تيل جون قيمتون وڌڻ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: رضا باقر
اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر مطابق آءِ ايم ايف سان ڊيل جي خوشخبري جلد ملي ويندي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو اوورسيز پاڪستانين لاءِ وزيراعظم جو پيغام کڻي آيو آهي. هن وقت تائين 2 لک 60 هزار روشن ڊجيٽل اڪائونٽ کُلي چڪا آهن جن جي ذريعي 6. 2 ارب ڊالر پاڪستان منتقل ٿيا آهن. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي ڳالهائيندي هن چيو ته مهانگائي پوري دنيا ۾ ٿي رهي آهي. آمريڪا ۾ جيتري هن وقت مهانگائي آهي اها گذريل 30 سالن ۾ ناهي ٿي. رضا باقر جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون مثبت انداز ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ جلد ئي ڪاميابي جي خوشخبري ملي ويندي. هن چيو ته ايڪسچينج ريٽ جون 2019 جي مارڪيٽ ريٽ تي ڇڏي ڏنو آهي ادائگين جو دٻاءُ ان لاءِ آهي ته اسان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي.

