نقطي تي پھچايو ته وڏي معنيٰ ٿورن لفظن ۾ ڪيئن سمائجي سگھجي ٿي. شارٽ اسٽوريز، ننڍا ناٽڪ، ناوليٽ ۽ مختصر افسانن جھڙين صنفن جنم ورتو. اخبار ۾ِ کيس پيرائتين خبرن کان، سب ھيڊنگ ۽ سب ھيڊنگ کان ھيڊ لائينز پڙھڻ جي آزادي ڏني وئي، مختصر اظهار ذريعي، ماڻهو معنيٰ خيز ۽ بااثر گفتگو ڪرڻ لڳو. شاعري خاص طور، دل جي ڳالهھ کي علامتن، رديفن ۽ خيالن جي رمز ۾ سموئڻ جو فن بڻجي ويو.
مگر جڏهن ٽيليفون آيو ته ماڻهن وچ ۾رابطي لاءِ ھڪ ڀيرو وري آواز جي دخل اندازي وڌي وئي، پر هاڻ فاصلي تي موجود ماڻهو پنهنجي آواز، لهجي ۽ ساهه سان گاھي به گاھي بي جان لفظن جي جاءِ تي جيئري جاڳندي ماڻھو سان سامھون ٿي گفتگو ڪري سگهيا. اهو پهريون ڀيرو ٿيو، جو ماڻهو، بغير ملڻ جي، محسوس ڪري سگھيا ته “سامهون وارو موجود آهي.” تار، فيڪس، ۽ پوءِ اي ميل جي آمد، رابطن کي برق رفتاري سان فاصلي کان آزاد ڪري ڇڏيو. نياپا ڏينهن بدران سيڪنڊن ۾ موڪلجڻ لڳا.
واٽس ايپ، ميسينجر ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين ايپس انسان کي فقط لکت نه، پر آواز، وڊيو، تصوير، ايموجي، GIF، اسٽيڪر ۽ لوڪيشن تائين پڻ اظهار جو اختيار ڏنو. ھاڻي دنيا مٽجي وئي اشاراتي ۽ علامتي تصويرون، وائس ميسيج ۽ وڊيوز گڏوچڙ ٿي رابطي ۽ سنيھن جو ڪم ڪرڻ لڳيون. ٽيليويزن وانگر هاڻ رابطو يا ميسيج هڪطرفو نه رهيو، پر متحرڪ، ٻطرفو ۽ گهڻ رخو ٿي ويو. رابطي جي ذريعي نه صرف پيغام، پر مزاج، ماحول ۽ ذاتيات به منتقل ٿيڻ لڳي. انسٽا اسٽوريز، مختصر وڊيوز، انسان کي واپس تصويري اظهار ڏانهن وٺي آيا، پر هاڻ اهي تصويرون ڊجيٽل، خود مٽجندڙ ۽ وڌيڪ جمالياتي بڻجي ويون. اهي تصويرون، جيئن اڳي غارن تي ٺهنديون هيون، هاڻ اسڪرين تي ٺهن ٿيون ۽ مختصر وقت لاءِ ڏيکاري احساساتي ۽ جذباتي نياپا بڻجڻ لڳيون. ائين ڄڻ انسان ٻيهر “تصويري زبان” ڏانهن موٽيو ليڪن هاڻ، سندس پھچ ڊجيٽل، تيز ۽ عالمي سطح تائين پھچي چڪي آھي.
جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا رابطي ڪاري جو ھڪ وسيع ذريعو آھي ۽ ڪيترين ئي سائيٽن انسانن کي مختلف طريقن سان پاڻ ۾ ڳنڍي رکيو آھي، ليڪن انھن سڀني سماجي ميڊيا جي ذريعن مان “سنيپ چيٽ” جي دنيا ئي ڪجھه اور آھي! سنيپ چيٽ ھڪ جمالياتي حسن جو پليٽ فارم آھي. جنھن ۾ گھڻو تڻو گفتگو ۽ پنھنجي خيالن جو اظھار خاموش منظرنگاري، علامتي چھرن، چوڻين، تشبيھن، استعارن وغيره ذريعي ڪيو ويندو آھي. سنيپ ۾ پنھنجي سرگرمي، عادت، طبيعت، لوڪيشن، خوشي، غمي سميت مختلف احساسن جو ذڪر تفصيلن نه، پر ڪنھن به ھڪ اسٽريڪ يا علامت سان جڙيل رھندو آھي. جتان کان انسان بي زباني ۽ خاموشي سان شروعات ڪئي هئي، اشارن ۽ پوءِ چٽيل نقش نگاري ذريعي پنھنجا احساس ونڊيا. دور جديد ۾ ساڳيو انسان رابطا ڪاري ۾ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو وري پنھنجي خاموش زبان ۽ اشارن ۽ علامتن ذريعي پنھنجا سنيھا ھڪ ٻئي سان ونڊي رھيو آھي، پر ھن وقت انسان جي سمجھڻ، سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت معمولي نه پر غير معمولي بڻجي چڪي آھي.
فلمن جي تاريخ تي نظر وجھنداسين ته ٽيڪنالاجي نه ھئڻ سبب آواز بغير، “گونگين” فلمن جي ڪهاڻي جي اظھار جو دارومدار صرف ايڪشن تي ھوندو ھو، مگر جڏھن ڊائلاگن سان فلمون ٺھڻ شروع ٿيون ۽ سينمائن جو نالو “ٽاڪيز” رکيو ويو، تڏھن مڪمل ۽ مفصل مقالمن سان گڏ اداڪار جي چھري جي تاثرات جي مضبوط ھئڻ کي ساراھايو ويندو ھو. ڇاڪاڻ ته آڊينس جي سوچڻ، سمجھڻ جي صلاحيت ۽ تڏھن جي رواجن ۽ روين جو انحصار جذباتيت تي گھڻو ھوندو ھو، مگر وقت گذرڻ سان گڏ ٽيڪنالاجي ته پنھنجي جاءِ تي ترقي ڪئي، ليڪن انسان جي جذبن، احساسن ۽ روين جي به اوسر ٿي ۽ اسان جي سامھون واري کي مٿاڇري، مختصر ۽ ورجاءُ کان خالي گفتگو آساني سان سمجھڻ ۽ سمجھائڻ اچڻ لڳي. فلمن جا عنوان ۽ اداڪاري جا معيار به مٽجڻ لڳا. ھاڻي فلمن ۾ ذومعنيٰ ۽ مختصر ڊائلاگ، مضبوط منظرنگاري، علامتي ڏيک ۽ سپاٽ چھرا نئين نسل جي توجه جو سبب بڻجن ٿا ۽ ھو انھن فلمن مان پوري طرح لطف اندوز ٿين ٿا. جڏھن ته اسان جو نسل انھن فلمن کي سمجھڻ ۾ ئي پنھنجون صلاحيتون استعمال ڪري ٿو ته کيس فلم مان محزوز ٿيڻ جو وقت نٿو ملي. مٿين تحرير جي اختصار سان اھا سادي حقيقت آسانيءَ سان سمجھه ۾ ايندي ته انسان پنھنجي رابطاڪاري لاءِ “ھٿ جي اشارن ۽ بي ترتيب آوازن کي وسعت ڏئي، ڪيئن ھڪ مڪمل احساسن جي ترجماني ڪندڙ آوازن کي ٻوليءَ جي صورت ڏني”، ٻئي ڏاڪي ۾ “ھڪ مڪمل، مفصل ۽ طويل بيان کي مختصر گفتگو ۽ محاوراتي ٻوليءَ ۾ تبديل ڪري پنھنجي زبان کي ڪيئن بامعنيٰ ۽ مضبوط بنايو” دور جديد اندر “جذباتي سڀاءُ سان ڀريل چھرا ڇڏي، احساسن کان خالي سپاٽ چھرا ڪيئن ٺاهڻ ۽ پرکڻ شروع ڪيا” “جڏھن ته موجودہ دور اندر چٽيل نقش جي اشاراتي ٻوليءَ کي سنيپ چيٽ جي علامتي زبان ۾ ڪيئن منتقل ڪيو”…!