بي حس سماج ۾ سڙندڙ لاشن جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ مدثر کھاوڙ
اڪثر ڪري چيو ويندو آھي ته ٻوڏ کان ۽ گهرن کي لڳندڙ چاليهي جي باهه کان خدا پناهه ڏئي ڇو ته ٻوڏ ۽ باهه ٻئي انسان کي بي گهر ڪنديون آھن. جڏھن ٻوڏ ايندي آھي ته ماڻهو لڏپلاڻ ڪندا آھن ۽ جڏھن باهه گهرن کي لڳندي آھي ته به ماڻهو کليل آسمان هيٺ بي يار و مددگار ٿي ويندا آھن ڇو ته باهه اها بي رحم آھي جيڪا گهرن، بسترن ۽ اناج کي ته ڇا، پر انسان کي ئي ساڙي رک ڪري ڇڏي ٿي. ٻين جي تڪليف پنهنجي جڳهه تي پر جيڪو انسان سڙي مري وڃي ٿو ان جو سور صدين تائين ياد بيهي ٿو، اهو منظر سندس خاندان لاءِ ڪنهن قيامت کان گهٽ ڪونهي. اڱاري جي رات اها بدنصيب رات هئي ۽ رات جو 12 وڳي سوشل ميڊيا تي هڪ خبر آئي ته دادو ضلعي جي تعلقي ميھڙ جي شهر فريدآباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ طوفاني باهه لڳي آھي جيڪا باهه سموري ڳوٺ کي وڪوڙي وئي آھي ان رات هوا جو وڏو طوفان پڻ هو جنهن ڪري باهه تي ڳوٺاڻا ڪنٽرول نه پئي ڪري سگهيا.
پهرين خبر آئي ته 2 نينگر سڙي فوت ٿي ويا آھن ۽ پوءِ صبح ٽي وي تي ڏٺوسين ته بريڪنگ نيوز هلي پئي ته فيض محمد چانڊيو ۾ 9 ڄڻا سڙي فوت ٿيا آھن ۽ اهڙي خبر ڏسندي ئي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ته جيڪي معصوم گلن جهڙا ٻارڙا جن جي پڙهائي جي مند هجي، راند کيڏڻ جي مند هجي ۽ اهي سڙي فوت ٿي وڃن اها خبر وارثن مٿان ڄڻ وڄ جيان ڪڙڪي پئي هوندي. جڏھن ته هوڏانهن ان ئي ساڳي رات اهڙي خطرناڪ باهه قمبر ضلعي جي شهر نصيرآباد ۽ وارهه جي وچ تي ڳوٺ جاڙا واهوچا ۾ لڳي هئي، پر بروقت ڊي سي قمبر جاويد نبي کوسي انتظامي تحرڪ وٺي 3 فائر برگيڊ گاڏيون اڌ رات جو ڪري خطرناڪ طوفاني باهه تي ڪنٽرول ڪرايو. جيڪڏھن ان باهه تي ڪنٽرول نه ٿئي ها ته فريدآباد واري واقعي کان گهڻو نقصان ٿئي ها. هوڏانهن جيڪي ميهڙ جي ڀرسان باهه متاثرين آھن اهي دانهون ڪن ٿا ته اسان دادو جي ڊي سي سميع الله شيخ سان بار بار رابطو ڪيو، پر ان هڪ به فائر برگيڊ گاڏي نه موڪلي. جڏھن ته ان ڳوٺ جو تعلقو ميھڙ آھي، جيڪو 17 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آھي، ان ميھڙ جي سي ايم او سان رابطو ڪيو ته فائر برگيڊ گاڏيون موڪليو، پر انهيءَ به ڪا گاڏي نه موڪلي جنهنڪري باهه سڄي ڳوٺ ۾ ٻرندي رهي ۽ ڳوٺاڻا سڄي رات باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، پر باهه تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ۽ جڏھن خبر پئي ته دادو ضلعي انتظاميه ۽ تعلقي ميھڙ جي انتظاميه جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب 9 معصوم گلن جهڙا ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا آھن ته ان ڳوٺ ۾ قيامت جهڙو منظر هو ۽ صحت کاتي جي وڏي نااهلي اها آھي جو ايڏو وڏو واقعو هجڻ باوجود هڪ به ايمبولينس نه موڪلي وئي ۽ اهي سڙيل لاش ۽ 15 ڄڻا جيڪي زخمي هئا انهن کي پوليس موبائيل ۾ کڻي ميھڙ اسپتال پهچايو ويو، پر اتي اسپتال ۾ صحيح علاج ۽ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري زخمين کي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ميھڙ ميونسپل ڪاميٽي جي 2 ڪروڙ کان مٿي مهيني جي بجيٽ اچي ٿي ۽ ميھڙ تعلقي جي آسپاس ۾ سوين ڳوٺ آھن ۽ هي لکن کان مٿي آبادي رکندڙ شهر آھي، پر اتي ميونسپل ڪاميٽي جي نااهلي سبب هڪ فائر برگيڊ گاڏي آھي اها به خراب بيٺل آھي. هوڏانهن ميڊيا تي اهي به خبرون رپورٽ ٿيون آھن ته ڳوٺ ۾ باهه وسائڻ جي گاڏي 20 ڪلاڪن کانپوءِ قمبر ضلعي جي شهر وارهه مان گهرائي وئي هئي ان باهه تي ضابطو آندو. جڏهن ته ڳوٺ فيض محمد چانڊيو کي لڳل باهه سبب مليل انگن اکرن موجب 160 ڍور سڙي مري ويا آهن، هڪ ٽريڪٽر، 25 پاڻي جون مشينون، 2 هزار مڻ ڪڻڪ ۽ 70 کان وڌيڪ گهر سڙي خاڪ ٿي ويا آھن، باهه سبب 120 خاندان متاثر ٿيا آهن. سڙيل ڍورن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آھن. جڏهن ته باهه سبب ڳوٺ ۾ ٻئي ڏينهن به قيامت جا منظر هئا، سرڪار پاران واهر نه ڪرڻ سبب متاثر سڄو ڏينهن بک ۽ اڃ تي کليل آسمان هيٺ ويٺل رھيا ۽ بعد ۾ سنڌ سرڪار جڏھن سوشل ميڊيا، چئنلن ۽ اخبارن تي رد عمل ڏٺو پوءِ انهن لاءِ خيمن جو بندوبست ڪيو. علائقي واسين کي جڏھن خبر پئي ته ڳوٺاڻن جو سڀ ڪجهه سڙي ويو آھي ته ڳوٺاڻا ٻئي ڏينهن تي پنهنجي گهران رليون، وهاڻا، کٽون ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان کڻي پهتا هئا ۽ سوشل ميڊيا تي اها وڊيو به وائرل ٿي فريدآباد جي ٿاڻي وارا به هنڌ بسترن جو رڪشا لوڊر ڀري متاثرن کي ڏيئي ويا هئا.
جڏھن ته باهه بعد ٻئي ڏينهن تي ام رباب چانڊيو متاثرين وٽ ڳوٺ وڃي راشن پهچايو ۽ فوتين ۽ زخمين جي وارثن کي 10-10 هزار ڏنا، جڏھن ته ام رباب اتي پهتي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو تي ڏسي سگهجي ٿو ته متاثر عورتون سندس آڏو ماتم ڪري اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري رهيون هيون ۽ اتي قيامت جهڙا منظر هئا. ٻئي پاسي اتان جو هڪ ڳوٺاڻو چوي ٿو ته باهه بعد آئون پاڻ گهر ۾ داخل ٿي سڙيل لاش ڪڍي آيس ته هڪ نينگر جي ڄنگهه نه هئي ۽ ٻي نينگر جي ٻانهن نه هئي. هن سانحي جو وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس ورتو آھي ۽ بلاول ڀٽو جي حڪم تي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ايم پي اي فياض ٻٽ، ايم پي اي عزيز جوڻيجو، سيد ناصر شاهه، رفيق احمد جمالي متاثرين جي تڏي تي پهتا جتي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه فريد آباد سانحي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. سڙي فوت ٿي ويل ٻارن جي وارثن لاءِ 5-5 لک ۽ زخمين لاءِ 2-2 لک رپيا معاوضو ڏنو ويو ۽ متاثر ڳوٺاڻن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آھي. جڏھن ته بحريا ٽائون ڪراچي جي رليف ڪاميٽي جي انچارج شهباز چاچڙ متاثرين کي راشن پڻ ڏنو انهيءَ راشن جي ڪٽن جو تعداد هڪ هزار ٻڌايو پيو وڃي، جيڪو ملڪ رياض طرفان هو، پر ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته فوتين ۽ زخمين جي وارثن کي جلد معاوضو ڏنو وڃي ۽ انهن کي جلد گهر ٺهرائي ڏنا وڃن ته جيئن هُو ساڳي نموني زندگي گذاري سگهن ۽ ٻي ڳالهه ته هن معاملي جي صاف شفاف نموني انڪوائري ڪري ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ۽ دادو ضلعي جي مختلف شهرن ميھڙ، فريدآباد، ڪي اين شاهه، راڌڻ ۾ فائر برگيڊ جون 3-3 نيون گاڏيون ڏيئي ايمرجنسي بنيادن تي ريسڪيو سينٽر قائم ڪيا وڃن ته جيئن آئنده اهڙن واقعن تي ڪنٽرول ٿي سگهي.

