پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ڪورونا وبا دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو متاثر ڪندي؟ ماهرن ڇرڪائي ڇڏيو

صحت جي عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته هڪ انتهائي محتاط اندازي موجب دنيا ۾ تقريبن هر 10 مان هڪ شخص ڪورونا وائرس جي انفيڪشن جو شڪار ٿي سگهي ٿو. اهو امڪاني انگ هن وقت دنيا ۾ موجود تصديق ٿيل ڪيسن جي انگ کان ويهوڻ تي آهي. سڄي دنيا ۾ هن وقت تائين ساڍا 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڪووڊ 19 جو شڪار ٿي چڪا آهن. ماهرن موجب يورپ ۽ روس ۾ ٻيهر ڪيس وڌي رهيا آهن، جڏهن ته ڀارت ۾ روز جي بنياد تي سڀ کان وڌيڪ ڪيس رڪارڊ ٿي رهيا آهن.