خاص

تعليمي ادارا کلڻ سان ڪورونا ۾ واڌ آئي ته فيصلو تبديل ٿي سگهي ٿو

چئن صوبن جي حڪومتي نمائندن ڪورونا وڌڻ جي صورت ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي فيصلي تي نظر ثاني ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته ايجوڪيشن اسٽيئرنگ ڪميٽي جي مشاورت سان سمورا فيصلا ڪيا ويا. تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون. هن چيو ته ٻارن جي اسڪول ٽرانسپورٽ سان متعلق ايس او پيز طئي ڪيا ويا آهن. پهرين مرحلي ۾ جائزو ورتو ويندو ته ننڍا ڪلاس کوليا وڃن يا نه. هڪ ئي وقت سمورا تعليمي ادارا کولڻ سان ايس او پيز تي عملدرآمد مشڪل هوندو. سعيد غني جو چوڻ هو ته تعليمي ادارا کلڻ سان ڪورونا وڌيو ته فيصلو تبديل به ٿي سگهي ٿو.