ان ڳالھ مڃڻ کان انڪار ناهي ته دنيا جا ٿنڪ ٽينڪ يهودي ئي آهن. دنيا جي ايجادن ۾ وڏو حصو يهودين جو آهي. وڏا فلاسافر، سائنسدان آئن اسٽائن، ابراهام ماسلو، سگمنڊ فرائڊ ۽ ڪارل مارڪس جهڙا ڏاها به يهودي هئا. ايجادن ۾ بار ڪوڊ، ڊي وي ڊي، بلب، اسٽين ليس اسٽيل، ڪالرا، پلاگ ۽ پوليو جون ويڪسين ايجاد ڪرڻ وارا به يهودي نسل جا ماڻهو ئي آهن، پر هٺ، مڳي ۽ احساس برتري جي ڪري هر دور ۾ مار کائي ٿا وڃن، پر انصاف جي تقاضا اها به آهي ته يهودين جي اصل ملڪ (جرمني پولينڊ ۽ هالينڊ) ڏانهن کين موٽايو وڃي، پر مسئلو اهو به آهي ته ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ دنيا جون طاقتون ورهائجي ويون ۽ حرفتي انداز ۾ سپر پاوري آمريڪا جي هٿ آئي. مثال طور: فيبروري 1945 ۾ برطانيا جي وزيراعظم ونسٽن چرچل، روس جي صدر جوزف اسٽالن ۽ آمريڪي صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ روس جي شهر منهٽن جي وسيع محل ”يالٽا“ ۾ ملاقات ڪئي. هڪ طرف جرمني، اٽلي ۽ جاپان هئا وري ٻئي طرف برطانيا، روس ۽ آمريڪا هڪ مُٺ هئا. آمريڪا جي پاسي بيٺل برطانيا کي اها سڌ نه هئي يا نڪ جي پڪائي هئي ته 1857 کان وٺي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي بهاني برطانيا سڄي برصغير تي قابض هئي سا ڪنهن کي نظر نه آئي جنهن جو سج لهندو ئي نه هو، جو آسٽريليا به هن جي قبضي ۾ هو ته هوڏانهن آمريڪا تي به هنن جو تسلط هو، پر هڪ جرمني غير انگريز هجڻ جي ڪري انگريزن کان هضم نه ٿي. 1939 ۾ پولينڊ جي حملي يورپي ملڪن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ان ڪري انهن وٺ پڪڙ ڪري جرمني مان جان ڇڏائي ۽ ان کي ٻه اڌ ڪري هڪ روس جي حوالي ڪري ويا، جيڪو 1989 ۾ وري يونائيٽ ٿي گريٽر جرمني به ٿي ويو، پر آمريڪا منهٽن (روس) واري گڏجاڻي کانپوءِ جاپان تي حملو ڪيو، پر هيڏي برصغير ۾ برطانيا ته هو انهن جي انخلا نه ڪئي هئن، پر 14 آگسٽ 1947 ۾ برصغير مان برطانيا جي انخلا وري يهودين جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ان ڪري انهن به يونائيٽيڊ نيشنز کي زور ڀريو ته اهي يهودين جي الڳ وطن جو اعلان ڪن.
مسلمانن جي توڻي جو سلطنت عثمانيه جيڪا 1928 ۾ ذريون پرزيون ٿي وئي، جنهن ۾ عربن جا 22 ملڪ ڦٽي نڪتا، جنهن ۾ سعودي عربن جي مسلمانن جي پنهنجي سازش به شامل هئي، پوءِ مسلمانن ڪهڙي چال هلي جو هاڻي جو بار رڳو فلسطيني مسلمانن تي آهي؟ يا مسلمانن جو اهو چوڻ ته ”اسان اسرائيلين کي نه ڇڏينداسين، انهن جي خلاف جهاد ڪنداسين“ واري ڳالھ مان فائدو ڇا آهي؟ يا ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته اسان مسلمانن عيسائين ۽ يهودين جي وچ واري نفرت ۾ پاڻ ڦاسايو ويو آهي. پوءِ اهي يهودي ڄاڻن، عيسائي ڄاڻن، هٽلر ڄاڻي، جرمني ڄاڻي، ڀلا هنن جرمنيءَ کي ٻه ٽڪر نه ڪيو يا عيسائين ۽ يهودين جي اها نفرت ڏسڻ وٽان نه هئي، پر يو اين يو پاڻ جڏهن اسرائيلين کي ”عيليه“ جي سڏ سان 1948 ۾ ٻيهر گهرايو. ان کان اڳ به ڪيئي ڀيرا اسرائيلي فلسطين ۾ ايندا رهيا ۽ فلسطيني عربن سان هلڪيون هلڪيون جنگيون ڪندا رهيا. مهڙ ۾ يو اين او جي ڊڪليئريشن ۾ اهو هو ته فلسطين اسرائيلين ۽ عرب فلسطينين جي وچ ۾ ٻه صوبا هوندا، اهي پاڻ ۾ گڏجي رهندا، پر يهودين جي چال اها ئي هئي جيڪا هٽلر ڏسي ويو هو ته هن يهودين کي ان ڪري قتل ڪيو جو اهي نسلي حرفتي ۽ چالاڪ آهن، بيوفا ۽ ملڪ دشمن آهن، ان ڪري هٽلر ڪجھ بچائي ويو ته جيئن دنيا ڏسي ته اهي نسلي حرفتي آهن يا نه! پر ائين لڳندو آهي ته جيڪي هٽلر جي هٿان ماريا ويا، اهي ايترا حرفتي نه هئا جيترا هي جيڪي بچي ويا آهن سي آهن.
