اهو ماڻهو جيڪو شين کي صحيح نٿي ڏسي سگهيو ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار: فضا قريشي
هڪڙي ڀيري ماهر نفسيات گيري ڪلين مون کي هڪڙي اهڙي عورت جي ڪهاڻي ٻڌائي جيڪا هڪڙي فيملي گڏجاڻي ۾ ويئي. ان سالن جا سال پيراميڊڪ جي طور تي ڪم ڪيو هو ۽ جڏهن هوءَ ان پرگرام ۾ پهتي ۽ پنهنجي سهري تي هڪڙي نظر وڌائين ته کيس شديد تشويش ٿي.
“بابا اوهان مون کي ٺيڪ نظر ڪونه پيا اچو،” هن چيو. سندس سهرو جيڪو ان وقت بلڪل چاڪ و چوبند هو، ان مذاق ۾ چيو، “ها، نظر ته مون کي تون به ٺيڪ ڪانه پئي اچين.”
هن زور ڀريندي چيو، “نه بابا، اوهان کي ترت اسپتال وڃڻ جي ضرورت آهي.”
ڪجھ ڪلاڪن کانپوءِ ئي اهو ماڻهو زندگي بچائيندڙ سرجري مان گذري رهيو هو. ڇاڪاڻ جو جڏهن ان جي چڪاس ٿي ته اهو انڪشاف ٿيو ته سندس دل جي هڪڙي وڏي شريان بند آهي، جنهن ڪري کيس ڪيڏي مهل به دل جو دورو پئجي سگھي ٿو. جيڪڏهن ان جي ننهن نشاندهي نه ڪري ها ته هو مري چڪو هجي ها.
پيرا ميڊڪ ڇا ڏٺو؟ هن متوقع دل جي دوري جي اڳ ڪٿي ڪيئن ڪئي؟
جڏهن وڏيون شريانون بند ٿي وينديون آهن ته جسم رت کي نازڪ عضون ڏانهن ۽ چمڙي جي سطح جي ڀرسان پردي واري هنڌن کان پري ڪري ڇڏيندو آهي. نتيجتن منهن ۾ رت جي ورڇ جي شڪل تبديل ٿي ويندي آهي. ڪيترن سالن کان دل جي عارضي ۾ مبتلا ماڻهن سان ڪم ڪرڻ کانپوءِ، ان عورت اڻ لکي نموني اها صلاحيت حاصل ڪري ورتي هئي ته نظر ايندڙ نشانين کي ڪيئن پڙهجي. جيتوڻيڪ هوءَ اهو ٻڌائي نٿي سگھي ته سندس سهري کي ڇا ٿيو آهي، پر کيس اهو اندازو هو ته ڪجھ گڙ ٻڙ ضرور آهي.
ٻين کيترن ۾ به اهڙيون ڪهاڻيون موجود آهن. مثال طور: فوجي تجزيه نگار اهو اندازو لڳائي سگهن ٿا ته ريڊار اسڪرين تي ڪهڙو ٽمڪندڙ نشان دشمن ميزائل آهي ۽ ڪهڙو هنن جو پنهنجو جهاز آهي، جيتوڻيڪ اهي ساڳي رفتار تي سفر ڪري رهيا هوندا آهن، ساڳي بلندي تي پرواز ڪري رهيا هوندا آهن ۽ تقريبن هر حساب ۾ ريڊار تي هڪ جهڙو نظر ايندا آهن. خليج جي جنگ دوران ليفٽيننٽ ڪمانڊر مائيڪل رلي هڪ مڪمل ويڙهه بچائي وڌي هئي جڏهن هن هڪ ميزائل کي مارڻ جو حڪم ڏنو هو، انهيءَ حقيقت جي باوجود ته اهو ريڊار تي ويڙهاڪن جي بلڪل پنهنجي جهازن جهڙو هو. هن صحيح نشاندهي ڪئي، پر هن جا اعليٰ آفيسر به وضاحت نٿي ڪري سگهيا ته هن اهو ڪيئن ڪيو.
