خـودڪـشي ڇـا آهـي؟ رابعه نور
خودڪشي پنهنجي زندگي پنهنجن هٿن سان ختم ڪرڻ جو هڪ عمل آهي جيڪو بيوسي جي انتها تي ڪيو ويندو آهي. صحت جي عالمي اداري جي هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ هر سال اٺ لک ماڻهو خودڪشي ڪندا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ خودڪشي ڪندڙ گهٽ آمدني وارن ۽ هيٺئين طبقي جي پيڙهيل طبقن جا هوندا آهن. خودڪشي ڪندڙ 15 کان 19 سالن جي عمر وارا نوجوان وڌيڪ آهن ۽ وڏي ڳالهه ته خودڪشي ڪندڙن ۾ مردن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. خودڪشي ڪندڙ هر ماڻهو وٽ پنهنجو ذاتي سبب هوندو آهي، پر جيڪا ڳالهه هر خودڪشي ۾ هڪ جهڙي هوندي آهي اها آهي بيوسي. انسان اهڙي بند رستي تي هوندو آهي جتي هن کي مرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه ملندو آهي. ايمل درخيم هڪ فرينچ سوشيا لاجسٽ هو جنهن پهريون ڀيرو خودڪشي تي تحقيق ڪئي ۽ ان تي ڪتاب لکيو. ان خودڪشي جا چار قسم ڄاڻايا آهن:
- انا پرستي (Egoistic):
سماجي اڪيلائپ جي ڪري ڪيل خودڪشي. ارسطو چواڻي انسان هڪ سماجي جانور آهي. اهو اڪيلو نٿو رهي سگهي، پر ڪجهه ماڻهو جڏهن پاڻ پرستي ۾ اچي ٻين کان پاڻ کي مٿانهون سمجهي دوستن، مٽن مائٽن کان الڳ ٿلڳ رهڻ چاهيندو آهي ته دراصل هو پنهنجي ان سماجي پاڙ کي کوٽي رهيو هوندو آهي، جيڪا ان کي زندگي جي طوفانن ۾ مضبوط جهلي بيهي سگهي ٿي. سماجي ڳانڍاپن کان بالڪل ٽوڙي پاڻ کي الڳ ڪرڻ جو هڪ نتيجو خودڪشي به ٿي سگهي ٿو.
- پاڻ ارپڻ (Altruistic):
هن قسم جي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو مٿين قسم جي ماڻهن کان بالڪل ابتڙ پاڻ مٽائڻ ۽ ٻين جي لاءِ زندگي ارپڻ جي انتها تي هوندا آهن. انهن وٽ پنهنجي ذات سماج جي اڳيان ڪابه حيثيت نه رکندي آهي. اهڙن ماڻهن ۾ خودڪش حملا ڪندڙ ۽ وطن ۽ قوم لاءِ پنهنجي زندگي ارپيندڙ ماڻهو شامل آهن. ڪي ماڻهو پنهنجي خاندان جي ڪري، ڪو ماڻهو پنهنجي پيار جي ڪري، ٻين کي تڪليف پهچڻ جو سبب ٿيڻ جي ڪري خودڪشي ڪندا آهن.
- مايوسي (Fatalistic):
جڏهن سماج هڪ ماڻهو تي گهڻين ئي اميدن جو بار رکي ۽ ان مان سماجي، معاشي ۽ جذباتي هر طرح جو بار کڻڻ جي اميد رکي وڃي ۽ انسان اهو سڀ پورو نه ڪري سگهي يا اهي اميدون پوريون ڪندي ڪندي بيزار ٿي وڃي ته نتيجي ۾ اهو مايوس ٿي خودڪشي ڪندو آهي.
