بلاگخاص

بنارس جا اشنان ۽ شمسان گھاٽ(حصو ٻيون)

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

(حصو ٻيون)

بنارس جا اشنان ۽ شمسان گھاٽ

الطاف شيخ

انسان جي مرڻ بعد مسلمان، عيسائي ۽ ڪجهه ٻين ڌرمن ۽ قومن جا ماڻهو، لاش کي زمين اندر دفن ڪن ٿا. پارسي (آتش پرست) مڙدي کي ڪنهن مٿانهين جاءِ تي رکن ٿا جيئن ان کي سرڻيون، ڳجھون ۽ ڪانگ ڪٻرون کائي وڃن. هندو، ٻڌ، سک، جين ڌرم جا ماڻهو گهڻو ڪري مردي کي ساڙين ٿا ۽ اها جاءِ جِتي مردو ساڙيو وڃي شمشان گهاٽ، شمشان ڀومي يا سنڌي ۾ مساڻ سڏجي ٿو اهو هنڌ گهڻو ڪري ڪنهن درياهه، کوهه يا آبي جاءِ وٽ ٿئي ٿو. سنڌي اديب وليرام ولڀ ۽ مٺي جي جھُوني وڪيل وشنداس ٻڌايو ته ننگر پارڪر جبلن جي وچ ۾ هڪ قدرتي پاڻي جو چشمو آهي اها جاءِ ساڙدرو سڏجي ٿي اتي پڻ اگني سنسڪار (باهه ۾ ساڙڻ) جي رسم ادا ڪئي وڃي ٿي. ڪجهه مٿانهين پليٽ فارم تي مردي کي رکي چوڌاري ڪاٺيون رکيون وڃن ٿيون۽ پوءِ تيل يا گيهه هاري مري ويل جو اهم وارث، خاص ڪري وڏو پٽ ان کي باهه ڏئي ٿو. جيئن شاديءَ وقت باهه جي چوڌاري گهوٽ ڪنوار جي ست ڦيرا ڪرڻ واري رسم تي وڌيڪَ لکڻ اجايو آهي جو منهنجا پڙهندڙ هندو ان کان واقف آهن ۽ هندي فلمن ۾ اهي نظارا عام ڏيکاريا وڃن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جا مسلمان ڀائر جيتريون انڊين فلمون ڏسن ٿا اوتريون بالي ٻيٽ جا به نه ڏسندا هوندا. ياد رهي ته انڊيا بعد بالي (انڊونيشيا) اهو ملڪ آهي جنهن ۾ گهڻا هندو رهن ٿا. اسان وٽ ته رمضان ۽ محرم جي مهيني ۾ حڪومت طرفان راڳ گانن جي بندش ڪئي ويندي آهي ته به اسان جا ماڻهو انڊين چئنلن تان يا سي ڊين ذريعي هندي فلمون ڏسندا آهن… بلڪه ٻي ڪا وندر نه هجڻ ڪري، وقت پاس ڪرڻ لاءِ گهڻي کان گهڻيون هندي فلمون ڏسن ٿا. شايد اسان جي ان ڪلچر کي ڌيان ۾ رکي ڪنهن چرچو ٻڌايو ته هڪ مسلمان ٻار پنهنجي ڏاڏي جي مرڻ تي پڇيو ته هن جي انتم سنسڪار ڪڏهن ٿيندي يعني هن کي چکيا ته ڪڏهن چاڙهيو ويندو.

هونئن اڄ ڪلهه ڪاٺين ذريعي باهه ٻاري ساڙڻ بدران مردي کي اليڪٽرڪ  چئمبر ۾ پڻ ساڙيو وڃي ٿو، خاص ڪري انگلينڊ، يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ جِتي هندو ۽ سک گهڻا رهن ٿا. مري ويل ماڻهوءَ کي ڦيٿن واري بانس جي فريم تي رکي ان کي اليڪٽرڪ چئمبر ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. ان بعد مردي کي اندرين حصي ۾ صحيح طرح set ڪري فريم کي ٻاهر گهرڪايو وڃي ٿو ۽ دروازي کي بند ڪري آپريٽر چئمبر جو سوئچ آن ڪري ٿو. انساني جسم کي مڪمل طرح ساڙڻ لاءِ 500 ڊگريون سيلسيس رکيو وڃي ٿو. اٽڪل هڪ ڪلاڪ اندر مردو سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿو. مٿان لڳل چمني مان ڪارو دونهون نڪرندو نظر اچي ٿو ان بعد راک وارثن حوالي ڪئي وڃي ٿي. جيڪي اها خاڪ ڪنهن ندي، چشمي يا کوهه ۾ ڦٽي ڪن  ٿا.