هولو ڪاسٽ ۾ جي 60 لک اسرئيلي مئا هئا ته ڪهڙو آسمان ڪري پيو هو يا ڌرتي کي لوڏو اچي ويو هو جو هاڻي جي فلسطيني جي مٿان آئي آهي ته اهي سڀ عالمي قوتون اٿي کڙيون ٿينديون يا اهي ڪجھ ڪنديون؟ ڳالھ اها به آهي ته ان وقت درد به يورپي هو ته دوا به يورپي هئي، ليگ آف نيشن به انهن جي هٽلر به انهن جو، ان کانپوءِ يو اين او به انهن جي يا جيڪي به ناڪاميون هيون اهي به انهن جون ۽ هاڻي جيڪي به ڪاميابيون آهن يا ناڪاميون آهن اهي به انهن جون. هاڻي جي ”يو اين او“ ناڪام آهي ته اها رڳو اسان مسلمانن جي پاسي آهي، مثال طور: ڪشمير جي ڳالھ جي ڪيون ته اهي قتل ۽ غارت گيري به مسلمانن جي پاسي، افغانستان جون حالتون يا سي اي آءِ جي ايجنٽي به مسلمانن جي پاسي ۽ فلسطين جي ناڪامي به مسلمانن جي پاسي. هاڻي اسرائيلي ان ڳالھ تي بضد آهن ته اهي سموري اسرائيل کي گريٽر اسرائيل ڪري ڏيکاريندا ۽ فسلطيني پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ٿي ويندا ان ڪري ته عالمي طاقتون انهن جي پاسي آهن، اهي انهن جي ڳالھ ٻڌن ٿا، اهي انهن جي حق ۾ ڪم ڪري ڏيکاريندا. ٻي ڳالھ ته جيڪي به 26 عالمي ميڊيا تنظيمون جن ۾ بي بي سي، سي اين اين، گارجين يا اسڪاءِ نيوز وغيره آهن يا جيڪي به ترقي پسند اخبارون آهن، اهي ڪڏهن به اسرائيل جي مخالف رپورٽنگ نه ڪنديون، اهي چاهن ٿيون ته ماضي ۾ جيئن مسلمانن جي سلطنت هوندي هئي، هاڻي اسرائيلين ۽ يهودين جي سلطنت هجي ته جيئن اهي چاهين ڪري سگهن ٿا، اهي پاڻ اڇي ڪاري جا مالڪ آهن، جيڪي کڻي يورپ ۾ پنهنجي ساک جي ڇڪتاڻ ۾ نظر اچي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته انهن جي ادارتي پاليسين کي اسرائيل جي حمايت حاصل آهي ۽ اهي سنجيدگيءَ سان خواهشمند به آهن ۽ محسوس ٿا ڪن ته اهي جيڪي ڪجھ ڪري رهيا آهن، هو صحيح آهي ۽ مسلمان، عرب ۽ فلسطيني، ڪشميري، افغاني ڄاڻن انهن جا ڪم انهن ۾ هنن جو ڇا؟
دنيا تڏهن وڏي سڪون ۾ هئي جڏهن اسٽيٽ جو ڪو ڪانسيپٽ نه هو سڀ سلطنتون ۽ بادشاهتون هونديون هيون، نه ڪا اسٽيٽ نه ئي ڪو انٽرنيشنل رليشن جي ڳالھ، پر هاڻي جي تناظر ۾ ڳالھ وچڙي وئي آهي، ڳالھ رڳو ”يونيپوليرٽي“ جي ڳالھ ٻُڌي ۽ سمجهي ٿي وڃي، پر سلطنت عثمانيا جڏهن ٽٽي ته مسلمان جي طاقت وئي، سڀ جا سڀ وري پنهنجي اسٽيٽ جي ٺاهيل فرقن جي ورِ چڙهي ويا، جنهن جي ڪري سرد جنگين تي ڄڻ گاسليٽ هارجي پيو. هاڻوڪي صورتحال ۾ يا اسرائيل تي حماس ۽ حوثي گروهن جڏهن سوڙھ ڀري آهي ته آمريڪا هاڻي جنگ بنديءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري، ان ڪري اهڙي ٻٽي پاليسيءَ ۾ هي خطو ڏينهون ڏينهن ويندو ٻڏندو ۽ مرندو، پر ڪنهن کي به قياس نه ايندو، ان ڪري ”آپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي“. جڏهن ته مغربي طاقتون آمريڪا ۽ برطانيه جي اڳواڻي ۾ آهن، جرمني فرض جي پيروي ٿو ڪري ۽ ٻين اسرائيل جي قتل عام ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي جي حمايت ڪئي، چيو ته اهي يورپي ملڪ پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪري رهيا آهن. شروعات ۾ انهن تنظيمن مان ڪيترن ئي پنهنجن حڪومتن جي راءِ جو اظهار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ تڪرار جي جڙ 7 آڪٽوبر 2023 جي تاريخ آهي، نه ته 1948 ۾ ”نڪبا“ جنهن ۾ فلسطينين کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي سر زمين تان وڏي پيماني تي بي دخل ڪيو ويو هو ۽ مسلمانن جون پنهنجون حڪومتون اسرائيلي قبضي جي نظريي جي حمايت ڪري رهيون هيون، تيئن ميڊيا جي تنظيمن به ان بعد جي پروپيگنڊا جي گونج بند ڪري ڇڏي. مثال طور: غزه ۾ ٿيل قتلن تي انهن تي شڪ پيدا ڪرڻ لاءِ هميشه حماس جي ڪنٽرول ۽ اختيار سان منسوب ڪيو ويو آهي.
اهو به آمريڪي انتظاميه جو طاقتور اسرائيل لابي کي رد ڪرڻ جي ڪري قبضي واري ويسٽ بئنڪ ۾ آبادي جي توسيع اسرائيلين ۽ فلسطينين جي وچ ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچايو، پر اهڙو ڪو به بيان نه آيو جنهن کي اسرائيل جا عرب اتحادي چئي سگهجي. تنهن هوندي به اسرائيل کي پنهنجي عرب دوستن کي ڌڪ هڻڻ جو بهترين موقعو گذريل مئي ۾ آيو هو. جڏهن 11 ڏينهن ۾ هن غزه کي تباهه ڪيو، رهائشي ۽ تجارتي بلندين کي تباهه ڪيو، جنهن ۾ هڪ هائوسنگ ميڊيا آفيسون شامل آهن، انهن ۾ 39 عورتون ۽ 66 ٻارن سميت 250 ڄڻا مارجي ويا هئا. سراسري طور تي اسرائيل 25 منٽن ۾ 125 بم ڌماڪا ڪيا، جنهن جون تباھ ڪاريون اڃان تائين ويون ناهن، پر غزه جي قتل عام عرب رياستن جي تعاون واري پاليسي تي ڪنهن به رڪاوٽ اثر نه ڪيو، جيئن اسرائيل، آمريڪا ۽ ٻن خليجي رياستن، بحرين ۽ يو اي اي پاران گذريل مهيني ڳاڙهي سمنڊ ۾ گڏيل بحري مشق مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيلي بحريه جي ترجمان موجب پنج ڏينهن واري بحري مشق جو مقصد نار جي علائقي ۾ ايران جي پاور پروجيڪشن کي منهن ڏيڻ هو. جيڪڏهن عربن فلسطين کي ختم ڪيو آهي ته ڪنهن ٻئي نه ڪيو آهي. ستم ظريفي آهي جيئن اهو لڳي ٿو ته اهو سچ ٻڌائڻ لاءِ هڪ جرمن ورتو، ڇاڪاڻ ته هن جي اسرائيل جي آخري دوري تي چانسلر اينجلا مرڪل پنهنجي مهمانن کي ياد ڏياريو ته فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي ضرورت کي ”نظر نه وڃايو“. هڪ اسرائيلي ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهائيندي ميرکل چيو ته متحده عرب امارات جي سفارتي قدمن اسرائيل جي فلسطينين سان امن معاهدي تائين پهچڻ جي ضرورت کي ختم نه ڪيو. ”اسان کي فلسطينين جي جيئڻ جو موقعو ملڻ جي حق کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. تنهنڪري ڪنهن به حالت ۾ جيتوڻيڪ اهو آبادين جي ڪري وڌيڪ ۽ وڌيڪ ڏکيو ٿيندو، ٻه رياستي حل جي مسئلي کي نظر انداز نه ڪيو وڃي. ڇا ڪي عرب جرمن جي حمايت ڪندا؟