ميوزيم جا منتظمين آرٽ جي هڪ مستند اصلي ٽڪري ۽ ماهراڻي طور ٺاهيل جعلي ٽڪري جي وچ ۾ فرق ٻڌائڻ لاءِ مشهور هوندا آهن. جڏهن ته اهي توهان کي انهن جا تفصيل صحيح طور تي ٻڌائي نه سگهندا. تجربيڪار ريڊيا لوجسٽ دماغي اسڪين تي نظر وجهندي ئي انهي جاءِ جي اڳڪٿي ڪري سگھن ٿا جتي هڪ اسٽروڪ يا جهٽڪو اڀري سگھي ٿو، حالانڪه اتي ڪوبه واضح نشان ان تربيت ٿيل اکين اڳيان نه هوندو آهي. مون ان وارن ٺاهڻ واري حجم جو به ٻڌو آهي جيڪو ڪنهن گراهڪ عورت جي حمل جي تصديق صرف ان جي وارن کي ڇهڻ سان ڪندو آهي.
انساني دماغ هڪ پيشنگوئي مشين آهي. اهو مسلسل توهان جي ماحول جو تجزيو ڪري ٿو ۽ سموري معلومات گڏ ڪري ٿو.
جڏهن به توهان ڪا شيءِ بار بار محسوس ڪيو ٿا، هڪڙي پيرا ميڊڪ جيان جيڪو دل جي مريض جو چهرو ڏسي ٻڌائي يا فوجي تجزيو ڪندڙ جيان ريڊار اسڪرين تي هڪ ميزائل ڏسڻ سان نشاندهي ڪري، توهان جو دماغ به اهو محسوس ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته ڇا ضروري آهي. تفصيلن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ۽ لاڳاپيل اشارن کي اجاگر ڪري، ان معلومات کي مستقبل جي استعمال لاءِ ترتيب ڏئي ٿو.
ڪافي مشق سان، توهان اشارن تي هلڻ سکي وٺو ٿا جيڪي شعوري ڪوشش کان بغير مخصوص نتيجن جي پيشڪش ڪن ٿا. خودڪار نموني توهان جو دماغ تجربن مان سکيل سبق ياد ڪري ٿو. اسان جيڪو سکي رهيا آهيون، هميشه ان جي وضاحت نٿا ڪري سگھون، پر سکڻ جو عمل مسلسل جاري رهي ٿو. هر صورتحال ۾ لاڳاپيل اشارن کي محسوس ڪرڻ جي قابليت توهان جي هر عادت جو بنياد آهي.
اسان پنهنجي دماغ ۽ جسم جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيتن کي ڪمتر ڪري ڄاڻون ٿا. ڇا توهان پنهنجي وارن کي ڪڏهن وڌڻ لاءِ چيو آهي يا وري توهان جي دل کي پمپ ڪرڻ لاءِ يا پيٽ کي هاضمي لاءِ. توهان جو جسم آٽو پائلٽ تي اهو سڀ ڪجهه ڪري ٿو. اها ڳالھ سمجهو ته توهان پنهنجي شعوري نفس کان گهڻو مٿي آهيو.
ٿورو بُک تي غور ڪريو. توهان کي ڪيئن خبر پئي ٿي ته توهان بکيا آهيو؟ اهو هرگز ضروري ناهي ته توھان ميز تي ڪا کاڌي جي شيءِ ڏسو ۽ پوءِ اوهان کي اھو احساس ٿئي ته اھو کائڻ جو وقت آھي. بک غير شعوري انداز سان ڪم ڪندي آهي. توهان جي جسم تي مختلف قسم جون جوابي لوپس يا ڳنڍڻيون آهن جيڪي توهان کي بار بار اهو ياد ڏيارينديون آهن ته هاڻي ٻيهر کائڻ جو وقت آهي ۽ اهي ڳنڍڻيون اوهان جي آسپاس توڙي اوهان جي اندر ڇا ٿي رهيو آهي ان تي نظر رکنديون آهن. توهان جي جسم ۾ گردش ڪندڙ هارمون، رطوبتون ۽ ڪيميائي جزن جي مهرباني جيڪي اها سگهه ۽ خواهش پيدا ڪن ٿا. اوچتو توھان کي بک لڳي ٿي، جڏهن ته اوهان کي اهو اندازو ئي ڪونهي ته ڪهڙي شيءِ اوهان جي بک کي وڌايو.
