بلاول جي نواز شريف سان ملاقات، سياسي معاملن تي گڏجي هلڻ جو عزم
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بلاول ڀٽو اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ اسٽين هوپ هائوس ۾ واقع نواز شريف جي پٽ جي آفيس پهتو. بلاول ڀٽو زرداري نواز شريف کي بي اعتمادي رٿ سميت وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڪاميابي تي مبارڪ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سياسي معاملن ۾ اتفاق راءِ سان گڏ هلڻ جو عزم ڪيو ويو. پ پ چيئرمين سان شيري رحمان، نويد قمر ۽ قمر زمان قائرا به گڏ هئا. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته نواز شريف سان ملاقات ضروري آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر اسان پاڪستان ۾ جمهوريت کي بحالي طرف وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. بلاول جو چوڻ هو ته نواز شريف جو جمهوريت جي بحالي ۾ ڪردار ۽ قرباني سڀني اڳيان آهي، ان نيت سان آيو آهيان ته انهن چئلينجز جو مقابلو تڏهن ڪري سگھون ٿا، جڏهن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهون. بلاول پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ کان اڳ نواز شريف سان ملاقات ڪري سياسي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ياد رهي ته بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزيرن جي حلف برادري تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي پر حلف نه کنيو. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته پيپلز پارٽي صدر، سينيٽ چيئرمين ۽ گورنر پنجاب جو عهدو وٺڻ چاهي ٿي.

