بلاگخاصنئون

اتر يورپ جو سيارو ۽ اونهارو.

الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل

اتر يورپ جو سيارو ۽ اونهارو

الطاف شيخ

هتي اهو به لکندو هلان ته دنيا ۾ ڪي ملڪ ۽ قومون پنهنجي مذهب مطابق سج يعني Solar ڪئلينڊر کي فالو ڪن ٿيون ته ڪي چنڊ يعني Lunar ڪئلينڊر کي فالو ڪن. جيستائين گرمي ۽ سردي جي ڏينهن جون موڪلون آهن يا فصل پوکڻ لُڻَڻ جون تاريخون آهن اسان مسلمان شمسي Solar ڪئلينڊر مطابق هلون ٿا باقي مذهبي ڳالهين حج، رمضان وغيره لاءِ اسان قمري (Lunar) ڪئلينڊر کي فالو ڪريون ٿا جنهن جا سالَ ۾ 15 ڏينهن گهٽ ٿين ٿا.

 

شمسي ڪئلينڊر سان ڪرسمس ڊي جهڙيون تقريبون هر سال ساڳئي موسم ۾ اچن ٿيون، پر اها سٺي ڳالهه آهي ته رمضان وغيره قمري سال مطابق ٿئي ٿو نه ته مثال طور رمضان هر سال نومبر ۾ ٿئي ها ته اسان وٽ پاڪستان ۾ يا اڃان مٿي اتر ۾ روس، ترڪي، پولينڊ، جرمني جي رهاڪن لاءِ روزا هميشه ٿڌا ۽ ننڍا (5، 6 ڪلاڪن جا) هجن ها ۽ ڏکڻ اڌ گول جي ملڪن موزمبق، رهوڍيشيا، ارجنٽائين، آسٽريليا وغيره ۾ هميشه گرم ۽ گهڻن ڪلاڪن (15 کان 20 ڪلاڪن) وارا هجن ها.

اسان وٽ اونهاري ۽ سياري ۾ ڏينهن رات جو ڪو وڏو فرق نٿو ٿئي. مثال طور جون جولاءِ ۾ وڌ ۾ وڌ 14 ڪلاڪن جو ڏينهن ٿئي ٿو. پڙهندڙن جي idea لاءِ هتي هڪ مهيني “جون” جي 23 تاريخ تي ڪجهه اتر قطب کي ويجھو ملڪن ۾ سج اڀرڻ ۽ لهڻ جا وقت لکان ٿو:

ناروي… سج جو اڀرڻ صبح جا 4 ۽ لهڻ رات جا 11 يعني 19 ڪلاڪ سج رهي ٿو ۽ سج لهڻ کانپوءِ به ڪلاڪ ٻه روشني رهي ٿي. يعني رات واري اونداهه فقط 3 ڪلاڪَ مس ٿئي ٿي.

الاسڪا (آمريڪا) ۾ ساڍي چئين وڳي صبح جو سج اڀري ٿو ۽ 12 وڳي اڌ رات جو لهي ٿو. يعني سج لهڻ کانپوءِ رهندڙ روشني کي ملائي تقريباً 21 ڪلاڪ ڏينهن رهي ٿو باقي 3 ڪلاڪ کن رات واري اونداهه.

آئيس لينڊ ٻيٽ اڃا گهڻو اتر ۾ آهي. اتي اونهاري ۾ يعني هن جون جي مهيني ۾ سج صبح جو 3 وڳي اڀري ٿو ۽ 21 ڪلاڪن بعد 12 وڳي آڌي رات جو لهي ٿو جنهن بعد ڪلاڪ ٻه روشني رهي ٿي يعني هتي 23 ڪلاڪ کن ڏينهن لڳو پيو آهي باقي ڪلاڪ کن اونداهه مس آهي.

اهڙن ملڪن ۾، جيئن آئون پڙهائي دوران سوئيڊن ۾ رهندو هئس يا نوڪري دوران ناروي ۽ فنئلنڊ جهاز وٺي ويندو هئس، ماڻهو اسان وانگر اونداهه ٿيڻ تي نه سمهن نه سج اڀرڻ تي اٿن. هو گهڙيال جي سُين مطابق سمهن ۽ اٿن… ناروي، ڊئنمارڪ، سوئيڊن، فنلئنـڊ پاسي توهان کي گهرن جي درين تي ٻه ٻه پڙدا نظر ايندا. هڪڙا سنهڙا سونهن لاءِ ٻيا انهن جي پٺيان ٿلها تکي رنگ جا. اونهاري ۾ ڏهين وڳي رات جو پڙدا ڏئي ڪمري ۾ اونداهه ڪري سمهڻو پوندو آهي ڇو جو ٻاهر سج چمڪندو رهي ٿو. بنا پڙدن جي رات وارا ڇهه اٺ ڪلاڪ سمهڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي جو ان دوران سج آڌي رات جو ٻارهين وڳي ڌاري لهي وري ٽن ڪلاڪن بعد اڀريو وڃي ٿو.