- مونجهارو (Anomic):
هي هڪ سماجي بي قاعدگي جو قسم آهي جنهن ۾ مروجه رسم و رواج ۽ ضابطه روز مره جي زندگي جي عملن سان ٽڪراءُ ۾ هجن ٿا، مثال طور: جائز طريقي سان پئسا ڪمائڻ، سچ ڳالهائڻ، سماجي ضابطه ۽ اصول ته آهن، پر عملي طور تي دنيا ان جي مخالفت ۾ عمل ڪري ٿي ۽ نه صرف عمل ڪري ٿي بلڪه لڪل طور تي ان جي تعريف ۽ همت افزائي به ڪري ٿي ته انسان صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ منجهي پوي ٿو ۽ اهو مونجهارو به انسان جي خودڪشي ڏانهن سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو.
خودڪشي جا سبب:
اسان جي ماحول ۾ چوگرد ڪيئي مسئلا آهن جنهن ڪري انسان ڊپريشن يا ڳڻتي جو شڪار ٿئي ٿو، پر اسان وٽ ڊپريشن جي متعلق ڳالهائڻ ممنوعه سمجهيو وڃي ٿو. ڊپريشن يا پريشاني جون ڳالهيون ڪندڙ کي سڌو سنئون چرين واريون ڳالهيون چوڻ ڪنهن به ماڻهو جي حوصلا شڪني لاءِ ڪافي آهن. خودڪشي ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ واري کي بزدل، ايمان ڪمزور يا گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي ڪري خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو ڪنهن کان مدد به نه وٺي سگهندو آهي، انتهائي قدم کڻڻ تائين ڪنهن کي خبر نه پوڻ ڏيندو آهي.
نفسياتي ڊاڪٽرن جي کوٽ:
اسان وٽ هڪ اڳئي نفسياتي ڊاڪٽرن جي کوٽ هوندي آهي ۽ ٻيو ته ان کي ڪو ڏيکاري به ته ماڻهو سمجهندا آهن ته چريو ٿي پيو آهي يا چري ٿي وئي آهي دماغي ڊاڪٽر کي ڏيکارين ٿا. خودڪشي ڪرڻ جو هڪ سبب ڪنهن انتهائي واقعي ٿيڻ جي ڪري به آهي مثال طور: ڪنهن سان جنسي زبردستي ڪئي وڃي ته نتيجي ۾ انسان پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳندو آهي ۽ اڳتي هلي ان جو انتهائي رد عمل خودڪشي جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. انصاف نه ملڻ جي ڪري، اسان جو سماج ناانصافي تي ٻڌل آهي جتي گهر کان ويندي هر هنڌ اڻبرابري آهي. ڪڏهن ڪڏهن اڻ برابري جي ڪري ڪو ٻار ڪنهن خواهش پوري نه ٿيڻ جي ڪري، امتحان ۾ فيل ٿيڻ جي ڪري، نوڪري وڃڻ جي ڪري، غربت، بک، بيماري اهي سبب به انسان کي خودڪشي تي مجبور ڪن ٿا.
خودڪشي جا سبب مردن ۾:
گهڻو ڪري مردن جي ننڍي هوندي کان تربيت ٿيندي آهي ته ڪنهن به تڪليف ۽ ڏک تي پنهنجي جذباتن جو اظهار نه ڪجي. اها تڪليف برداشت ڪجي. پنهنجي تڪليف يا پريشاني جو اظهار مرد لاءِ ڪمزوري ۽ بزدلي جي نشاني سمجهيو ويندو آهي جنهن ڪري جڏهن ڪجهه مسئلن کي حل نه ڪري سگهندو آهي ته ان جو اظهار ڪرڻ يا مدد وٺڻ جي بدران خودڪشي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. مرد تي معاشي بار گهڻو هوندو آهي. ان کي پنهنجي ماءُ پيءُ، ڀيڻن ڀائرن، گهرواري اولاد سڀني جو خرچ کڻڻو پوندو آهي. معاشي اڻبرابري جي ڪري محنت، آمدني ۽ خرچ جو فرق ختم نه ڪري سگهندو آهي، جڏهن اهو سڄو ڏينهن محنت باوجود ايترو ناهي ڪري سگهندو جو گهر هلائي سگهي ته نتيجي ۾ خودڪشي جو سوچيندو آهي. اڪثر ڪري گهرن ۾ هوند اڻهوند ۾ به ڇوڪرن جون خواهشون پوريون ڪيون وينديون آهن جنهنڪري هن ۾ خود غرضي جي سوچ به پيدا ٿيندي آهي. اڪثر ڇوڪرا ننڍيون ننڍيون خواهشون پوريون نه ٿيڻ تي گهر وارن کي ڌمڪيون به ڏيندا آهن ۽ اڪثر ناداني ۾ ان تي عمل به ڪري ويهندا آهن.
عورتن ۾ خودڪشي جا سبب:
اڪثر عورتن ۾ خودڪشي جو سبب انتهائي هوندو آهي، سڀ کان وڏو سبب ذهني ۽ جنسي تشدد ۽ زبردستي هوندو آهي. شادي شده عورت تي ساهرن ۽ مڙس جي طرفان تشدد، زبردستي واري شادي، ان کان علاوه غربت ۽ بک ۾ ٻارن کي نه ڏسي سگهڻ جي ڪري اجتماعي خودڪشي به عورت جي طرفان گهڻو ڪري ٿيندي آهي جنهن ڪري هوءَ پنهنجي ٻارن سميت پنهنجي زندگي جو انت آڻيندي آهي.
خودڪشي کي روڪڻ لاءِ قدم:
جڏهن به ڪو ماڻهو مايوسي جون ڳالهيون ڪري يا پاڻ مارڻ جون ڳالهيون ڪري ته ان تي ٺٺول نه ڪجي، نه ٽوڪ ڪجي ۽ نه ڪاوڙ ڪجي، پر ان موضوع تي ان سان سنجيدگي سان ويهي ڳالهائجي ڇاڪاڻ ته اڪثر ائين ٿيندو آهي ته خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو اڪثر اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي. يا اڻ سڌي طرح مشورو يا مدد گهري رهيو هوندو آهي ۽ ان موضوع تي ڳالهائڻ چاهيندو آهي سو اهڙي رويي ۽ اهڙي گفتگو کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي.
خودڪشي لاءِ استعمال ٿيندڙ شين کي پري رکڻ يا حفاظت ڪرڻ:
اڪثر ڪري ڳوٺن ۾ عورتون زرعي زهر واريون دوائون پي خودڪشي ڪن ٿيون يا وري ڪارو پٿر کائي خودڪشي ڪنديون آهن. مرد اڪثر ڪري پسٽل سان يا وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهي ڏيڻ ذريعي خودڪشي ڪن ٿا، اهڙين شين تي نظر رکڻ ۽ خودڪشي جو سوچيندڙ ماڻهو کان پري رکڻ ۽ ان کي اڪيلو نه ڇڏڻ به هڪ وقتي بچاءُ ٿي سگهي ٿو.
نفسياتي ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ:
اسان مان هر ڪو نفسياتي ماهر ٿيڻ جي ڪوشش ضرور ڪندو آهي، پر اها حقيقت آهي ته جيئن ڪنهن به جسماني بيماري جي صورت ۾ اسان ڊاڪٽر کي ڏيکاريندا آهيون. ايئن ذهني مونجهارن کي به ڊاڪٽر ئي بهتر سمجهي ۽ حل ڪري سگهي ٿو، ان ڪري اهڙن مشڪوڪ مريضن کي ڪنهن به نفسياتي ماهر تائين جلدي رسائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
تعليمي ادارن ۾ ماهر ڪائونسلر جو هجڻ:
هر عمر جي حساب سان مختلف ذهني مونجهارا ۽ مسئلا به ٿي سگهن ٿا جن کي صرف هڪ ماهر ئي سمجهي سگهي ٿو. اسان وٽ ته نفسياتي علاج جي ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي جنهن ڪري ڪافي ماڻهو اتي پهچ نٿا رکي سگهن. ضروري آهي ته هر اسڪول ۾ نفسياتي ڊپلومه ڪيل ڪائونسلر يا استادن ۽ هيلٿ ورڪرن کي پڻ اهڙي ٽريننگ ڏياري وڃي جو اهي اسڪول ۾ اهڙن ٻارن جي رهنمائي ڪري سگهن جيڪي ڪنهن ذهني موجهاري جو شڪار هجن.