اها اسان جي عادتن جي باري ۾ سڀ کان حيران ڪندڙ بصيرت آهي: توهان کي شروع ڪرڻ لاءِ هڪ عادت جي اشارن کان واقف هئڻ جي ضرورت ناهي. توهان انهن اشارن تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ ان کي محسوس ڪري سگهو ٿا. اھوئي پهلو آھي جيڪو عادت کي مفيد بڻائي ٿو.
اها ئي ڳالھ انهن کي خطرناڪ پڻ بڻائي ٿي. جيئن جيئن عادتون جڙن ٿيون، توهان جو عمل توهان جي پاڻمرادو ۽ لاشعوري ذهن جي هدايت هيٺ اچي ٿو. توهان غير محسوساتي طور تي پراڻي پيچري تي هلو ٿا. جيستائين ڪوبه ان جي نشاندهي نه ڪندو، توهان شايد محسوس ڪونه ڪندا ته توهان کلڻ وقت پنهنجو هٿ وات تي ڏيو ٿا يا سوال پڇڻ کان پهريان توهان معافي وٺو ٿا يا توهان کي ٻين جي جملن کي پوري ڪرڻ جي عادت آهي ۽ جيئن جيئن توهان ان کي ورجائيندو، توهان پنهنجو پاڻ کان اهو سوال گھٽ ڪندو ته توهان ڇا پيا ڪريو ۽ ڇو پيا ڪريو.
مون هڪ دفعو هڪ پساري جي دڪان جي ڪلارڪ جي باري ۾ ٻڌو جنهن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته گراهڪن جي ڪارڊ جي بيلنس استعمال ڪرڻ کانپوءِ خالي گفٽ ڪارڊن کي ڪٽي ڦٽي ڪرڻو آهي. هڪ ڏينهن ڪلارڪ هڪ قطار ۾ ڪجھ گراهڪن، جن گفٽ ڪارڊ خريد ڪيا هئا تن کي نقد رقم ڏني. جڏهن قطار ۾ ٻيو ماڻهو آيو ته ڪلارڪ غلطي سان ان جو اصل ڪارڊ سوائپ ڪيو، قينچي کنئي ۽ ان کي ٻن ٽڪرن ۾ ڪٽي ڇڏيو. اهو سڀ ڪجھ هڪ خودڪار عمل تحت ٿيو. ان ڪلارڪ اهو محسوس ئي ڪونه ڪيو ته ٿي ڇا ويو ۽ نه ئي هن حيران ۽ ششدر ٿي کيس تڪيندڙ گراهڪ کي ڏٺو.
هڪ ٻي عورت جيڪا منهنجي تحقيق دوران سامهون آئي هئي سا هڪ ٻاراڻي اسڪول جي استاد هئي جيڪا هاڻ هڪ ڪاروباري ڪمپني ۾ نوڪري ڪري رهي هئي. جيتوڻيڪ هوءَ هاڻي بالغن سان ڪم ڪري رهي هئي، پر هن جون پراڻيون عادتون باقي هيون ۽ هوءَ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين کان پڇندي هئي ته انهن باٿ روم وڃڻ کانپوءِ هٿ ڌوتا يا نه. مون هڪ ماڻهو جي ڪهاڻي به ڳولي لڌي جنهن ڪيترائي سال لائف گارڊ طور ڪم ڪندي گذاريو ۽ جڏهن هو ڪنهن به ٻار کي ڊوڙندي ڏسندو هو ته رڙ ڪري چوندو هو “ڊوڙو نه! پنڌ ڪريو.”
وقت گذرڻ سان گڏ “اشارا” جيڪي اسان جي عادتن کي اڀارين ٿا، اهي ايترا ته عام ٿي وڃن ٿا جو اهي اڻ لکي طريقي سان ڪم ڪن ٿا. رڌڻي ۾ ڪچهريون، صوفي جي ڀرسان رموٽ ڪنٽرول ڇڏڻ، اسان جي کيسي ۾ فون. انهن اشارن ڏانهن اسان جو رد عمل ايترو ته اسان جي اندر گہر ڪري چڪو هوندو آهي جو اهو اڻ محسوساتي طريقي سان عمل ۾ ايندو آهي. انهيءَ جي ڪري، اسان کي شعوري ڪوشش سان رويي جي تبديلي جو عمل شروع ڪرڻ گهرجي.