مون کي سوئيڊن ۾ رهڻ جي پهرين رات ٿي ياد اچي. مئي يا جون جو مهينو هو يعني ڏينهن وڏا هئا ۽ راتيون مختصر. مون وٽ ان رات نه واچ هئي نه گهڙيال. سمهڻ مهل مون کي اهو ڌيان ۾ نه آيو ته دريءَ جا پڙدا ڏئي سمهڻ کپي. ڪراچيءَ کان سفر ڪري پهتو هئس ۽ سخت ٿڪل هئس. سو ڏهين وڳي ڌاري سج جي روشني ۾ ئي گهاٽي ننڊ اچي وئي. ڪجهه ڪلاڪن بعد اک کلي ته مون واري پاسي کان سج مٿي چڙهي آيو هو ۽ سڄو ڪمرو اس ٿي ويو هو. ان وقت جيتوڻيڪ اڃا صبح جا پنج ٿيا هئا، پر واچ نه هجڻ ڪري مون کي ائين لڳو ڄڻ منجھند جا ڏهه يارهن ٿي ويا هجن. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته اڄ پهرين ڏينهن ئي مون کان يونيورسٽي جا ڪلاس مِس ٿي ويا.

پر جڏهن دريءَ کان ٻاهر نگاهه ڪيم ته اهو ڏسي وائڙو ٿي ويس ته نه روڊ تي اها ڏينهن واري ٽرئفڪ هئي ۽ نه دڪان کليل نظر آيا. دڪانن اڳيان ٻه رول ڪتا ۽ پارڪ جي بينچ تي هڪ ٻلي گهاٽي ننڊ ۾ ستي پئي هئي. مون کي طلسماتي ڪهاڻين جي رات ياد آئي جنهن ۾ جادوگر سڄي شهر کي بيهوش ڪري ويو هجي. ٻاهر نڪري ورانڊي ۾ لڳل گهڙيال کي ڏٺم ته ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي ته سج ته ڪو ٽين يا چئين بجي اڀري ويو آهي، پر ڪانٽا ڇهه جو وقت پيا ڏيکارين. يعني اڃان نيرن ۾ به ڪلاڪ آهي ۽ يونيورسٽي وڃڻ ۾ ته ٻه ڪلاڪ آهن.

هنن اترانهن ملڪن جي اونهاري ۾ اهو فرق آهي ته جتي اسان وٽ اونهاري ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي اتي هنن ملڪن جو اونهارو بيحد ٿڌو ۽ فرحت بخش رهي ٿو. بلڪه اونهاري ۾ ئي هن پاسي بهار ۽ زندگي نظر اچي ٿي. سياري جي ٿڌ ۾ ٺوڙها ٿي ويل وڻ هڪ دفعو وري چهچ ساون پنن سان ڀرجيو وڃن…. پارڪ گلن سان ڀرجيو وڃن… ڏکڻ ڏي يعني آفريڪا، آسٽريليا، ويندي سنڌ، ڪڇ، گجرات ڏي لڏي ويل ڪونجون، هنج، آڙيون، تلور، نيرڳ، لنج، چيڪلا وغيره موٽي اچن ٿا… چوڌاري ماڻهو گهمندي ۽ ڳالهائيندي نظر اچن ٿا… هن پاسن جو سيارو اداسي ۽ مايوسي وارو ٿئي ٿو. سخت سيءَ ڪري هرڪو گهر ۾ قيد ٿيو وڃي چوڌاري برف باري ۽ اونداهه جو ڏيک رهي ٿو. سياري جي موسم ۾ عورتون ته تمام گهڻيون پر مرد به ڊپريشن جو شڪار رهن ٿا. خودڪشين جو انگ به سياري ۾ گهڻو رهي ٿو.

هنن ملڪن جي اسان لاءِ هڪ ٻي حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها آهي ته هن پاسي اونهاري ۾ به ايتري ٿڌ ۽ ٿڌيون هوائون لڳن ٿيون جو پنکي جي ضرورت ئي نٿي پوي. هن پاسي جي ملڪن ۾ توهان کي نه ٽيبل فئن نظر ايندو ۽ نه ڇت وارو پنکو. بسين جون دريون هميشه لاءِ بند رهن. سوئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ پاسي جي ڪيترن ماڻهن پنهنجي سڄي زندگي فئن ڏٺو ئي ڪونهي جيئن ملائيشيا جي ڪيترن ماڻهن ڪڏهن هڪ دفعو به سوئيٽر يا ڪوٽ پاتو ناهي جو ملائيشيا ۽ اونڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾، جيڪي خط استوا وٽ آهن، ڪڏهن سيءُ ٿئي ئي ڪونه. ٻارهوئي موسم گرم رهي. رکي رکي مينهن پوي جنهن ڪري گرمي ڪجهه گهٽ ٿئي.