جنهن به علائقي ۾ ڪتي ڏاڙهڻ جو واقعو ٿيندو، اتان جي ايم پي اي کي معطل ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ
سکر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ چيو آهي ته هاڻ جنهن به علائقي ۾ ڪتي جي ڏاڙهڻ جو واقعو ٿيندو ان علائقي جو ايم پي اي معطل هوندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت سخت ريمارڪس ڏنا آهن. ٻڌڻي دوران جسٽس آفتاب احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪتي جي ڏاڙهڻ جو واقعو جتي ٿيو ان علائقي جو ايم پي اي معطل هوندو. ان تي سرڪاري وڪيل چيو ته ڪتي جي ڏاڙهڻ وارن واقعن سان ايم پي ايز جو تعلق ناهي. جنهن تي معزز جج چيو ته اسان کي خبر آهي هي آفيسر فنڊز مان ڪنهن کي ڪميشن ڏيندا آهن اسان جو منهن نه کولرايو وڃي ته بهتر رهندو. عوام جو تحفظ ڪرڻ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو فرض آهي. عدالت چيو ته ڪتي جي ڏاڙهڻ جو واقعو جتي به پيش آيو اتان جو ايم پي اي سينيٽ چونڊن ۾ به ووٽ نه ڏئي سگهندو. واقعو پيش اچڻ تي لاڳاپيل آفيسرن جون پگهارون بند ڪري انهن کي واڌو ۾ رکيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ ٻڌڻي جي موقعي تي آفيسرن رپورٽون پيش ڪيون جنهن تي عدالت عدم اطمينان ظاهر ڪندي ٻڌڻي 16 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