ان کان پهريان ته اسان موثر نموني نيون عادتون ٺاهي سگھون، اسان کي پنهنجن هاڻوڪين عادتن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. اهو جيترو ٻڌڻ ۾ سولو ٿو لڳي، ڪرڻ ۾ اوترو ئي مشڪل آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ عادت توهان جي زندگي سان جڙيل آهي، اها اڪثر غير شعوري ۽ خودڪار آهي. جيڪڏهن ڪا عادت دماغ جي اندر رهي ٿي ته توهان ان کي بهتر ڪرڻ جي توقع نٿا ڪري سگهو. جيئن ته نفسيات دان ڪارل جنگ چيو، “جيستائين توهان لاشعور کي سجاڳ نه ڪندا، اهو توهان جي زندگين تي حاوي رهندو ۽ توهان ان کي لکئي جو ليک ڪري سمجهندا.”
جاپاني ريلوي نظام کي دنيا جي بهترين ريلوي نظامن مان هڪ ڪري سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن توهان ڪڏهن ٽوڪيو ۾ ٽرين ۾ سفر ڪندئو ته مشاهدو ماڻيندئو ته هلائيندڙن کي هڪ انوکي عادت هوندي آهي.
جيئن هر هلائيندڙ ٽرين کي هلائيندو آهي ته اهي مختلف اشارن تي ڪجھ رسمن جي ادائگي ڪندا آهن ۽ ڪجھ حڪم ناما جاري ڪندي اڳتي وڌندا آهن. جڏهن ٽرين هڪ سگنل جي ويجهو پهچندي آهي ته آپريٽر هن ڏانهن اشارو ڪندي چوندو، “سگنل سائو آهي.” جيئن ٽرين هر اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر نڪرندي ته آپريٽر اسپيڊو ميٽر ڏانهن اشارو ڪندو ۽ صحيح رفتار ٻڌائيندو. جڏهن موڪل جو وقت هوندو ته آپريٽر گھڙيال ڏانهن اشارو ڪندو ۽ وقت بيان ڪندو. پليٽ فارم جي ٻاهران ٻيا ملازم به ساڳيا ڪم انجام ڏيئي رهيا هوندا آهن. هر ٽرين جي روانگي کان اڳ، اسٽاف جا ميمبر پليٽ فارم جي ڪنڊ کان اشارو ڪندا ۽ اعلان ڪندا، “سڀ ٺيڪ!” هر تفصيل جي نشاندهي ڪئي ويندي، اشارو ڪيو ويندو ۽ وڏي آواز سان پڪاريو ويندو.
اهو عمل “پوائنٽنگ ۽ ڪالنگ” يعني “اشارو ۽ پڪارڻ” سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو حفاظت جو نظام آهي جيڪو غلطين کي گهٽائڻ لاءِ ٺهيل آهي. اهو بظاهر احمقانه لڳي ٿو، پر اهو ناقابل يقين حد تائين بهترين ڪم ڪري ٿو. پوائنٽنگ ۽ ڪالنگ غلطين کي 85 سيڪڙي تائين ۽ حادثن کي 30 سيڪڙي تائين گھٽائي ٿو. نيو يارڪ سٽي ۾ ايم ٽي اي سب وي سسٽم ان جو هڪ ترميمي خاڪو اختيار ڪيو جنهن کي “فقط پوائنٽ” ڪري سڏيو وڃي ٿو ۽ “ان جي عمل جي ٻن سالن اندر، غلط ٺهيل سب وي جي ڪري ٿيندڙ خطرناڪ واقعا 57 سيڪڙو گهٽجي ويا.”
“اشارو ڪرڻ ۽ پڪارڻ” جو عمل انتهائي اثرائتو آهي ڇو ته اهو غير شعوري عادت کي، شعوري سطح تائين بلند ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ٽرين هلائيندڙن کي پنهنجون اکيون، هٿ، وات ۽ ڪن استعمال ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کي ڪنهن به مسئلي ٿيڻ کان اڳ ئي انهن کي نظر ۾ رکڻ گھرجي.
