ملڪ اندر ڀاڄين جي گهڻائي باوجود قيمتون نه گهٽيون
ملڪ اندر هول سيل تي ڀاڄين جون قيمتون گهٽ هجڻ باوجود ريٽيلرز پاران وڌيڪ قيمتن تي ڀاڄين جو وڪرو ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته 2017 ۾ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ باوجود ڀاڄين جي قيمتن ۾ گهٽتائي رهي هئي، جنهن جو سبب هو ته مارڪيٽ ۾ ڀاڄيون وڌيڪ مقدار ۾ موجود هيون. سيپٽمبر 2017 کان ڊيزل جي قيمت 98.45 رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، جنهن سبب ڊيزل جي قيمت 21 رپيا وڌي وئي هئي. واضح رهي ته ڀاڄيون کپائيندڙ ريڙهن وارن ۾ ٻن قسمن جا ڪاروباري آهن. هڪڙا اهي جيڪي موسمي ڌنڌو ڪندڙ ماڻهو آهن جيڪي مختلف قسمن جون شيون وڪڻندا آهن مطلب اهي صرف ڀاڄيون نه کپائيندا آهن ۽ انهن جا ريٽ به ٻين ريٽيلرن کان گهٽ هوندا آهن مطلب اهي ٽماما 3 ڪلو 50 رپين ۾ کپائيندا آهن. جڏهن ته ٽماٽن جي مقرر ڪيل قيمت 20 کان 30 رپيا في ڪلو هوندي آهي. 2017 سيپٽمبر ۾ ٽماٽا 250 رپيا في ڪلو وڪامي رهيا هئا. جڏهن ته اهي هاڻي 100 رپين ۾ 5 ڪلو وڪامي رهيا آهن. واضح رهي ته جڏهن ڀاڄين جون قيمتون گهٽ ٿينديون آهن ته انهن جو روزانو جو وڪرو به گهٽ ٿي ويندو آهي ڇاڪاڻ ته ماڻهو وڌيڪ ڀاڄيون وٺي گهر ۾ اسٽور ڪندا آهن. هن وقت ڀاڄين جون ڪجهه قيمون هن ريت آهن. گوبي 20 کان 50 رپيا ڪلو، گجر 30 کان 40 رپيا ڪلو، ڀينڊيون 100 کان 120 رپيا في ڪلو وڪامجي رهيون آهن. خبرن موجب افغانستان ڏانهن ڀاڄين جي ايڪسپورٽ رڪجڻ سبب ملڪ اندر ڀاڄين جي مقدار وڌڻ ڪارڻ ڀاڄين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، پر ڀاڄين جا ريٽيلر جا واپاري انهن قيمتن کي گهٽائڻ لاءِ تيار نه آهن.