هندو، سک، ننڍي کنڊ جي ٻڌن ۽ جين ڌرم جي ماڻهن جي اهائي خواهش رهي ٿي ته هن جي مري وڃڻ تي سندس سڙيل جسم کي پاڻيءَ ۾ وڌو وڃي. ويندي نهرو وصيت ڪري ويو هو ته سندس خاڪ گنگا ۽ جمنا (يمنا) ندين حوالي ڪئي وڃي. سنڌ مان لڏي ويل ڪيترن سنڌي هندن جي خاڪ پاڪستان موڪلي ويندي آهي ته ان کي سنڌو ندي حوالي ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ سفر نامي ”دهلي جو درشن“ ۾ انڊين فلم ”وير زارا“ جو ذڪر ڪيو اٿم جنهن ۾ هڪ پاڪستاني ڇوڪري زارا حيات خان (فلم ائڪٽريس پريٽي زنتا) اڪيلي لاهور کان انڊيا جي سفر تي روانو ٿئي ٿي. هن سان گڏ سندس مري ويل سکڻي آيا بيبي (فلم ائڪٽريس ظهرا سهگل) جي جسم جي خاڪ آهي. مري وڃڻ کان اڳ هن زارا کان واعدو ورتو هو ته هوءَ سندس خاڪ کي انڊيا وڃي سکن جي پوتر شهر ڪيرت پور ۾ ستلج نديءَ ۾ ڇڙڪائيندي. بهرحال زارا پنهنجي وفادار آيا جي وصيت پوري ڪرڻ لاءِ انڊيا پهچي ٿي. رستي تي ساڻس وير پرتاب سنگهه (شاهه رخ خان) ملي ٿو جيڪو هن کي پنهنجي ڳوٺ وٺي وڃي ٿو جِتي هن جي چاچي چوڌري ثمر سنگهه (اميتاڀ ڀچن) ۽ چاچيءَ سرسوتي ڪور (هيما ماليني) سان پڻ ملائي ٿو… وغيره وغيره.

مطلب اهو آهي ته سڙي وڃڻ بعد خاڪ کي پاڻيءَ حوالي ڪيو وڃي ٿو. گهڻائي ماڻهو گنگا ندي کي ترجيح ڏين ٿا، پر ڪيترا يمنا، سنڌو ندي يا ٻين ندين کي به اهميت ڏين ٿا جيئن مٿين فلم وير زارا ۾ سک آيا جي خاڪ کي ڪيرت پور آندو ويو جِتان ستلج ندي وهي ٿي. پنجاب مان جيڪي پنج نديون وهن ٿيون: جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج…. انهن مان ستلج ندي سڀ ۾ ڊگهي آهي. اها ندي تبت جي رڪشا ستال ڍنڍ مان شروع ٿي 260 ڪلو ميٽر بعد شِپڪيلا لنگهه مان گذري هندستان جي  رياست هماچل پرديس ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ پوءِ 360 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه طرف وهي انڊيا واري پنجاب جي ضلعي فيروزپور ۾ بياس ندي سان ملي ٿي. يعني بياس ندي جي پنهنجي حيثيت اتي انڊيا واري پنجاب ۾ ئي ختم ٿيو وڃي باقي ستلج ندي ٿورو اڳيان هلي 15 ڪلو ميٽرن بعد پاڪستان واري پنجاب جي قصور ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي 17 ڪلو ميٽرن بعد اُچ شريف وٽ چناب ندي (جنهن سان راوي ۽ جھلم نديون اڳهين ملي چڪيون آهن) سان ملي پنجند ندي ٺاهين ٿيون جيڪا پوءِ پاسي کان لنگهندڙ انڊس (سنڌو نديءَ ) سان مليو وڃي.