منهنجي زال به ڪجهه اهڙو ئي ڪندي آهي. جڏهن به اسين سفر لاءِ دروازي کان ٻاهر نڪرندا پيا آهيون ته هوءَ زباني طور تي ضروري سامان جي پنهنجي پيڪ لسٽ پڪاريندي آهي، “مون پنهنجون چاٻيون کنيون آهن، مون کي پنهنجو پرس به آهي، مون وٽ چشمو به آهي ۽ منهنجو مڙس مون سان ساڻ آهي.”
رويو جيترو خودڪار بڻجي ويندو آهي، ايترو اسان کي شعوري طور تي گهٽ ان بابت سوچڻ جي ضرورت پوندي آهي ۽ جڏهن اسان هزارين ڀيرا اڳ ۾ ئي ڪجهه ڪيو هجي ته پوءِ، اسان شين کي نظر انداز ڪرڻ شروع ڪندا آهيون. اسان فرض ڪندا آهيون ته ايندڙ وقت ڄڻ ته آخري هوندو. اسان جيڪو هميشه ڪيو آهي، ان کي ائين ئي ڪرڻ جي ايتري ته عادت ٿي ويندي آهي جو اسان پنهنجو پاڻ کان اهو پڇڻ به گوارا نه ڪندا آهيون ته ڇا اهو سڀ ڪرڻ صحيح به آهي يا نه. ڪار ڪردگي ۾ اسان جون ڪيتريون ئي ناڪاميون، گهڻو ڪري شعور جي گهٽتائي جي سبب آهن.
عادتن کي تبديل ڪرڻ ۾ اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج انهيءَ جي آگاهي آهي ته اسان اصل ۾ ڇا ڪري رهيا آهيون. اها ڳالھ اها وضاحت ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي ته خراب عادتن جا نتيجا اسان کي چهٽي سگهن ٿا. اسان کي پنهنجي ذاتي زندگي لاءِ “پوائنٽ ۽ ڪال” سسٽم جي ضرورت آهي. اها اصل ۾ عادتن جي اسڪور ڪارڊ جو اصل سبب آهي، جيڪا هڪ سادي مشق آهي ۽ توهان باآساني ڪري سگهو ٿا ته جيئن اوهان پنهنجي روين تي وڌيڪ ڌيان ڏيئي سگھو. پنهنجو شعور جاڳائڻ لاءِ، روز مره جي عادتن جي هڪ فهرست ٺاهيو.
هتي هڪ نمونو ڏجي ٿو جتان توهان جي لسٽ شروع ٿي سگھي ٿي:
* اٿڻ
* الارم جي گھنٽي بند ڪرڻ
* فون ڏسڻ
* باٿ روم وڃڻ
* پنهنجو وزن ڪرڻ
* وهنجڻ
* ڏندڻ ڪرڻ
* ڏندن کي ڌاڳي سان صاف ڪرڻ
* جسم تي خوشبو هڻڻ
* ٽوال کي سڪڻ لاءِ ٽنگڻ
* ڪپڙا پهرڻ
* چانهه جو ڪوپ ٺاهڻ ۽ وغيره وغيره.
