پي ڊي ايم (پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ) ڪٺ پتلي سرڪار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ عوام دشمن ڪٺ پتلي سرڪار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي. پ پ چيئرمين جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيد مراد علي شاهه، نثار کهڙي، ناصر شاهه، سعيد غني، اويس شاهه، مرتضيٰ وهاب شرڪت ڪئي. جڏهن ته راجا پرويز اشرف وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي جلسن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم تحت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ جي حوالي سان جلسن ۽ ريلين جو جائزو ورتو. جڏهن ته پ پ چيئرمين جي سربراهي ۾ پي ڊي ايم تحت 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ پروگرام جي تيارين جي حوالي سان به غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي اي پي سي سان ملڪ ۾ هڪ نئين عوامي مزاحمتي تحريڪ جي شروعات ٿي رهي آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم پاڪستان ۾ عمران خان جي ظلم جي راڄ جو خاتمو ڪندي، اها تحريڪ عوام دشمن ڪٺ پتلي سرڪار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي.

