بنارس، ورانسي ۽ ڪاشي هڪ ئي شهر آهي
الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل
بنارس، ورانسي ۽ ڪاشي هڪ ئي شهر آهي
الطاف شيخ
هندستان جا جيڪي ست پاڪ پوتر شهر سمجھيا وڃن ٿا انهن ۾ سڀ کان ٽاپ تي بنارس آهي. هن شهر تي هي نالو انگريزن جي 200 سال حڪومت دوران رهيو نه ته ان کان اڳ ۽ هاڻ وري هن شهر کي ورانسي سڏيو وڃي ٿو جنهن کي اسان جا سنڌي ماڻهو وراڻسي پڻ سڏين ٿا جيئن پوني کي پوڻي چون ٿا. هن شهر جو اهو نالو ورانسي شايد هن شهر مان لنگهندڙ ٻن ندين تان پيو هجي… ورونا Varuna ندي جيڪا اڃان هن شهر ورانسي مان وهندي رهي ٿي ۽ ٻي ندي اسي (Assi) آهي جيڪا هاڻ اسان جي هاڪڙو وانگر نظر نٿي اچي جيتوڻيڪ اسي گهاٽ وٽ هڪ وهندڙ نالي (Stream) لاءِ هتي جي هڪ پنڊت ٻڌايو ته هِتي جا ماڻهو ان نالي کي اسي ندي سمجھن ٿا. بهرحال اهي ٻئي ننڍيون نديون (Tributaries) آهن جيڪي گنگا نديءَ سان وڃيو ملن.

مٿي هندن جي ستن ڀلارن شهرن جو ذڪر ڪيو اٿم جيڪي “سپتا پوري” پڻ سڏجن ٿا. سنسڪرت زبان ۾ ‘پور’ يا ‘پوري’ شهر يا ٽائون کي سڏين ٿا جيئن شڪارپور، ميرپور، خيرپور وغيره ان جي اڳيان سپتا معنيٰ ست هڻڻ سان ٿيو ست شهر. اهي شهر هن ريت آهن: آيوڌيا، مٿرا، هريدوار، ورانسي (بنارس يا ڪاشي)، ڪانچيپورم، اوانتي (جيڪو هاڻ اجين ٿو سڏجي) ۽ گجرات جو شهر دوراڪا. اهي شهر تيرٿ ڌام به سڏجن ٿا. هِتي جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته تيرٿ سنسڪرت جو لفظ آهي جيڪو تري مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي “سڀني گناهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ.” اهي سيتاپوري يعني ست پاڪ شهر هندن جي لاءِ مذهبي خيال کان وڏي اهميت رکن ٿا يا جِتي سندن ديوتائن اووتار جي شڪل ۾ جنم ورتو. جيئن مثال طور ايوڌيا لاءِ چيو وڃي ٿو ته اتي رام جنم ورتو. ڪانچيپورم جيڪو اتي جي ‘ڪامڪشي امان مندر’ ڪري ڀلارو سمجھيو وڃي ٿو. اهو مندر ماتا ديوي کي منسوب ٿيل آهي… دوارڪا وري ان ڪري ڀاڳن وارو ۽ پوتر سمجھيو وڃي ٿو جو هن شهر ۾ هندن جو ڪرشن ڀڳوان 100 سالَ رَهيو…. اهڙي طرح مٿرا آهي جِتي دوارڪا وڃڻ کان اڳ ڪرشن رهيو ٿي. هردوار ۾ شِو ۽ وشنو ديوتائن جون Shrines آهن ۽ گنگا ندي جابلو علائقو ٽپي جيئن ئي ميداني پٽن ۾ داخل ٿئي ٿي ته پهرين هردوار مان لنگهي ٿي. اجين شهر جيڪو سندس آڳاٽي شهر اوانتي Avanti سان به سڏجي ٿو، ۾ ٻارهن جيوتي لنگن مان هڪ لنگم ’مهاڪليشور مندر’ ۾ آهي. جيوتي لنگس ‘شو ڀڳوان’ جي نشاني سمجھي وڃي ٿي. انهن مان هڪ سومناٿ مندر ۾ به آهي. انهن ڌرمي شين کان علاوه هي شهر ميلن ۽ گڏجاڻين کان به مشهور آهي. اجين ۽ هردوار ته ڪنڀ ميلي کان به مشهور آهي جيڪو ٻارهن مهينن ۾ هڪ دفعو ٿئي ٿو ۽ انهن ڏينهن ۾ نه فقط انڊيا کان پر ٻاهرن ملڪن کان به ڪيترائي هندو اچيو گڏ ٿين.