هڪ دفعو جڏهن توهان وٽ هڪ مڪمل فهرست اچي وڃي ته ان کانپوءِ هر لکيل رويي کي ڏسو ۽ پنهنجو پاڻ کان پڇو، “ڇا اها سٺي عادت، خراب عادت يا غير جانبدار عادت” آهي. جيڪڏهن اها سٺي عادت آهي، انهيءَ جي اڳيان “+” لکو. جيڪڏهن اها خراب عادت آهي، لکو “-” لکو جيڪڏهن اها غير جانبدار عادت آهي “=”
مثال طور: مٿي ڏنل فهرست هن طرح ٿي سگھي ٿي:
* اٿڻ =
* الارم جي گھنٽي بند ڪرڻ =
* فون ڏسڻ –
* باٿ روم وڃڻ =
* پنهنجو وزن ڪرڻ +
* شاور وٺڻ +
* ڏندڻ ڪرڻ +
* ڏند صاف ڪرڻ +
* جسم تي خوشبو هڻڻ +
* سڪڻ لاءِ ٽوال کي ٽنگڻ +
* ڪپڙا پهرڻ =
* چانهه جو ڪوپ ٺاهڻ +
جيڪي نشان توهان هڪ خاص عادت کي ڏيندا، ان جو دارو مدار توهان جي صورتحال ۽ توهان جي مقصدن تي هوندو. ڪنهن ماڻهو لاءِ جيڪو وزن گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هر صبح صبح مڱن جي مکڻ سان گڏ ماني کائڻ خراب عادت ٿي سگهي ٿي پر جيڪو ماڻهو ڪمزور آهي، جنهن کي وزن وڌائڻو آهي، ساڳيو ئي ڪم شايد ان لاءِ سٺي عادت هجي. اهو سڀ اوهان جي حالتن تي منحصر آهي.
پنهنجي عادتن جو اسڪور نوٽ ڪرڻ هڪ ٻئي سبب جي ڪري به وڌيڪ پيچيده ٿي پوندو آهي. “سٺي عادت” ۽ “خراب عادت” جا ليبل ئي ٿورو غلط آهن. ڪي به عادتون سٺيون يا خراب ناهن هونديون. اهي صرف اثرائتيون عادتون هونديون آهن. ڇاڪاڻ جو اهي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اثرائتيون هونديون آهن. سڀئي عادتون ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان توهان جي خدمت ڪن ٿيون، ايتري قدر جو خراب عادتون پڻ. اهوئي سبب آهي جو توهان انهن کي ٻيهر ورجايو ٿا. اها مشق ڪرڻ لاءِ، پنھنجي عادتن جي زمره بندي ڪيو ته ڪئين ڊگھي مدت ۾ انهن جا خالص مثبت نتيجا نڪرن ٿا. خراب عادتن جا خالص منفي نتيجا آهن. سگريٽ پيئڻ سان ان وقت ذهني دٻاءُ گهٽجي سگھي ٿو (۽ اها عادت ائين ئي توهان جي خدمت ڪري ٿي)، پر اهو هڪ صحتمند ڊگهي عرصي وارو رويو نه آهي.
جيڪڏهن توهان اڃا تائين هڪ خاص عادت کي طئي ڪرڻ ۾ مسئلو محسوس ڪري رهيا آهيو ته مون وٽ اوهان لاءِ هتي هڪ سوال آهي جيڪو اوهان پاڻ کان پڇندا ته اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو: “ڇا اهو رويو مون کي اهڙي ماڻهو ٿيڻ ۾ مددگار آهي جهڙو ماڻهو آئون ٿيڻ چاهيان ٿو؟ ڇا اها عادت منهنجي گھربل شناخت لاءِ منهنجي حق ۾ ووٽ ڪندي يا منهنجي خلاف؟” عادتون جيڪي توهان جي گهربل شناخت کي مضبوط ڪن ٿيون عام طور تي سٺيون هونديون آهن. عادتون جيڪي توهان جي گهربل سڃاڻپ سان ٽڪراءُ ۾ اچن اهي عام طور تي خراب هونديون آهن. جيئن توهان پنهنجي عادتن جو اسڪور ڪارڊ ٺاهڻ شروع ڪريو ته ياد رکو ته پهرين ڪنهن به شيءِ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي. مقصد فقط اهو ڏسڻ آهي ته اصل ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. بغير ڪنهن فيصلي يا ذاتي تنقيد جي پنهنجن خيالن ۽ عملن جو مشاهدو ڪيو. پنهنجي غلطين لاءِ پاڻ کي ملامت نه ڪريو، نڪي پنهنجي ڪاميابين جي پاڻ تعريف ڪريو.