بهرحال ستلج ندي تي روپ نگر ضلعي جو هي شهر ڪيرت پور سکن جي ٽِڪاڻي پتال پوري کان مشهور آهي جِتي سک پنهنجي فوت ٿيل پيارن جي راک کڻي اچن ٿا جيئن وير زارا فلم ۾ پريٽي زنٽا سک آيا جي خاڪ کڻي اچي ٿي. هي شهر ”ڪيرت پور“ سکن جي ڇهن گرو ”گرو هرگو بند صاحب جي“ 1627ع ۾ اڏرايو ۽ زندگي جا آخري سالَ هتي ئي گذاريا. سندس پوٽو گرو هر راءِ ستون  گرو ۽ پڙ پوٽو گرو هر ڪرشن هن شهر ۾ ڄاوا ۽ کين هِتي ”گرو ۽ گدي“ ملي ۽ هي ڪيرت پور جو شهر ئي هو جِتي ڏهين گرو ”گرو گوبند سنگهه“ کي پنهنجي پٽ نائين گرو ”تيغ بهادر صاحب جي“ جي ڌڙ کان ڌار ٿيل سِسي دهليءَ کان ملي. گرو تيغ بهادر 1665 ۾ نائون گرو مقرر ٿيو هو. 1675 ۾ دهلي جي مغل شهنشاهه اورنگزيب جي حڪم تي هن جو سر ڪٽيو ويو. اورنگزيب کي اهو اچي شوق ٿيو ته سڄي هندستان کي مسلمان بنايو وڃي. ان خيال کان ڪشمير ۾ رهندڙ ڪجهه هندن جي اقليت ته مسلمان ٿي وئي، پر ڪيترن ان جي مزاحمت ڪئي. ڪجهه ماڻهن اورنگزيب کي اهائي صلاح ڏني ته ڪنهن طرح سکن جي گرو کي مسلمان بنائڻ سان ٻيا هندو به مسلمان ٿي ويندا. اورنگزيب طرفان گرو تيغ کي گرفتار ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو ويو. انهن ڏينهن ۾ هو اڄ واري خيبر پختونخواهه ۾ هو جِتان هن کي زنجيرن سان ٻڌي ٽارچر ڪيو ويو جيئن هو اسلام قبول ڪري. ان بعد ۾ هن کي لوهي پڃري ۾ رکيو ويو. ٽن مهينن تائين اهو ڪم هلندو رهيو ان بعد کيس پبلڪ جي موجودگي ۾، چاندني چوڪ وٽ، سر قلم ڪيو ويو.

ڳالهه اها آهي ته اسلام تلوار جي چهنب تي قائم نه ڪيو ويو، پر ڪي ڪي اورنگزيب جهڙا ماڻهو اڄ به آهن جيڪي ٻين کي طاقت جي زور تي سندن مرضي جي خلاف زوريءَ مسلمان بنائڻ کي وڏو ثواب جو ڪم سمجھن ٿا. اهڙن ماڻهن فقط نفرت جو ٻج پوکيو آهي جنهن جو فصل اسان پويان لُڻي رهيا آهيون.

بهرحال هِتي اسان گنگا ندي تي ٺهيل شمشان گهاٽن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جِتي مري ويلن کي ساڙي انهن جي رک کي گنگا ۾ ڇڻڪايو وڃي ٿو. ڪجهه اهڙي ئي قسم جي اهميت وارا گهاٽ نرماده ندي تي پڻ آهن. اهي نديون جيڪي انڊيا اندر ئي وهن ٿيون انهن ۾ هيءَ نرماده ندي ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي. ٻيون ٻه آهن گودواري ۽ ڪرشنا. ڪاليج جي ڏينهن ۾ جاگرافي جي پيرڊ ۾ اسان کي پڙهايو ويندو هو ته سواءِ چند درياهن جي دنيا جا باقي درياهه/نديون اتر کان ڏکڻ وهن ٿيون. اهي نديون جيڪي اوڀر کان اولهه طرف وهن ٿيون انهن مان نرماده ندي  هڪ آهي جيڪا اوڀر کان مڌيا پرديش رياست کان شروع ٿي، ممبئي واري رياست مهاراشٽرا مان لنگهي گجرات ڀاروچ شهر وٽ خليج کمڀات ۾ ڇوڙ ڪري ٿي جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ ”بي آف ڪئمبي“ سڏبو هو. نرماده ندي 1300 ڪلو ميٽر ڊگهي  آهي. ياد رهي ته سنڌو ندي 3200 ڪلو ميٽر آهي ۽ پنجاب ۾ وهندڙ پنج ندين مان وڏي ندي چناب 960 ڪلو ميٽر آهي ۽ ٻئي نمبر تي انهن پنجن ندين ۾ ڊگهي جھلم 813 ڪلو ميٽر آهي.

