بچت بازار: ٽنڊوڄام جي شهرين لاءِ هڪ وڏو رليف، خوشي وارو منظر….!! رپورٽ : رشيد ابڙو
ٽنڊوڄام سنڌ جو اهم ترين سرسبز ۽ خوبصورت شهر آهي، جتي سنڌ ايگريڪلچرل يونيورسٽي آهي، جيڪا سنڌ جي سڃاڻپ پڻ آهي. زراعت جي لحاظ کان هي شهر پنهنجو هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هن شهر ۾ امير ماڻهو به رهن ٿا، پرغريب طبقو گهڻو آهي، جيڪو اڄڪلهه وڌندڙ مهانگائي سبب گهڻو پريشان ۽ متاثر ٿيو آهي. مهانگائي هڪ عالمي مسئلو آهي ان جي ڪري اسان جو غريب عوام گهڻو پريشان آهي. بهرحال ان ڳالهه کي مدنظر رکندي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا حيدرآباد جي ڪمشنر عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو جي خصوصي هدايتن تي ٽنڊوڄام جي شهرين کي کاڌي پيتي ۽ روزمره جي استعمال وارين شين جنهن ۾ اٽو، چانور، گيهه، تيل، داليون، سبزي، فروٽ، گوشت، مڇي ۽ ٻئي سامان جي سرڪاري اگهه تي فراهمي ۽ غريب طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آچر واري ڏينهن ضلعي انتظاميا پاران پوليس گرائونڊ ۾ هڪ سستي بچت بازار لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح تعلقي حيدرآباد (رورل) جي اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊم سرهاڻ اعجاز ابڙو ڪيو. ان موقعي تي وڏي انگ ۾ ٽنڊوڄام جا شهري، واپاري طبقو، انتظاميا جا آفيسر ۽ ميڊيا وارا موجود هئا.

تعلقي حيدرآباد (رورل) جي اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊم سرهاڻ اعجاز ابڙو بچت بازار مان پاڻ خريداري جي شروعات ڪندي ناصر آرائين ۽ علي شهمير آرائين جي ماسٽر برتن اسٽور تان 1000 رپين جو نوٽ ڏئي ٿانو ورتا، جيڪي سستا هجڻ سبب گهڻا ملي ويا هئا، اسان سمجهيو ته برتن هزار رپين جا هوندا، پر دڪاندار برتن سستا چئي 500 رپيا واپس ڪيا ته خريداري ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ دلچسپي وڌي وئي. خريداري جي ان شروعات کي ڏسندي بازار ۾ موجود عام ماڻهن وڏي انگ ۾ خريداري شروع ڪري ڏني. بچت بازار ۾ يوٽيلٽي اسٽور ۽ سيلاني پاران ڀاڄين جا رعايتي اسٽال لڳايا ويا هئا، اگلو آئس ڪريم، مير زاهد جو ڪنگ بابا فرينچ فرائز، ليز چپس، شايان اينڊ برادرز پاران پيڪ فرينز سپر بسڪيٽ، راجپوت مونگ ڦلي، النور رولر فلور ملز پاران اٽي جو اسٽال لڳايو ويو، ان اسٽال تي 10 ڪلو اٽو 550 رپين جو ٿيلهو ملي رهيو هو. ذيشان اقبال پاران فارمي ۽ ديسي بيدن، جڏهن ته ٻئي پاسي ڪڪڙ جي گوشت جو اسٽال لڳايو ويو هو، جتي بيدا هول سيل تي سستي اگهه تي ملي رهيا هئا ۽ ڪڪڙ جو گوشت به سستي اگهه تي ملي رهيو هو. جيز موبيلنڪ پاران اسٽال تي مفت ۾ سم ملي رهي هئي. راجپوت ڪلاٿ هائوس تي سيل تي مرداڻو سوٽ جيڪو 1200 رپيا هو، اهو بچت بازار ۾ 750 رپيا، مرداڻو ڪاٽن سوٽ جيڪو 1200 رپيا هو، اهو 900 رپيا ۽ ليڊيز سوٽ جيڪو 1200 رپيا هو، اهو 1000 رپين ۾ ملي رهيو هو. بچت بازار ۾ برياني 30 رپيا پاءُ ۾ وڪرو ڪئي پئي وئي. ان بچت بازار ۾ ليڊيز، جينٽس ۽ ٻارن جي ڪپڙن، چپلن ۽ سينڊلن جا اسٽال لڳل هئا، جنهن تي عورتن، ٻارن ۽ مردن جي گهڻي رش لڳل هئي. شهرين کي ان بچت بازار مان يقينن گهڻو فائدو مليو، ڇاڪاڻ ته عام بازار ۽ سپر مارٽ جي ڀيٽ ۾ هر شيءِ سستي ۽ مناسب سرڪاري اگهه تي ملي رهي هئي، اتي خريداري لاءِ آيل ماڻهن کان بچت بازار بابت راءِ ورتي ته انهن کاڌي پيتي جي شين ۽ روز مره جي ٻين شين جي سستي اگهه هجڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت ۽ حيدرآباد ضلعي انتظاميا جي ان قدم ۽ انتظامن جي گهڻي ساراهه ڪئي. شهرين جو چوڻ هو ته مستقبل ۾ به اهڙي بچت بازار لڳائي وڃي ته جيئن وڌ ۾ وڌ فائدو کڻي سگهجي.