جيڪڏهن توهان هر صبح هڪڙو چاڪليٽ کائيندا آهيو ته ان کي تسليم ڪريو، بلڪل ائين جيئن توهان ڪنهن ٻئي کي اهو کائيندي ڏسي رهيا آهيو. پاڻ سان پاڻ ڳالهايو “اوه، ڪيترو نه دلچسپ آهي ته اهي اهڙا ڪم ڪن پيا.” جيڪڏهن توهان ضرورت کان وڌيڪ کائو ٿا ته صرف اهو نوٽ ڪريو ته توهان کي اهو نه کائڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان آن لائين پنهنجو وقت ضايع ڪريو ٿا ته نوٽ ڪريو ته توهان پنهنجي زندگي اهڙي طريقي سان گذاري رهيا آهيو جيڪو توهان نٿا چاهيو.
خراب عادتون بدلائڻ لاءِ پهريون قدم انهن کي تلاش ڪرڻ هوندو آهي. جيڪڏهن توهان محسوس ڪيو ٿا ته توهان کي ان ڏس ۾ وڌيڪ مدد جي ضرورت آهي ته پوءِ توهان پنهنجي زندگي ۾ پوائنٽ ۽ ڪالنگ جي عمل جي مدد وٺو. بلند آواز ۾ هن عمل کي چوندا جيڪو توهان ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيو ۽ نتيجو ڇا ٿيندو. جيڪڏھن توھان پنھنجي بيجا کاڌي جي عادت ختم ڪرڻ چاھيو ٿا، پر وري ڪو ڪيڪ يا بسڪيٽ اوهان کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو ته وڏي آواز سان چئو “مان هن بسڪيٽ کي کائڻ وارو آهيان، پر مون کي ان جي ضرورت ناهي. کائڻ سان اهو وزن وڌائيندو ۽ منهنجي صحت کي نقصان ڏيندو.”
ڪنن سان جڏهن اوهان پنهنجي خراب عادتن بابت ٻڌندو ته ان جا نتيجا وڌيڪ حقيقي محسوس ڪندو. اهو اوهان جي عمل کي تقويت ڏيندو ۽ لاشعوري طرح پراڻي انداز ۾ وهي وڃڻ کان روڪيندو. اهو طريقو مفيد آهي جيتوڻيڪ توهان صرف توهان جي ڪمن ڪرڻ جي فهرست تي ان ڪم کي ياد ڪري داخل ڪندو. صرف وڏي آواز سان چئو ته “سڀاڻي، مون کي مانجهاندي کانپوءِ پوسٽ آفيس وڃڻوآهي.” ايئن چوڻ سان اوهان ذهني رنڊڪن کي هٽايو ٿا. توهان پنهنجو پاڻ کي عمل جي ضرورت کي مڃڻ لاءِ آماده ڪريو ٿا ۽ اهوئي فرق پيدا ڪري سگهي ٿو. رويو تبديل ڪرڻ جو عمل هميشه شعور سان شروع ٿئي ٿو. حڪمت عمليون جهڙوڪ: پوائنٽ ۽ ڪالنگ ۽ عادتن جو اسڪور ڪارڊ، توهان کي پنهنجي عادتن کي سڃاڻڻ ۽ انهن اشارن کي تسليم ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم وک آهن جيڪي ان کي اڀارين ٿا ۽ اهائي ڳالھ اوهان جي فائدي جي آهي.
باب جو خلاصو:
* ڪافي مشق کانپوءِ، توهان جو دماغ انهن اشارن کي جهٽي وٺندو آهي جيڪي کيس شعوري طور تي سوچڻ کانسواءِ مخصوص نتيجن طرف وٺي ويندا آهن.
* هڪ دفعو اسان جون عادتون خودڪار ٿي وڃن ته اسان انهيءَ تي شعوري طرح ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏينداسين.
* رويي تبديل ڪرڻ جو عمل هميشه شعور سان شروع ٿئي ٿو. توھان کي ان کي تبديل ڪرڻ کان پھريائين پنھنجين عادتن کان آگاھ ٿيڻ جي ضرورت آهي.
* پوائنٽ ۽ ڪالنگ يعني “اشاري ۽ پڪار” وسيلي پنھنجي عمل جي لا عملي کي پنھنجي غير شعوري عادت کان مٿي اڀاري شعوري سطح تائين بلند ڪري ڇڏيو.
* عادتن جو اسڪور ڪارڊ هڪ سادي مشق آهي، جنهن کي توهان پنهنجي عادتن ۽ روين کي سمجهڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.
…(هلندڙ)…

