بلاول جيڪو ايٽم بم حڪومت تي هلائڻ چاهيو ٿي اهو فضل الرحمان تي هلائي ڇڏيو: فردوس عاشق
پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي جيڪو ايٽم بم حڪومت تي هلائڻو هو اهو هن مولانا فضل الرحمان تي هلائي ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ پي ڊي ايم تي تنقيد ڪندي چيو ته مولانا فضل الرحمان اقتدار کان پري رهڻ جو ڏک ختم ڪرڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري رهيو آهي ۽ جعلي راجڪماري مولانا جي ڪلهي تي مٿو رکي سسڪيون ڀري رهي آهي. فردوس عاشق اعواڻ ڳالهين دوران سنڌ حڪومت مٿان به سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته سنڌ ۾ هڪ ماڻهو جي حڪومت آهي جيڪو آمراڻا فيصلا ڪندو آهي. هي وفاقي حڪومت جا پروفيسر بڻجي ليڪچر ڏيندا آهن. سنڌ ۾ ڪهڙا طاقتور ڪوئا آهن جيڪي 40 ارب رپين جي ڪڻڪ کائي ويا. فردوس عاشق وڌيڪ چيو ته حليم عادل شيخ جي گرفتاري سان سنڌ حڪومت جو ڪردار بي نقاب ٿي ويو. حليم عادل بهادري سان پريشانيون برداشت ڪري رهيو آهي. پي ڊي ايم پهريان پنهنجي زنده هجڻ جو اعلان ڪري پوءِ حڪومت جي قرباني جي ڳالهه ڪري. هن چيو ته سنڌ حڪومت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهي رهي آهي. حليم عادل شيخ بهادري ۽ جرئت سان پريشانيون برداشت ڪري رهيو آهي. سنڌ ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جو قلعو بڻجندو.

