خاص

روس سان تجارت جو رستو کلي رھيو آھي: تجارتي صلاحڪار

وزير اعظم جي تجارتي صلاحڪار عبد الرزاق دائود چيو آھي ته روس پاڪستان سان تعميرات ۽ گئس پائپ لائن جي شعبي ۾ تجارت ڪرڻ چاھي ٿو، جنھن کي اسين ڀليڪار چئون ٿا. ان عمل سان ٻنھي ملڪن جي درميان تجارت جو رستو کلي رھيو آھي. ھن چيو ته منسٽري آف ڪامرس جي پوزيشن موجب پاڪستان کي انڊيا سان تجارت ڪرڻ گھرجي. ان ذريعي اسان کي ايڪسپورٽ وڌائڻي آھي. اسان جي ڪوشش آھي ته اسان جون مصنوعي شيون ترقي وٺن. اسان جي ھيلٿ ڪيئر جي شعبي ۾ واڌ ٿي رھي آھي، جڏھن ته اسان جو ٽيڪسٽائل سيڪٽر سٺو ڪم ڪري رھيو آھي. ھلندڙ سال 21 بلين ڊالرز جو ايڪسپورٽ ھدف مقرر ڪيو آھي، جڏھن ته مٿئين سال 27 ارب ڊالرز مختص ڪيو ويو آھي.