اپوزيشن جي وڏن ۾ اهم ملاقات، بي اعتمادي آڻڻ جي تاريخ طئي
اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان گڏ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري ملڪي سياسي صورتحال ۽ بي اعتمادي رٿ بابت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ يوسف رضا گيلاني، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، شاهد خاقان عباسي، سيد خورشيد شاهه، سيد نويد قمر، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله خان ۽ ٻيا اهم اڳواڻ موجود هئا. ذريعن موجب اپوزيشن جي ٽن وڏن عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪرڻ جي تاريخ پاڻ ۾ طئي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو جلد اعلان ڪيو ويندو. ن ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله زرداري هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 100 سيڪڙو يقين آهي ته بي اعتمادي ڪامياب ٿيندي، اسان هن مصيبت مان جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين، جيڪو فيصلو ٿيو، ان بابت اڳواڻ آگاهه ڪندا. جي يو آءِ اڳواڻ اڪرم دراني چيو ته سڀ اطمينان رکن، سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن تائين سڀ خبر پئجي ويندي.

