بلاگنئون

ڇا دنيا ماحولياتي گدلاڻ ختم ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي ؟

دنيا وقت سان گڏ جتي ترقيءَ طرف وڃي رهي آھي اتي ماحولياتي گدلاڻ جا چئلينج کيس چوڌاري وڪوڙي رھيا آھن. وڌندڙ آباديءَ سان گڏ ان جون ضرورتون به وڌنديون وڃن پيون جن ۾ اجھو، کاڌ خوراڪ، توانائي، آمدورفت جا وسيلا، ڪپڙو لٽو، دوائون ۽ رابطن جھڙيون ضرورتون اچي وڃن ٿيون. ھر شعبي ۾ انسان بھتر کان بھتر جي ڳولا ۾ رڌل آهي. ھن ڳولا ۾ انسان اھڙيون شيون ايجاد ڪيون جن تي کيس فخر ھو، پر کيس اھو وھم و گمان ۾  به نه ھو ته اھي ايجادون وقت گذرڻ سان انهن لاءِ ڏکيون ثابت ٿينديون. ھنن ايجادن ۾ معدني ٻارڻ ذريعي ھلندڙ صنعت ۽ پلاسٽڪ سر فهرست آهن. ھن وقت دنيا ۾ ماحولياتي گدلاڻ جون وڌ ۾ وڌ ذميوار اھي ايجادون آھن. گڏيل قومن واري اداري کي جڏھن اھو محسوس ٿيو ته وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ ھن ڌرتي ۽ ان تي رھندڙ ساهه وارن جي لاءِ ڏينھون ڏينھن مشڪلات ۾ اضافو ڪندي ته انھن 1972 ۾ “گڏيل قومن جو ماحولياتي پروگرام” نالي اداري جو بنياد وڌو جنھن جو ڪم دنيا ۾ ماحولياتي گدلاڻ جي حوالي سان بين الاقوامي قانون سازي ڪرڻ ۽ ان متعلق آگاھي پيدا ڪرڻ ھو. ھن اداري وقتاً فوقتاً ڪانفرنسون منعقد ڪيون ۽ مختلف ماحولياتي مسئلن تي عوامي جاڳرتا لاءِ ڏينھن ملھائڻ شروع ڪيا. بظاهر اھو دنيا لاءِ ھڪ سٺو ۽ اھم قدم ھو. مختلف ملڪن ۾ مقامي سطح تي ماحولياتي گدلاڻ روڪڻ متعلق قانون سازي ڪرڻ لاءِ ادارا پڻ جوڙيا ويا. پردنيا ۾ روزمره ٿيندڙ واقعن مان محسوس ٿئي ٿو ته گڏيل قومن جي ڪيل قانون سازيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار نه آھي. وسيلن تي قبضي ڪرڻ لاءِ وڌندڙ جنگي جنون جي نتيجي ۾ ھزارين ٽن بارود جو استعمال، جھازن ۽ جنگي سامان جي ترسيل لاءِ استعمال ٿيندڙ ٽرانسپورٽ ۾ لکين گيلن سڙندڙ تيل ڇا ماحول دوست چئي سگھجي ٿو؟ ڇا گڏيل قومن وٽ ھن سوال جو ڪو جواب آھي؟ افسوسناڪ خبر اھا آھي ته 5 کان 14 آگسٽ 2025 تي گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام طرفان پلاسٽڪ جي گدلاڻ روڪڻ لاءِ معاهدي جي سلسلي ۾ جنيوا ۾ بين الحڪومتي ڳالھين واري ڪميٽيءَ جون گڏجاڻيون ٿيون. اھو ھن سلسلي جو ڳالھين جو پنجون دور ھو. جنھن ۾ 2600 کان وڌيڪ مندوب موجود ھئا جن ۾ 183 ملڪن جا 1400 نمائندا، 400 کان وڌيڪ تنظيمن جا 1000 کان مٿي مبصر شامل ھئا. انھن کان علاوه 70 کن وزيرن ۽ نائب وزيرن ۽ 30 اعليٰ عھديدارن ھنن گڏجاڻين ۾  ٿيندڙ ڳالھين تي غير رسمي گول ميز ميٽنگون پڻ ڪيون.

گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل ھڪ پريس رليز مطابق “ھنن 10 ڏينھن وارين ڳالھين دوران مندوب، جيو پوليٽيڪل پيچيدگين، معاشي چئلينجن ۽ گهڻ طرفي ڇڪتاڻ جي پس منظر ۾ سخت جدوجهد جو شڪار رهيا”. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انگر اينڊرسن چيو ته “جيئن ته اسان معاهدي جي متن تي عمل نه ڪيو، جنهن جي اسان اميد ڪئي هئي، اسان گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام ۾ پلاسٽڪ جي گدلاڻ جي خلاف ڪم جاري رکنداسين. گدلاڻ جيڪا اسان جي زميني پاڻي ۾، اسان جي مٽي ۾، اسان جي دريائن ۾، اسان جي سمنڊن ۾ ۽ اسان جي جسمن ۾ آهي”. ڪانفرنس جي چيئرپرسن لوئس وائيس والڊيويسو ھن موقعي تي چيو ته “اسان جي مقرر ڪيل مقصد تائين پهچڻ ۾ ناڪامي، شايد اداسي ۽ مايوسيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، پر ان کي مايوسيءَ جو سبب نه بڻجڻ گهرجي. ان جي جاءِ تي اسان کي پنهنجي توانائي ٻيهر حاصل ڪرڻ، پنهنجين وابستگين جي تجديد ڪرڻ ۽ پنهنجين اميدن کي متحد ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. مون کي ڪو شڪ ناهي ته اهو ڏينهن ايندو جڏهن بين الاقوامي برادري پنهنجي مقصد کي متحد ڪندي ۽ اسان جي ماحول جي حفاظت ۽ اسان جي ماڻهن جي صحت جي حفاظت لاءِ هٿ ملائيندي”. ائين اھا ڪانفرس بنا ڪنھن معاهدي جي، پنھنجي پڄاڻيءَ تي پهتي.