خاص

جڏهن به دشمن جو سامهون ٿيو ته پاڪ بحريه قوم جي اميدن تي پوري لٿي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان نيوي سامونڊي حدن جي دفاع متعلق قوم جي اميدن تي هميشه پوري لٿي آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لاهور ۾ نيول وار ڪاليج جو دورو ڪيو. ان موقعي تي رئير ايڊمرل محمد زبير شفيق ڪمانڊنٽ پاڪستان نيوي وار ڪاليج معزز مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو. ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان به ان موقعي تي موجود هو. ان موقعي تي آرمي چيف 49 هين نيول اسٽاف ڪورس جي شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪ بحريه هميشه بحري سرحدن جي حفاظت ڀرپور  انداز ۾ ڪئي آهي، جڏهن به دشمن جو سامهون ٿيو ته پاڪ بحريه قوم جي توقعات تي پوري لٿي. پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه خطي جي سيڪيورٽي چئلينجز ۽ پاڪستان جي لاءِ موقعن تي روشني وڌي. ان جو چوڻ هو ته پاڪستان نيوي ملڪ جي سامونڊي حدن جي دفاع جي حوالي سان هميشه قوم جي اميدن تي پوري لٿي آهي. آرمي چيف پاڪستان بحريه جي بهادر ۽ قربانين سان ڀريل فخر جوڳي تاريخ کي ساراهيو ۽ چيو ته نيول وار ڪاليج پاڪستان بحريه جو بهترين ادارو آهي. ان ۾ هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ دوست ملڪن جي آفيسرن جي به ٽريننگ ڪئي ويندي آهي.