بلاگنئون

سنڌ جي البيلي ۽ مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو وڇوڙو

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو اصل نالو الله بخش انصاري هو، مگر آڪاش انصاري کيس ادبي نالو جڳ مشهور ٿيو. آڪاش انصاري 25 ڊسمبر 1956ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ابل وسي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڀر واري شهر بدين مان حاصل ڪئي ۽ 1984ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج جي زماني کان ئي هو قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ سرگرم رهيو، جتي عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ضياءُالحق جي مارشل لا دوران، قومي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ جي ڪري کيس جيل جي سلاخن پٺيان ويهي سچ جا گيت ڳائڻا پيا. بعد ۾ 1995ع ۾ هن صحافت ۾ قدم رکيو ۽ روزاني ‘سوال’ اخبار جاري ڪئي، جتي پاڻ چيف ايڊيٽر ۽ حسن درس ايڊيٽر هئا. 2002ع ۾ ڊاڪٽر آڪاش رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. هن بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ ‘بدين رورل ڊيولپمينٽ’ نالي سماجي تنظيم قائم ڪئي، جنهن ذريعي جديد اسڪولن جو قيام عمل ۾ آيو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ‘ڪيئن رهان جلا وطن’ ۽ ‘اڌورا اڌورا’ شايع ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري اڄ 15 فيبروري 2025 تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. آڪاش انصاري جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. هو هڪ اهڙو تخليقي شاعر هو جنهن پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ جي ثقافت، سنڌي ٻولي ۽ معاشرتي حقيقتن کي اجاگر ڪيو. سندس شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جو درد ۽ قومي پيڙائن جي عڪاسي ڪئي ۽ هو نئين نسل کي سنڌي زبان ۽ ادب سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو.

سندس حادثي ۾ فوت ٿيڻ واقعي سنڌ ڌرتي لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي، جنهن سان سنڌي ادب ۽ شاعري جو هڪ روشن ستارو هميشه لاءِ وڃائجي ويو. آڪاش انصاري جي شاعري ۾ هڪ احساس ۽ جذبو آهي جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪري وڃي ٿو. اهو ڏک ۽ صدمون ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي، جنهن ۾ سنڌي قوم  جو جيءُ جُهري پيو آهي.

آڪاش انصاري جو ذڪر، سندس تخليقيت ۽ اڻ سونهين ڪردار جو احوال، واقعي دل کي ڇهندڙ آهي. سندس شاعري ۾ جيڪا سچائي، درد ۽ انساني احساسات ڪنهن جي دل کي چير وجهن ٿا. سچ پچ ته آڪاش جي وڇوڙي کانپوءِ هر اک آلي ٿي پئي آهي سڄي سنڌ جي اکڙين ۾ سنڌو لهي آيو آهي. سنڌ جي تقدير ۽ تاريخ ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي وڇوٽي ۽ جدائي هميشه ياد رهندي. سموري سنڌ جي دردن کي آڪاش پنهنجي تخليقن سان سجايو، پر سندس زندگيءَ جو خواب اڻپورو ئي رهجي ويو. زندگي جي سموري جستجو  اڌوري رهجي وئي تڏهن ته چيائين:

نڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو،

نڪي ديپ دل مان اوهان جو اجهاميو.

نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين،

نه ئي سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين.

دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا،

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا،

آڪاش جي زندگي ۾ جيڪي آزمائشون، درد ۽ ڏک هئا، انهن مان سڀ کان وڏو درد ۽ ڏک سنڌ وطن سان ٿيندڙ ناانصافي وارو لمحو هو، هو سنڌ جي وجود جي بقاءَ واري جنگ وڙهندي وڙهندي زندگي جي جنگ هارائي ويو. آڪاش جسماني اذيتن جو بار سر تي کڻي پنهنجي وطن ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار سندس ئي ڪاوشن سان شاعري ۾ انسانيت لاءِ خدمت جي راھ هموار ڪري ويو. جڏهن ته ٻئي طرف سندس دل ۾ هميشه هڪ ڳڻپن واري ڳڻائي، سنڌ ۽ ان جي انسانن لاءِ محبت ۽ پرڀاوي جو احساس هو.

سندس شاعري ۾ جتي دل جو درد ۽ درد جا لمحه آهن، اتي هڪ اڻ کٽ اُميد، محبت ۽ وطن لاءِ قرباني جا سبق پڻ آهن. آڪاش جو وجود، جسماني لحاظ کان ته سڙي ويو، پر سندس شاعري ۾ نياپن جا اثر زندگين ۾ هميشه لاءِ رهندا. آڪاش جي شاعري قومي شاعري جو هڪ اهم درس آهي جنهن ۾ اهو پيغام آهي ته قومن جي ترقي ۽ اتحاد جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ صاف عزم جي ضرورت آهي. سندس شاعري ۾ قومي خود مختياري، سماجي انصاف ۽ حب الوطني جي قيمتن تي زور ڏنو ويو آهي. آڪاش ماڻهن کي پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان محبت رکڻ جو درس ڏيندو رهيو ۽ پنهنجي وطن کي مضبوط، آزاد ۽ خود مختار ڏسڻ جي اُميد ۾ شعر لکندو رهيو.

هميشه اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ڪنهن به قوم جي ترقي صرف معاشي يا سياسي لحاظ کان نه، پر انساني ويچار ۽ اخلاقي اقدار سان گڏ يڪجهتي ۽ ساٿ نڀائڻ سان آهي.