بچت بازار ۾ آيل هر ماڻهو شين جون قيمتون پڇي خريداري ۾ مصروف رهيو، ڇاڪاڻ ته ان بچت بازار ۾ سرڪار پاران مقرر ڪيل گهٽ قيمتن تي شيون ۽ سامان وڪرو ٿي رهيو هو، وڪرو ڪندڙن ۽ خريدارن ۾ قيمتن جي معاملي ۾ ڪوبه بحث مباحثو نه ڏٺو ويو، هر ماڻهو خوشي سان خريداري ڪري رهيو هو. مهانگائي واري دور ۾ بچت بازار ۾ سرڪاري ريٽ لسٽ موجب هر شيءِ دستياب هئي، حيدرآباد ضلعي انتظاميا پاران لڳايل بچت بازار ۾ کاڌي پيتي جي شين جا سستا اگهه رکڻ واري عمل کي گهڻو ساراهيو ويو. کنڊ جو اسٽاڪ به اچي رهيو هو ۽ کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعلقي حيدرآباد (رورل) جي اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊم سرهاڻ اعجاز ابڙو اتي موجود آفيسرن کي هدايتون پئي ڏنيون ته کنڊ سميت هر شيءِ جي دستيابي يقيني بڻائي شهرين کي هر صورت ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي، اسسٽنٽ ڪمشنر پاڻ هر اسٽال تي وڃي معائنو ڪيو، کاڌي پيتي جي شين توڙي روز مره جي ٻين شين جي معياري هجڻ جو جائزو پڻ ورتو. شهرين جي آمد دوران سيڪيورٽي جا به سخت انتظام ڪيا ويا هئا، مرد توڙي ليڊيز پوليس اهلڪارن کي بچت بازار ۾ مقرر ڪيو ويو هو.
سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ضلعي انتظاميا پاران لڳايل بچت بازار جي حوالي سان تعلقي حيدرآباد (رورل) جي اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊم سرهاڻ اعجاز ابڙو ميڊيا سان ڳالهايو سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تي ضلعي انتظاميا جي نگراني ۾ بچت بازار لڳائڻ جو مقصد عام شهرين خاص طور تي غريب طبقي کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون ۽ روز مره جون ٻيون شيون فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن کين رليف ملي سگهي. بچت بازار لڳائڻ سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا جو ساراهه جوڳو قدم آهي، اهڙي بچت بازار سنڌ جي ٻين شهرن ۾ لڳائڻ سان اتان جي عوام کي سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون ملنديون، ان سان کين وڏو رليف فراهم ٿيندو. عام ماڻهن جي زندگين ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ اسان ويٺا آهيون، ملڪ جو غريب ماڻهو اڄ واري صورتحال ۾ گهڻو پريشان آهي، اسان سڀني کي گهرجي ته انهن جي مدد ڪريون ته جيئن ان سان انسان به خوش ٿئي ۽ الله به راضي رهي.

بچت بازار ۾ مرڪزي تنظيم تاجران پاڪستان/حيدرآباد بزنس فورم، ٽنڊوڄام پاران بينر پڻ لڳل هئا، جنهن تي سنڌ حڪومت پاران پيپلز پارٽي جي ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ۽ ضلعي انتظاميا حيدرآباد جي ڪمشنر عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو، تعلقي حيدرآباد (رورل) جي اسسٽنٽ ڪمشنر ميڊم سرهاڻ اعجاز ابڙو، مختيارڪار فهيم منگي، واپارين جي مرڪزي تنظيم پاڪستان جي صدر محمد ڪاشف چوڌري ۽ ٻين جون تصويرون لڳل هيون ۽ جنهن تي بچت بازار ۾ ايندڙ سمورن معزز مهمانن کي دل جي گهراين سان خوش آمديد/ ڀليڪار لکيل هو.
ڏٺو وڃي ته ملڪ توڙي دنيا ۾ مهانگائي وارو اشو اڀريو آهي، ان جو ڪارڻ ڪووڊ-19 ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڄاڻايو پيو وڃي. دنيا جي هر ملڪ جي پنهنجي پنهنجي حڪمت عملي ۽ حالتون آهن، پر اسان جي ملڪ جو گهڻي ڀاڱي دارومدار زراعت تي آهي اها اسان جي خوشقسمتي آهي ته اسان جو ملڪ هن خطي جي اهڙي هنڌ واقع آهي جتي قدرت بي شمار نعمتن ۽ وسيلن سان نوازيو آهي، صرف انهن وسيلن جي ورهاست درست ۽ برابري جي بنياد تي ٿيڻ لازمي آهي ته جيئن هر ماڻهو ان مان فائدو وٺي سگهي. اهڙي ريت اسان جو ملڪ پاڪستان خاص طور تي سنڌ وسيلن سان مالا مال آهي، پر هتي ڪو مڪينزم نه هجڻ سبب اسان گهڻو پٺتي آهيون، اسان کي موجوده صورتحال ۾ عوام جي مفاد وٽان پاليسيون جوڙڻ گهرجن ته جيئن عام ماڻهو جي زندگي ۾ تبديلي اچي سگهي ۽ اهو خوشحال ٿئي. بچت بازار وارو سنڌ حڪومت جو قدم ساراهه جوڳو آهي، پر عام ماڻهو لاءِ اڃان به گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
سارنگ کي سارين ماڙهو، مرگهه، مينهيون،
آڙيون ابر آسري تاڙا تنوارين،
سپون جي سمونڊ ۾، نئين سج نهارين؛
پلر پيارين ته سنگهارن سک ٿئي. ( شاهه)