ملائيشيا ۾ هوندو هئس ته اتي رهندڙ انڊين، خاص ڪري اسان جا سنڌي هندو هر سال ڪنڀ ميلي ۾ شريڪ ٿيندا هئا جنهن کي هو وڏي سعادت سمجھن ٿا. بهرحال انهن مٿين ستن شهرن مان ورانسي (بنارس) اهم ۽ ڀلارو شهر سمجهيو وڃي ٿو ۽ هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو ان ۾ اعتقاد آهي ته بنارس مان لنگهندڙ گنگا ندي ۾ وهنجڻ سان سڀ گناهه ڇڻيو پون ۽ وري جنهن جو هن شهر ۾ ساهه نڪري ٿو ان کي نرواڻ مليو وڃي ۽ هو سڌو سرڳ ۾ پهچيو وڃي. ان ڪري ڪيترن هندن جي اها خواهش هوندي آهي ته ورانسي ۾ پهچڻ بعد هنن جو دم ڌڻيءَ حوالي ٿي وڃي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جو دلپسند قوي ڀڳت ڪبير، سڄي زندگي ورانسي ۾ گذارڻ بعد جڏهن مرڻ جي ويجھو ٿيو ته هي شهر ڇڏي ويو.

دراصل هندو ڌرم ۾ گنگا ندي به اهم سمجھي وڃي ٿي جنهن ۾ وهنجڻ لاءِ ماڻهو بنارس يا هردوار جهڙن شهرن ۾ پهچن ٿا جِتي ڪيترائي گهاٽ آهن جن جون ڌڪيون گنگا جي ڪناري تائين پهچائين ٿيون. هونئن ته گنگا ندي جِتان جِتان لنگهي ٿي ته اتي جو انچ انچ هندو ڌرم سان تعلق رکڻ وارن لاءِ ڀلارو ۽ ڀاڳن وارو آهي، پر ڪي ڪي هنڌ اهڙا آهن جِتي ديوتائن جو جنم ٿيو يا اتي اهم مندرن جي هجڻ ڪري اهي هنڌ هنن لاءِ هيڪاندي گهڻي اهميت رکن ٿا. جهڙوڪ: بنارس، هردوار وغيره. ۽ جيئن سنڌ جا ماڻهو ڌرتي ۽ ان تان وهندڙ ندي سنڌو کي ماءُ جو درجو ڏين ٿا تيئن هندو گنگا ندي کي ماتا پڻ سڏين ٿا ۽ گنگا ندي بدران گنگا ماتا چون جيئن جاپاني فيوجيءَ کي فيوجي ياما (فيوجي جبل) چوڻ بدران عزت ۽ پيار مان فيوجي سانَ (فيوجي محترم) سڏين ٿا. دنيا جي هن ندي بابت جنهن جيتري ٻي ڪنهن به نديءَ جي ڪنهن به مذهب ۾ ايتري اهميت ناهي، ڪجهه سٽون الڳ مضمون ۾ پڻ لکڻ ضروري سمجھان ٿو.

