ٻن ٽنگن تي گهمندڙ روبوٽ تيار
آمريڪا جي روبوٽ ٺاهيندڙ ڪمپني باسٽن ڊائنامڪس اهڙي قسم جي روبوٽن تي گهڻي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي انسان جي شڪل نما هجن، مطلب انهن جون ٻه ٽنگون ٻه ٻانهون، سينو ۽ مٿو هجي، پر اهڙو روبوٽ ٺاهڻ ۾ هميشه سائنسدانن کي مشڪل ٿيندي رهندي آهي. هن وقت هڪ ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ روبوٽ بغير ڪنهن سهاري جي هلي سگهي ٿو، هن روبوٽ جو نالو ايٽلس آهي، هن کان پهرين وارو ماڊل هڪ رسي جي سهاري سان بيلنس ڪري سگهندو هو. ايٽلس روبوٽ ۾ ايتري بهتري ڏيکاري وئي آهي جيڪو گهمڻ کان علاوه ننڍا ننڍا ٽپا به ڏيئي سگهي ٿو، هن روبوٽ جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سڄي دنيا جي روبوٽڪ ماهرن باسٽن ڊائنا مڪس کي ساراهيو آهي. ياد رهي ته روبوٽ ٺاهڻ جا ماهر وڏي عرصي کان اهڙو روبوٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن، پر ان ۾ ڪابه خاطر خواهه ڪاميابي ناهي ملي سگهي. ماهر چوندا رهيا آهن ته اهي اهڙا روبوٽ ٺاهڻ چاهين ٿا جيڪي انسان وانگر جسم رکندڙ هجن ۽ انهن کي مختلف ڪم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي، جهڙوڪ صفائي، وزن ڍوئڻ، هوٽل ۾ بيري جو ڪم ڪرڻ.