سماجي اصولن جو نارمل هجڻ:
جڏهن به سماج ڪنهن جي زندگي ۾ حد کان وڌيڪ دخل ڏيندو ته انسان سماج جو غلام بڻجي وڃي ٿو. هو پنهنجي مرضي سان پنهنجي زندگي جو ڪوبه قدم نٿو کڻي سگهي، هر ڳالهه ۾ ان کي ماڻهو ڇا چوندا اهو سوچڻو ٿو پوي. ان ڪري انسان پنهنجون خواهشون، خواب سماج جي ڪري قربان ڪري هڪ بي سڪوني واري زندگي گذاري ٿو. ان سان گڏ ئي جيڪڏهن ڏسجي ته شهري زندگي ۾ ماڻهو سماجي اڪيلائپ جو شڪار ٿيو وڃي ۽ ڪنهن به مسئلي ۾ خوشين توڙي ڏکن ۾ اڪيلائي جو شڪار ٿيو وڃي. ان ڪري ضروري آهي ته اسان اهو سکون ته ماڻهن جي خوشين ۽ ڏکن ۾ ته شريڪ ٿجي، پر ان جي ذاتي فيصلن ۽ ان جي چونڊ تي اثر انداز نه ٿجي.
خدا جي ذات تي ڀروسو:
هڪ ڀيرو ڪنهن ريسرچ مئگزين ۾ پڙهيو هو ته هڪ سوشيالاجسٽ ٻن مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي ڪري ماڻهن جي زندگي ۾ آيل نفسياتي اثرن تي تحقيق ڪندو آهي ته ان جو نتيجو اهو ٻڌائيندو آهي ته جتي ماڻهو خدا جي ذات تي يقين رکندڙ نه هوندا آهن ته اتي اهي مختلف ذهني مونجهارن جو شڪار هوندا آهن ۽ اتي خودڪشي جي شرح به گهڻي هوندي آهي بنسبت ان جي جتي ماڻهو خدا جي ذات تي ڀروسو ڪندڙ هوندا آهن. خدا جي ذات تي ڀروسو انسان ۾ اميد پيدا ڪري ٿو ۽ ان اميد سان ڪوشش ڪري ٿو ته خدا جي ذات ان جو ضرور ساٿ ڏيندي.
ٻارن جي صحيح نموني سان تربيت:
اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته ٻارن کي ڳالهه ڳالهه تي وڏن پاران مار موچڙو ۽ گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو آهي. ٻار اهي سڀ شيون پنهنجي دماغ ۾ ڀريندو ويندو آهي هر اهو لفظ جيڪو ٻار کي توهان چئو ٿا ٻار پاڻ کي ايئن سمجهڻ شروع ڪندو آهي. مثال طور: توهان ٻار کي چئو ته هو نڪمو، سست ڪاهل آهي ته ٻار ان لفظ جو اثر وٺندو ۽ نتيجي ۾ ٻار ايئن ٿيندو ويندو ۽ احساس ڪمتري جو شڪار ٿيندو يا وري ٻين ٻارن سان ڀيٽ ڪرڻ ته هي يا هو هوشيار آهي، عقلمند آهي ۽ تون ايئن نه آهين ته ايئن ڪرڻ سان اسان ٻار جي شخصيت تباهه ڪري رهيا هوندا آهيون ۽ هن ۾ پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ جي عادت ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن ان جي زندگي ۾ ڪو اهڙو مسئلو ٿئي ٿو ته هو انتهائي قدم کڻڻ جو سوچي ٿو.
اسان جي معاشري مان جيستائين غربت ۽ ناانصافي ختم نه ٿيندي تيستائين خودڪشي جا سبب به جنم وٺندا رهندا.
raabnoor@gmail.com
***