ورانسي جي اسٽيشن روڊ تي ٺهيل ڪئينس ڪاليج ۾ هڪ ڏينهن ويس، ڪئنٽين ۾ بيٺل ڇوڪرين مان هڪ پڇيو ”سر! توهان هيڏو پاڻي ڏسڻ بعد هاڻ خشڪي جا نظارا ڪرڻ چاهيو ٿا؟“ هن جو مطلب هو ته آئون دنيا جا بندرگاهه ڏسڻ بعد هاڻ هن جو هي شهر ورانسي (بنارس) ڏسڻ آيو آهيان جيڪو بندرگاهه نه آهي، پر افغانستان وانگر Land Locked آهي. مون کلندي وراڻيو ته ”آئون هِتي به پاڻي ڏسڻ آيو آهيان… سمنڊ جو کارو پاڻي نه پر گنگا جو مٺو پاڻي.“
هُن گنگا لاءِ پنهنجي عقيدت جو اظهار هڪ هندي شعر ذريعي ڪيو جيڪو منهنجي چوڻ تي هن سڄو رومن انگريزي ۾ لکي ڏنو. ظاهر آهي هندي ۽ اردو اهي زبانون آهن جيڪي ڳالهائڻ ۾ هڪ آهن، پر ٻنهي جي لکڻي جدا جدا آهي. سو ٻڌڻ مهل ته آئون اهو شعر سمجهي ويس، پر جي هندي ۾ لکي ڏئي ها ته آئون پڙهي نه سگهان ها. اڙدو کان وري هوءَ اڻواقف هئي. هونئن انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن جهڙوڪ دهلي، لکنئو، حيدرآباد دکن، الهه آباد وغيره جي ڪجهه اسڪولن ۾ اردو سبجيڪٽ به آهي، پر بنارس جي هن انگلش ميڊيم ڪاليج ۾ انگلش کان علاوه فقط ٿوري ٿوري هندي پڙهائي وڃي ٿي. هن شعر جو عنوان آهي:
گنگا تو بهت جائيگي۔۔۔ يعني گنگا ته وهندي رهندين…. شالَ اسان جي سنڌو ندي ۽ پاڪستان جا ٻيا درياهه به ٻارهوئي وهندا رهن.
گنگا تو بهتي جائيگي
خود مين سب ڪو سمائيگي
ڪرتين هين پاپ جو دن رات
ان ڪي ليئي ڀي مڪتي لائيگي
گنگا تو بهتي جائيگي…..
گنگا سڀ ڪڇ جانتي هي
پاپي ڪي ليئي ڀي رو ليتي هي
دل اس ڪا بهت مهان هي
سب ڪي پاپ ڌو ديتي هي
وه دل شِوِ-شِوِ کلائيگي
گنگا تو بهتي جائيگي
ورانسي جي سوامي وويڪانند روڊ تي هڪ سنڌي ريسٽورينٽ جي ڀرسان جامع شلافيا مسجد ۾ هڪ مسلمان دڪاندار سيٺ کي چيم ته هي شروع کان مدرن جو شهر هلندو اچي. انگريزن جي حڪومت کان ٻه ٽي صديون مسلمانن جي حڪومت رهي…. انهن جو هندو ڌرم يا هن شهر سان ڪهڙو رويو رهيو… يا کڻي چئجي ته هندو ڌرم جي ماڻهن جو مسلمان حاڪمن لاءِ ڇا سوچَ آهي؟
هن پڙهيل ڳڙهيل سيٺ ٻڌايو ته آڳاٽي زماني ۾ موريا گهراڻي جي راڄ دوران هي شهر پاڪستان واري ٽئڪسلا کان پتاليپترا تائين روڊ ذريعي ڳنڍيل هو. 1194ع ڌاري هي شهر قطب الدين ايبڪ ذريعي مسلمانن جي حڪومت هيٺ آيو. ”قطب الدين ٻيا چڱا ڪم ڪيا يا نه پر هُنَ هِنَ شهر ورانسي (بنارس) جا هزارين مندر ڊهرائي ڇڏيا. مسلمانن جي ٽي صديون حڪومت ۾ هي شهر ختم ٿيندو ويو جيتوڻيڪ تيرهين صدي ۾ افغانين جي حملي بعد ڪجهه نوان مندر به ٺهندا رهيا. ان بعد فيروز شاهه 1376ع ۾ هن شهر جي مندرن جي وري ڊاهڻ جا حڪم ڏنا ۽ سڪندر لوڌيءَ 1496ع ۾ هندو ڌرم ۽ انهن جي مندرن کي وڌڻَ کان روڪيو.