ننڍي کنڊ جي چوڌاري جهاز هلائيندي… يعني ڪراچي کان هندستان جو الهندو ڪنارو ڏئي هيٺ ڪنيا ڪماري وٽان ڦرندي وري مٿي ڪلڪتي پهچڻ تائين مختلف هنڌن تي ندين جا ڇوڙ (Delta) ڏسي آئيڊيا ٿئي ٿو ته اندران….. يعني خشڪي واري طرف کان ندي هِتي پهتي آهي. اسان وارو پاسو يعني انڊيا جو الهندي ڪناري وارو سمنڊ ”عربي سمنڊ“ آهي ۽ اڀرندي پاسي وارو خليج بنگال. اسان واري پاسي فقط ٽي نديون ڇوڙ ڪن ٿيون: پورٽ قاسم ۽ ٺٽي وٽان لنگهندي سنڌو ندي جو ڊيلٽا نظر اچي ٿو، ان بعد ڪاٺياواڙ وٽ نرماده ندي ڇوڙ ٿي ڪري ۽ اتي ۽ گجرات جي شهر سورت وٽ تاپتي ندي. ان بعد انڊيا جي ٻئي پاسي واري سمنڊ ۾ جن ندين جي ڊيلٽا نظر اچي ٿي اهي آهن: برهمپترا، گنگا، ميگهنا، مهاندي، گودواري، ڪرشنا ۽ ڪويري. اسان انهن ندين جي ڳالهه نٿا ڪريون جيڪي انهن وڏين ندين ۾ مليو وڃن جيئن يمنا، گومٽي، شاردا، ڪوشي، سون وغيره گنگا سان ملن ٿيون جيئن جھلم چناب پنجند ۽ ٻيون نديون مختلف هنڌن تي سنڌو ندي سان ملن ٿيون.

نرماده ندي جيڪا انگريز راڄ ۾ نربودا ندي سڏبي هئي اها هندن جي پنج پاڪ ندين مان هڪ آهي. ٻيون چار آهن: گنگا، يمنا (جمنا)، گودواري ۽ ڪَويري (Kaveri) ڪجهه سال اڳ جڏهن هڪ اوڏ دوست جي پٽ جي شادي تي بڙودا (گجرات) ويو هئس ته گجرات جي مختلف شهرن جو ڪار ذريعي سير ڪندي راج پلپلا شهر ۾ پهتاسين جتان نرماده ندي وهي اڳيان عربي سمنڊ جي خليج کمڀات ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. اتي هڪ مندر جي ٻائي ٻڌايو ته نه فقط گنگا ندي ۾ پر مٿين پنجن ئي پوتر ندين مان ڪنهن به هڪ ۾ ٽٻي ڏيڻ سان انسان جا گناهه ڌوپجيو وڃن. روايت موجب گنگا نديءَ ۾ لکين ماڻهن جي وهنجڻ ڪري اها گدلي ٿيو وڃي ۽ پوءِ اها ڪاري ڍڳيءَ جو روپ ڌاري هن نرماده نديءَ ۾ اچي وهنجي ٿي ۽ هن نديءَ جي پاڪ پاڻيءَ ۾ پاڻ کي صاف ڪري ٿي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته نرماده ندي گنگا نديءَ کان به آڳاٽي آهي جنهن جو ذڪر ٻي صدي ۾ پٽولمي پڻ ڪيو ۽ هن نديءَ کي نامادي (Namade) سڏيو آهي. رامائڻ، مها ڀارت ۽ پراڻن ۾ پڻ هن نديءَ جو بار بار ذڪر اچي ٿو…..

بهرحال هن نديءَ نرماده بابت ڪيتريون ئي روايتون ۽ مٿ آهن. بنارس يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر راج ڪرن چاولا ٻڌايو ته نرماده نديءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته شِو ديوتا هن نديءَ کي سندس اصليت ڪري بيحد پوتر سمجھيو ٿي ۽ هن کي شنڪاري يعني شنڪر ڀڳوان (شِو) جي ڌيءَ سمجھيو ٿي. تيز وهندڙ هن نديءَ جي تري ۾ گسندڙ گول پٿر شِو ديوتا جي سڃاڻپ اختيار ڪن ٿا ۽ هندي ۾ هن بيلٽ/علائقي ۾ اها چوڻي عام آهي ته ”نرماده ڪي ڪنڪر اُتي شنڪر“. هنن لنگم جهڙن پٿرن جي روز مره جي عِبادت لاءِ هندن کي ڳولا رهي ٿي. اهي پٿر بانا لنگا يا بانا شِو لنگاس سڏجن ٿا.

ممبئي يونيورسٽي جي منهنجي ميزبان پروفيسر منوهر ٻڌايو ته تامل ناڊو رياست جي شهر ٿانجاور جي بريهاديشور مندر ۾ سڀ کان وڏو بانا لنگم رکيل آهي. نرماده ندي اتر هندستان ۽ ڏکڻ هندستان جي وچ ۾ بارڊر جو ڪم پڻ ڏئي ٿي.  …(پورو ٿيو)….