تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر واري موڪل ختم، سياري جون موڪلون نه ڏيڻ جو فيصلو
تعليم جي وفاقي وزارت ڪورونا سبب تعليمي نقصان جي تدارڪ لاءِ ڇنڇر واري موڪل ختم ۽ سياري جون موڪلون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تعليم واري وفاقي وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر واري موڪل ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ هلندڙ سال تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون به نه ڏنيون وينديون. تعليمي وزارت، وفاقي نظامت تعليمات کي ان حوالي سان خط جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ ڇنڇر واري ڏينهن اسپيشل ڪلاسن جو انعقاد ڪيو وڃي. وزارت تعليم خط ۾ چيو آهي ته هي فيصلو ڪورونا دوران ٿيندڙ تعليمي نقصان جي تدارڪ لاءِ ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته سڄي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جي حوالي سان آخري فيصلو 7 سيپٽمبر تي ڪيو ويندو.