مسلمانن جي حڪومت باوجود هي شهر ڏاهن ۽ ڌرمي عالمن جو مرڪز رهيو… ان سان گڏ ڪلچر، ثقافت ۽ تعليم ۾ اڳڀرو رهيو. هن شهر ۾ ڪيترائي ڀڳتي تحريڪ جا اهم ماڻهو پيدا ٿيا… چوڏهين صدي ۾ ڪبير ڀڳت ته پندرهين ۾ روي داس جهڙو درويش، شاعر، Socio- Religious Reformer ۽ سياح هن شهر کي ڏسڻ آيا جن مان گرو نانڪ به هڪ آهي جيڪو 1507 ۾ شِو راتڙي لاءِ ورانسي (بنارس) آيو هو ۽ هن ياترا سک ڌرم شروع ڪرڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو.
جتي هندستان جي مسلمان حاڪمن هندن سان انياءِ ڪيو ۽ بنارس کي ڊاهڻ جي ڪئي اتي اڪبر جهڙي مغل شهنشاهه هن شهر کي سونهن بخشي ۽ وڌايو. اڪبر مون واري ڄم جي تاريخ يعني 14 نومبر تي 1542 ۾ ڄائو ۽ هن وڏو عرصو اٽڪل 49 سالَ 1556 کان 1605 تائين حڪومت ڪئي. هن پاڻ کي مسلمانن توڙي هندن ۾ پاپولر رکڻ جي ڪوشش ڪئي. هن بنارس ۾ ٻه تمام وڏا مندر ٺهرايا جن مان هڪ ‘شِو ديوتا’ ۽ هڪ ‘وشنو ديوتا’ کي منسوب ڪيا. ان کان علاوه هن شهر جو اناپورن مندر ۽ 200 ميٽرن جي اڪبري پُل به ان دور جي ٺهيل آهي. هن دور کان هن شهر ۾ ڌارين سياحن (Tourist) جو اچڻ شروع ٿيو. شير شاهه سوريءَ وارو ٺهرايل ڪلڪتي کان پشاور تائين واري رستي کي پڻ بهتر بڻايو ويو جيڪو پوءِ انگريزن جي ڏينهن کان Grand Trunk Road سڏجڻ ۾ آيو ۽ اڄ به اهو ”جي ٽي روڊ“ سڏجي ٿو.
اڪبر بعد جهانگير 1605 کان 1627 تائين حڪومت ڪئي ان بعد شاهجهان 1627 کان 1658 تائين حڪومت ڪئي جنهن بعد اٽڪل اڌ صدي 1658 کان 1707 تائين اورنگزيب شهنشاهه ٿي رهيو. هن شخص بنارس ۾ مندرن جي ڀڃ ڊاهه ڪرائي جنهن ڪري هن شهر کي ڪافي ڌڪ رسيو. اورنگزيب جي وفات بعد راجپوت ۽ مرهٺا بادشاهن هن شهر کي ترقي وٺرائي. اڄ جي ماڊرن ورانسي جو وڏو حصو ارڙهين صدي جو جڙيل آهي. برٽش راڄ 1775 کان 1947 ۾ به راجا مها راجائن، خاص ڪري بنارس جي راجا جيڪو ‘ڪاشي نريش’ سڏيو ويو ٿي هن شهر جو مانُ مٿانهون ڪيو.
1791 ۾ جڏهن برطانيه جي گورنر جرنل وارين هئسٽنگس جي حڪومت هئي، بنارس ۾ سنسڪرت ڪاليج کوليو ويو. 1867 ۾ ورانسي ميونسپل بورڊ ٺهڻ بعد شهر اڃان به وڌيڪَ تَرقي ڪئي. 1897 ۾ مارڪ ٽوين ورانسي نالي چيو:
“Benares is older than history, older than tradition, older even than legend, and looks twice as old as all of them put together”

